نوشهروفيروز(ن س) سڌوجا ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڊمپرجي ڪار کي هنيل ٽڪر ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ ٻه ٻار، ٻه مرد ۽ ٽي عورتون شامل آهن. غلام محمد جانوري ۽ علي احمد جانوري پنهنجي والد جو لاش لقمان خيرپور کڻي پئي ويا ته حادثو پيش آيو. ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. ريسڪيو 1122 وارن قانوني ڪاروائي بعد سڀني فوتين جا مڙهه خيرپور روانا ڪيا. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي متاثره خاندان جي مدد جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسين متاثره خاندان سان غم ۾ شريڪ آهيون.










