محرابپور جي سينيئر صحافي عزيز ميمڻ کي چينل جي مائيڪ جي ڪيبل سان گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش لوڙهي ڇڏڻ جي خبر مون مٿان وڄ جيان ڪري ۽ ڏک جي ڪري اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا هڪ ڏينهن اڳ نوشھروفيروز جي هڪ بهترين عوامي اڳواڻ ايم پي اي محترمه شھناز انصاري صاحبه کي سرعام سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جنهن جو ڏک اڃان تازو هيو ته وري هڪ ورڪنگ جرنلسٽ عزيز ميمڻ جو ناحق قتل ڪيو ويو آھي سنڌ صحافين لاء مقتل گاه بنجي وئي آھي. رهزن ماڻھو سچ لکڻ جي پاداش ۾ صحافين کي قتل ڪندي دير ئي ڪونه ٿا ڪن عزيز ميمڻ کان اڳ نوشھروفيروز جي هڪ صحافي شھيد علي شير راڄپر کي پڻ قلم جو پورهيو ڪندي پريس ڪلب اندر قتل ڪيو ويو هيو پر افسوس پوليس جي ڪارڪردگي هڪ سواليه نشان بڻيل آھي حڪومت وقت جي پارٽي جي ايم پي اي جو سرعام خون ٿيڻ ۽ خون ٿيڻ کان اڳ ايس ايس پي نوشھروفيروز کي پوليس پروٽيڪشن لاء مرحومه ايم پي اي درخواست به ڏني پر ان کي پوليس اسڪواڊ نه ڏنو ۽ مرحومه بيدردي سان قتل ٿي وئي ۽ ايم پي اي صاحبه جي اصل قاتل کي اڃان تائين پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آھي. رولنگ پارٽي جي ايم پي اي ائين سرعام قتل ٿي وڃي ٿي ۽ قاتل گرفتار نه ٿا ٿين ته پوء عام ماڻھن جو ڇا ٿيندو؟ اهي ته بي موت مري رهيا آھن انهن جي خونن جو ته ڪٿي ڪيس به داخل نه ٿو ٿئي. صحافي عزيز ميمڻ اهو دلير صحافي هيو جنهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٽرين مارچ دوران هڪ خبر هلائي هئي ته بلاول جي استقبال لاء پ پ جي مقامي قيادت پئسا ڏئي ماڻھو گهرايا آھن ۽ ان خبر جي ڪري کيس ڌمڪيون پڻ مليون هيون ۽ ڌمڪين ملڻ خلاف هن ان وقت ايس پي نوشھروفيروز طارق ولايت ۽ ايم اين اي ابرار شاه خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو پڻ هنيو هيو لڳي ائين ٿو پيو ته هڪ سازش تحت ڪم ڪندڙن ماڻھن کي ماريو پيو وڃي انڌير نگري چرٻٽ راجه وارو قصو لڳو پيو آھي ڪير ڪنهن جي دانهن ٻڌي ئي نه ٿو پوليس خود ڏوهن ۾ ملوث آھي ته پوء آخر عوام جي حفاظت ڪير ڪندو ۽ اهڙيون دردناڪ ڪاروايون ڪري آخر ڪهڙو پيغام ڏنو ٿو وڃي ؟عزيز ميمڻ جا قاتل نروار آهن جن خلاف هن پاڻ پنهنجي حياتي ۾ نشاندهي ڪري ڇڏي هئي ته ڇا اڃا به ڪو ثبوت گهرجي؟
