سکر (ن
س) تعليم کاتي ساليانن امتحانن دوران ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪامي تي سکر ڊويزن جي مختلف
عالئقن جي پرائمري ۽ هاءِ اسڪولن جي 66 استادن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. وزير تعليم
جي هدايت تي تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر جمال الدين جلالاڻي جي صحيح سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو
آهي. معطل ٿيل 66 استاد ساليانن امتحانن دوران مختلف سينٽرز تي ايڪسٽرنلز، انٽرنلز
۽ انويجيليٽرز طور مقرر ٿيل هئا.
معطل ٿيل استادن ۾
پنوعاقل جو عدالقدوس بُلو، مشتاق احمد ڌاريجو، محمد حسين بُلو، عبدالعزيز، گهوٽڪي
جو محمد قاسم، عبدالشڪور ملڪ، صحبت علي مهر، رحمت الله ميراڻي، عطاءُ الله ڀيو ۽
استاد فياض احمد شامل آهن، جڏهن ته اوٻاوڙو ۾ مهتاب علي، سکر ۾ ذوالفقار علي،
روهڙي ۾ غلام رضا، منظور احمد، ڪُنب ۾غلام مصطفيٰ، قائد الدين سهتو، محمد يوسف ۽
علي محمد شنباڻي کي معطل ڪيو ويو آهي.تعليم کاتي طرفان گمبٽ ۾ استاد اشوڪ
ڪمار، رحيم بخش ميمڻ، جادو واهڻ ۾ ضمير احمد تنيو، ديهه سوهو ۾ ڪاظم حسين چنو،
تيمور علي خاصخيلي، خميسو خان گوپانگ، محمد ايوب بُگٽي، جاويد علي، جڏهن ته چونڊڪو
۾ استاد عبدالرزاق راڄپر، ڪامران علي شر ۽ عبدالمجيد ڏهر کي ڪاپي ڪرائڻ جي الزام ۾
معطل ڪيو ويو آهي. اُن کانسواءِ سکر ۾ استاد لطف الله قاضي، مهراڻ، کهڙا ۾
عبدالجبار ڪلهوڙو، هاءِ اسڪول ستابو ۾ استاد غلام مصطفيٰ، غلام شبير، ثناءُ الله،
هاءِ اسڪول آگرا ۾ عنايت حسين، ذوالفقار حسين ۽ مظهر علي شيخ کي معطل ڪيو ويو آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب امتحاني سينٽرز ۾ ڪاپي ڪرائڻ تي
هاءِ اسڪول سانگي ۾ نذير احمد ڀنڀرو، منظور حسين ميمڻ، ديدار حسين سيال، ڪنب ۾
محمد رمضان سولنگي، ٽنڊو مير علي ۾ رياض احمد، اوٻاوڙو ۾ امان الله قريشي، محمد
قاسم، کنڀڙا ۾ الله يار، ڪمون شهيد ۾ عبدالمجيد، سيٺارجا ۾ ذاڪر حسين منگي، جميل
احمد لغاري، علي خان شر، غلام قادر سانگي، محمد پڃل، ڪرم الله سهتو، محمد اسلم،
جڏهن ته سڳيون ۾ استاد قادر بخش، گمبٽ ۾ الهه بخش ميمڻ، بچل ڀنڀرو ۾ صيفل سولنگي،
عبيد الله سهتو، هڱورجا ۾ محمد يوسف ڀٽو، غلام اڪبر سهتو، جميل احمد، عبدالجبار ۽
رسول آباد ۾ استاد بخش علي راهو کي ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪامي توڙي ڪاپي ڪرائڻ جي
الزام ۾ معطل ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو