شهيد شاهنواز ڀٽو کي 36 هين ورسي تي خراج پيش

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو)پاڪستان پيپلز پارٽي پاران انقلابي اڳواڻ شھيد شاھنواز ڀٽو جي36 ورسي نھايت ۽ عقيدت احترام سان نئون ديرو ھائوس لاڙڪاڻو ۾ ملھائي وئي، تقريب بيگم نصرت ڀٽو ھال لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ سندس مغفرت جي دعا گھري وئي، تقريب جي اڳواڻي سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي صدر خير محمد شيخ ڪئي. تقريب کان بعد، پي ٽي آئي جي وزير علي امين گنڊاپوري پاران شھيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي ريلي نصرت ڀٽو ھال کان جناح باغ چوڪ تي پھتي جتي ڪارڪنن وفاقي وزير علي امين کي غُنڊاپور سڏيندي سندس پتلو ساڙيو ويو.

Photo Sindhyar

احتجاجي ڌرڻي ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جا عھديدار انور علي نواز لھر، وقار علي ڀٽو، سرفراز علي کوکر، آفتاب علي ڀٽو، علي گوھر سانگي، ڪامران علي اوڍاڻو، شير محمد لغاري، ماجد علي بروھي، ڊاڪٽر فورم جو اڳواڻ ڊاڪٽر افضل ابڙو، ليبر بيورو جو  اڳواڻ جاويد احمد منگي، ليڊيز ونگ جي صدر آمنا جمالي،  شبيرا جوکيو، ڊاڪٽر سڪينا گاد، يوٿ جا عھديدار سپاف جا عھديدار ليبر بيورو، ھاري ڪاميٽي، ڊاڪٽر فورم، انجنيئر فورم،  يونين ڪاميٽي جا صدور، جنرل سيڪريٽري، انفارميشن سيڪريٽري وارڊس جا صدور، جنرل سيڪريٽري، انفارميشن سيڪريٽري  ڪاميٽي ميمبران ، ايڪس چيئرمين ايڪس ڪائونسلر ، تاجر برادري، پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيالن، پارٽي جا ورڪر، توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو