شهباز کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون جي مذاق آهي،فواد چوڌري

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سڌ سماءَ واري وفاقي  وزير فواد چوهدري ن ليگ جي صدر شهباز شريف کي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مذاق آهي. هن چيو ته اهڙي طرح سندس فرار ٿيڻ بدقسمتي هوندو، شهباز شريف ان کان اڳ نواز شريف جي واپسي جي به ضمانت ڏئي چڪو هو، سوال اهو آهي ته شهباز شريف جي ان ضمانت جو ڇا ٿيو  هن چيو ته شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مشڪري آهي، ايترو تڪڙ ۾ ته پنچايت ۾ به فصلا ناهن ٿيندا. فواد چوڌري چيو ته فيصلي خلاف سمورا قانوني رستا اختيار ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو