شادي شدهه عورت جو مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) پير پسايو محلي جي رهواسڻ شادي شدهه ٽن ٻارڙن جي ماءُ مسمات گلزار خاتون صحافين آڏو دانهيندي الزام مڙهيو آهي ته سندس مڙس الهورايو شيخ جيڪو ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پروٽوڪول گاڏي جو ڊرائيور آهي ان پاران مون کي اتي ڪراچي ۾ رهائڻ دوران گذريل وڏي عرصي کان مسلسل تشدد جو نشانو بڻائيندو پيو اچي ۽ غلط ڪمن ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو هو جنهن کان تنگ ٿي مان گذريل ڏينهن سيٺارجا پنهنجي والدين جي گهر واپس آيس. گذريل رات منهنجو مڙس گهر ۾ داخل ٿي مون کي سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو ۽ ٻه پٽ پاڻ سان گڏ زبردستي وٺي هليو ويو آهي ۽ هڪ نياڻي هتي ڇڏيو ويو. هن چيو ته سندس اهڙي عمل بابت برادري جي ماڻهن کي دانهون ڏنيون پر ان جو سندس مٿان ڪوبه اثر ڪونه ٿيو ويتر مون کي ۽ گهر ڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته کيس کي مڙس مان جان جو خطرو آهي جنهن ڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ٻارڙا مون کي واپس ڪرائي ڏنا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو