نصير ميمڻ
20هين جون جي ڏهاڙي سکر بئراج جو 47هون دروازو پاڻي ۾ لڙهي ويو ۽ 44هين نمبر دروازي کي به نقصان پهتو، جڏهن سنڌو درياهه ۾ سکر بئراج وٽ وهڪرو فقط 96 هزار ڪيوسڪ هو. ان واقعي کانپوءِ آبپاشي کاتو هڪدم چُرپُر ۾ اچي ويو. وزير ۽ صوبائي سيڪريٽري سکر ۾ ڪئمپ ڪري صورتحال کي سڌارڻ جا جتن ڪرڻ لڳا. صوبي اندر ان واقعي تي بحث شروع ٿي ويو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. اڪثر ماڻهن ان کي حڪومت اندر ڪرپشن ۽ لاپرواهي سان ڳنڍيو ته ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي انجنيئرنگ وارا خيال ونڊيا.
بئراج، آبپاشي انجنيئرنگ جو انتهائي ڏکيو اسٽرڪچر هوندو آهي. ان جي نه رڳو ڊزائن ڏکيو ڪم آهي پر ان جي اڏاوت، نظرداري ۽ انتظامڪاري (مئنيجمينٽ) سڀ نهايت ئي ڏکيا ڪم آهن. ياد رهي ته سکر بئراج دنيا جي وڏن آبپاشي نظامن مان هڪ آهي، جنهن جي ڄمار هڪ صديءَ جيتري آهي. اهڙين وڏين آبپاشي رٿائن ۾ وقت بوقت فني ۽ انتظامي مسئلا پيدا ٿيڻ اڻٽر عمل آهي. البته اهڙن واقعن کي سمجھڻ ۽ سکڻ انتهائي ضروري آهي. انجنيئرنگ ۾ اسٽرڪچر جي فيل ٿيڻ کي انجنيئرنگ جي ڪاميابي قرار ڏنو ويندو، ڇو ته ان مان سکي، ان جي ورجاءُ کان بچڻ جو موقعو ملندو آهي.
بئراج جو وڏو دروازو ٽُٽڻ ڪو رواجي فالٽ ناهي هوندو. اهڙو اسٽرڪچر ڪو اوچتو ڦهڪو ناهي ڪندو. ان جي پٺيان يا ته ريگيوليشن جي ڪمزوري هوندي يا نظرداري/چڪاس/سارسنڀال ۾ ڪوتاهي هوندي آهي، خاص طور تي تڏهن جڏهن پاڻي جو وهڪرو رواجي هجي. هاڻي جڏهن آبپاشي کاتي سينئر انجنيئرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي آهي ته اميد ڪجي ته ان ڪميٽي جي رپورٽ انهن پاسن کي وائکو ڪندي. البته گيٽ جي ڪِرڻ جي فني پاسن کي جانچڻ لاءِ وڌيڪ گهري اسٽڊي جي ضرورت پوندي، جيڪا بئراج جي سائنس ۽ اسٽرڪچرز جي فني ڄاڻ رکندڙ ڪنهن ڪنسلٽنگ فرم کان ڪرائڻ گهرجي.
سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ آبپاشي اٿل واهن وسيلي ٿيندي هئي. صوبي ۾ سراسري طور گھٽ مينهن (100 ملي ميٽر ساليانو) پوڻ سبب اتي باراني زراعت تي ڀاڙڻ مشڪل هو، ڇو ته گرم ۽ خشڪ آبهوا سبب پاڻي جو ٻاڦجڻ جو عمل تيز هوندو آهي. سر وسويسوريا (SIR M. VISVESVARAYA) ۽ نواب علي نواز جُنگ بهادر جي دستاويز REPORT ON THE LLOYD BARRAGE AND CANAL PROJECT IN SINDH 1929 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ جيترو مينهن وسي ٿو، ان مان صوبي جي رڳو 10 سيڪڙو زمين آباد ٿي سگهي ٿي، باقي زمين آباد ڪرڻ لاءِ آبپاشي سرشتي جي ضرورت پوندي. 1847ع ۾ ڪرنل والٽر اسڪاٽ سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ درياهه مٿان پاڻي روڪ وارو اسٽرڪچر ٺاهڻ جي رٿ ڏني. 1872ع ۾ روهڙي کان حيدرآباد ڏانهن واهه کوٽڻ واري رٿا سامهون آئي، جنهن تي ڪافي عرصي تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. 60 ورهين تائين سکر وٽ پاڻي ڪنٽرول ڪرڻ جي رٿا تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. 1904ع ۾ ڊاڪٽر ٽي سمرس (DR. T. SUMMERS) ان رٿا کي ٻيهر بحث هيٺ آندو ۽ بمبئي سرڪار به ان بابت سنجيدگيءَ سان ويچار شروع ڪيو. 1906ع ۾ انڊيا سرڪار سر جان بينٽن (SIR JOHN BENTON) کي سنڌ موڪليو ته صوبي ۾ سدا واهه آبپاشي نظام کي ممڪن بڻائڻ بابت جائزو وٺي. کانئس پوءِ سر مائيڪل نيدرسول ۽ سر ٿامس وارڊ پڻ ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪئي. سنڌ جي پاڻي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ ٽن هنڌن تي بئراج اڏڻ جو سوچيو ويو. انهن ماڳن ۾ مٺڻ ڪوٽ، سکر يا سيوهڻ، ڪوٽڙي يا جھرڪ شامل هئا. گھڻي خرچ سبب ڪنهن هڪ هنڌ تي اهڙي اڏاوت جو فيصلو ڪيو ويو. 1910ع ۾ بمبئي سرڪار سکر وٽ سوڙهي لنگهه مٿان هڪ بئراج ۽ روهڙيءَ وٽان هڪ واهه جي رٿا پيش ڪئي. بمبئي جي گورنر ان ڏس ۾ آمريڪي ماهرن کان صلاح وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
بمبئي سرڪار شروع ۾ ان رٿا جي لاڀائتي ٿيڻ بابت مطمئن نه هئي. بهرحال 1916ع ۾ سروي ڪيو ويو ۽ هڪ نظرثاني ٿيل رٿا تيار ڪئي وئي. رٿا جي خرچ جو ڪاٿو 18 ڪروڙ، 35 لک رپيا لڳايو ويو، جنهن ۾ سروي جي رقم شامل نه هئي. 9 جون 1923ع تي بمبئي قانون ساز اسيمبلي ان رٿا جي منظوري ڏني. پهرين جولاءِ 1923ع تي رٿا جو ڪم شروع ڪيو ويو، جڏهن ته اڏاوتي ڪم 1927ع ۾ شروع ٿيو. ان رٿا کي پاڻي جي سطح 194.5 فوٽ رکي ڊزائين ڪيو ويو. ان دوران سنڌو درياهه ۾ وڏي ٻوڏ 1914ع ۾ آئي هئي، جنهن جو وهڪرو 9 لک 49 هزار ڪيوسڪ هو. ان کي نظر ۾ رکندي سکر بئراج کي 15 لک ڪيوسڪ تي ٺاهيو ويو. ان مقصد لاءِ 60 فوٽن جي ڊيگھ وارا 66 دروازا ٺاهيا ويا. بئراج جي ڪل ڊيگھ 1.4 ڪلوميٽر آهي. پٿر سان ٺهيل اسٽرڪچر ۾ آر سي سي جا ڪماني لنگهه ڏنا ويا. سنڌ جي هن شاهڪار رٿا کي 1932ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. سنڌ جي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو زرعي زمين سکر بئراج وسيلي آباد ٿئي ٿي. هن بئراج مان کاٻي ڪَپَ تي 4 ۽ ساڄي ڪَپَ تي 3 واهه نڪرن ٿا، جيڪي سنڌ جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکن ٿا. انهن واهن تي لڳ ڀڳ 80 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي ۽ ان جي سالياتي اُپت جو ڪاٿو 2.3 ارب ڊالر آهي. هن بئراج جي وسيلي سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ ڪيئن وڏو ڇال آيو، ان تي ڪيترائي ڪتاب ۽ رپورٽون موجود آهن. ان ڏس ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران DANIEL HAINES جو ڪتاب BUILDING THE EMPIRE, BUILDING THE NATION پڙهڻ وٽان آهي.
سکر بئراج ٺهڻ وقت ئي ان ۾ فني مسئلا پيش اچڻ لڳا هئا. 1940ع ۾ ان جي ڊزائين ۾ تبديلي ڪري ساڄي پاسي وارا 10 دروازا بند ڪيا ويا ۽ پاڻيءَ هيٺ زمين ۾ پوريل هڪ دِڪو به ٺاهيو ويو. ان جي نتيجي ۾ بئراج جي صلاحيت 15 لک مان گھٽجي 9 لک ٿي وئي. تڏهن کان هن بئراج مان 11 سپر فلڊس يعني وڏيون ٻوڏون لنگهيون آهن، جن جو وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ هو. 2010ع ۾ سکر بئراج وٽان 11 لک، 31 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو گذريو. ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن ٽوڙيءَ وٽان بند کي ٽُڪو نه ڏنو وڃي ها ته سکر بئراج ٻوڏ جي سَٽَ سهي نه سگهي ها. ان کان اڳ سکر وٽا وڏي ۾ وڏو وهڪرو 1976ع ۾ 11 لک 66 هزار ڪيوسڪ جو لنگهيو هو. ان لحاظ کان ڏسجي ته ڏهاڪن کان سکر بئراج پنهنجي ڊزائين ڪيل صلاحيت کان به وڏا وهڪرا سنڀاليندو رهيو آهي.
بئراج جو دروازو ٽُٽڻ وارو هي واقعو پهرين ڀيرو پيش ناهي آيو. 19هين ۽ 20هين ڊسمبر جي رات 1982ع ۾ صبح جو پنجين وڳي 31هون نمبر دروازو وڏي ڌماڪي سان ڪريو ۽ هيٺ ويهي ويو. دروازي جي چادر پرزا ٿي وئي ۽ مٿيون گرڊر به ٽُٽي پيو. ان واقعي بابت 50 کن صفحن تي ٻڌل آر اي ميمڻ جي رپورٽ FAILURE OF SUKKUR BARRAGE GATE NO. 31 AND REPLACEMENT PROGRAM STUDY ۾ تمام تفصيلي ٽيڪنيڪل ڄاڻ ڏنل آهي. جيتوڻيڪ بئراج جي اصل پانڊ ليول (پاڻي جي مٿانهين سطح) 194.5 فوٽ رکيل هئي پر واهن ۾ پاڻي جي گهرج وڌڻ سبب ان جي سطح وڌائي 198.4 فوٽ ڪئي وئي. ان سان دروازن تي پاڻي جو دٻاءَ اڻٽر هو. بئراج جي دروازن ۾ عام طور تي اڌ انچ ٿُلهي اسٽيل جي چادر استعمال ٿيندي آهي. انهن دروازن کي اسٽيل جي تار وسيلي لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو آهي، جنهن لاءِ بجلي وسيلي لاءِ هٿ سان هلندڙ گيئر باڪس استعمال ٿيندو آهي. 31هون دروازو ٽُٽڻ وارو واقعو ڊسمبر مهيني ۾ پيش آيو، جڏهن سياري جو وهڪرو تمام گھٽ هوندو آهي. سالياني مرمت لاءِ بئراج ۽ واهه ڪجهه ڏينهن لاءِ بند ٿيڻا هئا، ان کي ڪجهه ڏينهن اڳواٽ بند ڪيو ويو. 15 ڏينهن اندر دروازو تبديل ڪرڻ جو رٿيو ويو، جنهن وقت 7-6 فوٽ پاڻي وهي رهيو هو. 40 ٽن وزن کي سنڀالڻ لاءِ نيوي کي ٻيڙي آڻڻ جو چيو ويو. ڪراچي شپنگ ڪارپوريشن کان سکيا ورتل ويلڊر، فورمين ۽ ٻيو عملو ورتو ويو. بئراج جا بند ٿيل دروازا رڳو 3 سال کن استعمال ٿيل هئا ۽ نوان هئا. ان مان هڪ دروازو ڪڍي، 31هين دروازي کي ڪٽي اتي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڏينهن رات ڪم ڪري ٻن هفتن اندر اهو دروازو بدلايو ويو.
ان واقعي جي فني جاچ شروع ۾ نيسپاڪ کي ڏني وئي ۽ بعد ۾ برطانيا پاران ڪنسلٽنسي ۽ سمورن دروازن کي تبديل ڪرڻ لاءِ مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو. اها ڪنسلٽنسي ۽ ڪم اصلوڪا دروازا ٺاهيندڙ ڪمپني ايم مڪڊونلڊ اينڊ پارٽنرز ۽ نيوٽن چيمر لميٽيڊ کي ڏني وئي هئي. انهن سيپٽمبر 1983ع ۾ دروازن جي شروعاتي چڪاس ڪئي ۽ جنوري 1984ع ۾ پاڻي جي بنديءَ کانپوءِ تفصيلي چڪاس ڪئي. ان چڪاس مان معلوم ٿيو ته دروازن کي ڪَٽُ (زنگ) لڳڻ سبب انهن جي سگهه گھٽجي چڪي هئي. دروازن جون چادرون ۽ گرڊر سڀ کان وڌيڪ ڪٽجي چڪا هئا. دروازا ڇڪيندڙ اسٽيل جي تارن ۾ گاٺ ٿي چڪي هئي پر اهي ڪم هلائڻ جھڙيون هيون. پاڻيءَ جي ڇڪ ۽ دٻَ واري دٻاءَ کي برطانوي معيارن تي جانچڻ کانپوءِ ماهرن نتيجو ڪڍيو ته دروازي ڪرڻ جو سبب ان کي ڪَٽُ (زنگ) لڳڻ هو. ان جي ڪجهه حصن کي ته 30 سيڪڙي کان وڌيڪ ڪَٽ لڳي چڪي هئي. اڳتي هلي 1988ع ۾ ان جا دروازا تبديل ڪيا ويا.
اهو واقعو به ڪو سکر بئراج جي فني مسئلن جو پهريون واقعو نه هو. 1949ع ۾ جڏهن بئراج کي هلئي مَس 17 ورهيه ٿيا هئا ته ان جي ٿنبن (PIERS)۾ ڏار پيا هئا. بئراج جي اڏيندڙ سر آرنرلڊ مَسٽو جي نگراني ۾ بئراج جي مٿئين پاسي کان ٿنڀن کي آر سي سي جو تهه ڏياريو ويو ته جيئن اهي پاڻي جو دٻاءُ سهي سگهن. مارچ 1956ع ۾ مرمت ڪيل ٿنبن ۾ وري ڏار پئجي ويا، دروازن جي ڪمانن (ARCHES) جي به حالت خراب ٿيڻ لڳي هئي، اهي مسئلا لڳاتار هلندا رهيا. 2004ع ۾ ساڄي پاسي بنيادن کي هنگامي طور تي مرمت جي ضرورت پيش آئي هئي. ائين به ناهي ته فني مسئلا رڳو سکر بئراج سان پيش اچن ٿا. پنجاب تونسا بئراج 1958ع ۾ (سکر بئراج کان 26 سال پوءِ) ٺهيو. ٺهڻ شرط ان ۾ مسئلا ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1959ع کان 1962ع وچ ۾ ان کي وڏي سطح تي مرمت جي عمل مان گذرڻو پيو پر پوءِ به ان جا مسئلا حل نه ٿيا. 1966ع ۽ 1973ع فني ماهرن جون ڪميٽيون ٺاهيون ويون. نيٺ نوبت اتي اچي پهتي جو جاپان حڪومت کان 12 ڪروڙ ڊالر اوڌر کڻي 2005ع کان 2008ع وچ ۾ ان جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو.
ساڳي طرح هن وقت ورلڊ بينڪ جي قرض وسيلي سنڌ ۾ بئراجن جي بحالي جي هڪ رٿا سنڌ بئراجز امپروومينٽ پروگرام جي نالي سان هلي رهي آهي، جنهن ۾ پڻ سکر بئراج جي بحالي وارو ڪم شامل آهي. ان ڪم جي فزيبلٽي ۾ بحالي وارن ڪجهه ڪمن جي نشاندهي ڪئي وئي. ان ۾ دروازن مان ٻوڏ جا وهڪرا ڪڍڻ واري صلاحيت کي بحال ڪرڻ، ساڄي ۽ کاٻي پاسي واهن ۾ پاڻي ڇڏڻ وارن هنڌن تان 15 لک ٽن لَٽَ ڪڍڻ، ساڄي ڪَپَ واري واهن مان 42 لک ٽن لَٽَ ڪڍڻ، مدي خارج اوزارن جي تبديلي، بجلي وارو نظام، ڪجهه ڪمانن (ARCHES) ۽ ٿنبن جي مرمت ۽ دروازن جي اونچائي 2 فوٽ وڌائڻ جھڙا ڪم شامل آهن. فزيبلٽي موجب اهي ڪم ڪرڻ سان بئراج هاڻوڪي 9 لک ڪيوسڪ واري ٻوڏ بجاءِ 12 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ به گذاري سگهندو.
بئراج جي بحالي واري هلندڙ ان رٿا دوران هڪ دروازي جو ڦهڪو ڪرڻ ڳڻتيءَ واري ڳالهه آهي. خاص طور تي ان صورتحال ۾، جڏهن چوماسي جي وڏن مينهن جي اڳڪٿي موجود آهي. ملڪ جي اترين علائقن ۾ رواجي کان وڌيڪ گرمي پد جي به اڳڪٿي آهي، جنهن سان وڌيڪ برف رجھڻ سبب وڏا وهڪرا درياهه ۾ لهڻ جا امڪان پڻ آهن. انهن حالتن ۾ ته بئراج تي وڌيڪ ڪَرڙي اَک رکڻ جي ضرورت آهي. آبپاشي کاتي ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ۽ انتها درجي جي نااهليءَ جي نتيجي ۾ کاتي جي اندر مجموعي طور تي انتظامڪاري ۽ معيار جو زوال ٿيو آهي. ان جي نتيجي ۾ هن قسم جا واقعا پيش اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ جيئن ته کاتي اندر سختيءَ واري چڪاس، مانيٽرنگ ۽ پڇاڻي وارو سرشتو ختم ٿي چڪو آهي، تنهنڪري ايندڙ وقت ۾، ايندڙ سالن ۾ اهڙا يا ان کان وڌيڪ سنگين بدانتظاميءَ جا واقعا پيش اچڻ کي رد نٿو ڪري سگهجي. هڪ اهم سوال اهو آهي ته ڇا هن سال معمول جي سالياني بنديءَ وقت دروازن جي ظاهري ۽ اندروني سگهه بابت ڪا چڪاس ڪئي وئي هئي؟ ڇا بئراج کي سنڀاليندڙ عملو ان جي ريگيوليشن جي مول متن تي پوري طرح عمل ڪري رهيو آهي؟ ڇا 47هون دروازو ڪِرڻ کانپوءِ باقي دروازن جي سلامتيءَ جو ڪو جائزو ورتو پيو وڃي؟ مٿان ايندڙ برساتن ۽ ٻوڏن وارين مُند ۾ ان واقعي سبب سنڌ ۾ وڏي ڳڻتي آهي، جنهن لاءِ آبپاشي کاتي کي تُرت اُپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي.
هي آرٽيڪل روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو