شرجيل ميمڻ سڌسماءُ کاتي جي وزير طور حلف کڻي ورتو

شرجيل ميمڻ سڌسماءُ کاتي جي وزير طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نئين وزير کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ وااري حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي وقتي گورنر آغا سراج دراني شرجيل ميمڻ کان عهدي جو حلف ورتو،ترجمان موجب سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه تقريب ۾ اسٽيج تي موجود رهيو ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، گيان چند، سردار شاهه، اعجاز جکراڻي، صلاحڪار، خصوصي معاون، صوبائي سيڪريٽريز موجود هئا. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي تقريب جي ميزباني چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ڪئي سنڌ جي وڏي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صوبائي وزير طور حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو