صحافي قتل ڪيس جي مک جوابدار جي ضمانت منظور

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ڪيس ۾ ملوث مُک جوابدار ٽائون ڪاميٽي پڊعيدن جي چيئرمين شڪيل احمد راڄپر جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت پاران پوليس کي جاچ مڪمل ڪري ٻن ڏينهن اندر پڪو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم.

مقتول صحافي عللي شير راڄپر جي حياتي جي تصوير

اڄ دهشتگردي ٽور جي جج قاضي منظور جي عدالت ۾ شهيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ڪيس ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر جي وڪيل شمس الدين راڄپر ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر لاءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي ۽ پنهنجا دليل ڏنا ته ٽائون چيئرمين  کي ضمانت ڏني وڃي ان تي عدالت ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر کي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي پوليس کي ٻن ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري پڪو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو