صدر هاڻي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن ناهي، هو پاڪستان جو صدر آهي: وهاب

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار سنڌ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان جو صدر هاڻي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن ناهي ، هو پاڪستان جو صدر آهي، کيس پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي. رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ 23 مارچ تي هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت دڪاندار کاڌي پيتي جي شين جو مقرر اگهه تي وڪرو کي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ اهي شيون ضبط ڪري سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪيون وينديون ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، نه رڳو ڏنڊ پر کين سزائون به ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، منافعو وٺڻ ناقابل برداشت آهي، هو ڪالهه سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا بيريسٽر مرتضيٰ وهاب جو وڌيڪ چوڻ هو ته تازن ڏينهن ۾ بلاول ڀٽو دنيا جي سڀ کان وڏي دل جي بيمارين جي اسپتال جو پيڙهه جو پٿر رکيو. جوهر فلائي ۽ عوام لاءِ کوليو ويو، اسان خدمت تي يقين رکندا آهيون، مڪاني ادارن جي چونڊن جي صورتحال بابت هن چيو ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط موڪليو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ مخصوص سيٽن تي چونڊون نه ٿي سگهيون جنهن جي ڪري چيئرمين/وائس چيئرمين جون چونڊون ملتوي جو شڪار آهن ۽ مڪاني ادارن جا نمائندا حلف به نه کڻي سگهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن کي وٺي ڪري منافع خور فائدو کڻدا آهن ان جو نقصان عام ماڻهوءَ کي ٿيندو آهي، ماضي ۾ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جو طريقو بلڪل سادو هو، هن ڀيري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سموريون شيون سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪيون وڃن، قانون ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، دڪانن تي سخت ڏنڊ وڌو ويندو دڪان کي سيل ۽ اسٽالن کي ضبط ڪري سگهجي ٿو، ضبط ڪيل شيون نيلام ڪرڻ لاءِ آرڊيننس پاس ڪيو ويو آهي، ان آرڊيننس تحت پرائس انسپيڪٽر جا اختيار ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر کان علاوه 98 آفيسرن کي ڏنا ويا آهن، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن جي آفيسرن کي اهي اختيار ڏنا ويا آهن، هن قانون جي سيڪشن 5A ۾ اختيار ڏنو ويو آهي ته توهان قيمتون چيڪ ڪري سگهو ٿا ۽ شيون ضبط ڪري سگهو ٿا، ڪالهه مون پاڻ مختلف هنڌن جو دورو ڪيو، بچت بازارن ۾ قيمتون ڪنٽرول ڪيون ويون آهن پر انهن اگهن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي پاڪ ڪالوني ۾ مان عام ماڻهو ٿي ڪري ويم اتان جو ريٽ پڇيو ته ان 200 درزن ٻڌايو، ساڳئي وقت اهو مال ضبط ڪري سرڪاري ريٽ تي نيلام ڪيو ويو، اهو خوف اهم آهي، حڪومت هن معاملي ۾ ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون ڪيون پيون وڃن، شهرين کي گذارش آهي ته جيڪي ماڻهو سرڪاري اگهه تي سامان وڪرو نه ڪري رهيا آهن انهن جي شڪايت ڪن، اسان انهن سمورن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو هو ته اٽي جي مد ۾ ٻه، ٻه هزار روپيا ڏنا ويندا اها رقم 78 لک خاندانن ۾ بي آئي ايس پي پروگرام جي تحت ڏني ويندي اربع کان شروع ٿي ويندي پهرين فيز ۾ 38 لک ماڻهن کي رقم فراهم ڪئي ويندي بقايا 40 لک ماڻهن کي ٻه يا ٽئي اپريل کان رقم جي ادائيگي جو سلسلو شروع ٿي ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مشڪل حالات ۾ ماڻهو جلسن ۾ لڳل آهن ريليف جي ڪمن ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي عوام کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي ملي ڪري ويهڻ جي ضرورت آهي عمران خان نٿو چاهي ته ماڻهن جا مسئلا حل ٿين هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته جڏهن قومي اسيمبلي جي ميمبر کي گرفتار ڪيو پيو وڃي تڏهن عارف علوي کي خيال آيو ته خط لکئون ڇا اڄ ئي ان وٽ ليپ ثاپ آيو آهي اصول جي ڳالهه ته پوءِ سڀني لاءِ هڪ ٿيڻ گهرجي ڪنهن جي خلاف ڪوئي مقدمو آهي ته ڪارروائي ۾ ڪنهن کي روڙا اٽڪائڻ نه گهرجن ها بغير ڪنهن شڪايت جي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي عارف علوي پاڪستان جا ترجمان آهن پاڪستان جي ترجماني ڪرڻ گهرجي پي ٽي آئي جي نه، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي سپريم ڪورٽ جو اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان جيڪو فيصلو آيو هو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ گهرجن فيصلي جي مطابق جيڪڏهن نه ڪرائي سگهيا اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ته جلد کان جلد چونڊيون ڪرائڻون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو