ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي اچڻ سان گڏ پاڪستان شوبز جي مقبول ستارن به سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي مختلف پيغام ڏنا. 2019 جي اختتام تي 2020 لاءِ معروف اداڪارن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ماڻهن کي نئين سال جون مبارڪون ڏيڻ سان گڏ ان جي ايندڙ زندگيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. اداڪاره مايا علي پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته 2019 ان جي زندگيءَ جو بهترين سال رهيو هن اهو به چيو ته هي سال ان ڪري به خاص رهيو ته هن ڪجهه نوان رشتا بڻايا ۽ ڪجهه رشتا ختم به ٿي ويا. اداڪاره مداحن کي پيغام ڏنو ته نئين سال جو استقبال کليل دل سان ڪيو ڪنهن جي دل نه ٽوڙيو ۽ نفرتون نه ڦهلايو. همايون سعيد ڪعبت الله سامهون پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ نئين سال جي مبارڪ باد ڏيندي چيو ته هو هميشهه چاهي پيو ته هن ئي مقام تي نئين سال جو آغاز ڪيان ۽ اڄ ان جو خواب پورو ٿيو. علي ظفر نئين سال جي موقعي تي ڪجهه شعر تحرير ڪيا جيڪي هن مداحن کي به ٻڌايا ۽ چيو ته نئين سال جي موقعي تي انهن ماڻهن کي ضرور ياد رکو جيڪي توهان وٽ موجود ناهن. فيصلي قريشي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي مداحن کي ٻڌايو ته ان ڏينهن تي 16 ڪلاڪ گاڏي هلائي اسلام آباد کان ڪراچي پنهنجي گهر آيس. فهد مصطفيٰ به مداحن کي نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ پوءِ ياد ڏياريو ته ٽڪ ٽاڪ ايپ کان پري رهڻ گهرجي. گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي سال ماڻهن جي زندگين ۾ خوشيون، پيار ۽ سٺي قسمت کڻي ايندو. اداڪاره مهوش حيات پنهنجي هڪ اسٽائلش تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هو هن طرح سال 2020 ۾ قدم رکڻ پئي وڃي. ياسر حسين پنهنجي نئين نويلي ڪنوار سان گڏ تصوير شيئر ڪندي نئين سال جي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته اقرا عزيز به ياسر حسين سان گڏ تصوير شيئر ڪئي ۽ مداحن کي ڏنل پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته اميد آهي ته هن سال پنهنجن منصوبن کي پورو ڪنداسين.
