سکر (جئيرام داس) سکر پوليس ضلعي شڪارپور جي علائقي خانپور ۾ عيدگاھ اندر بم ڌماڪو ڪندڙ مک دهشتگرد گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ سکر پوليس ترجمان ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو بيان جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سکر جي تماچاڻي ٿاڻي جي حدن ۾ واقع اسپورٽس ڪمپليڪس ڀرسان سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪاروائي ڪئي, ڪاروائي دوران ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو, مقابلي دوران سي ٽي ڊي پوليس جي جوانن شڪارپور ضلعي جي خانپور عيدگاھ ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي مک جوابدار حسين بخش عرف ملان محد بخش بروهي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بم ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ بارود, ڊيٽونيٽر, تار, هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آھي. گرفتار دهشتگرد سال 2016 ۾خانپور عيدگاه ۾ ٿيل بم ڌماڪي جو مرڪزي ڪردار ۽ لشڪر جهنگوي جي عبدالله بروهي ۽ حفيظ بروهي جو ويجهو ساٿي آھي. وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.










