سڄي ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ معمولي واڌ

سڄي ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ معمولي واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.53 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.شماريات واري اداري موجب پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح 30.60 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.رپورٽن مطابق هڪ هفتي دوران ٽماٽا، پياز، آلو ۽ مٽيءَ سميت 21 ضروري شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي. شماريات بيورو پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 9 ضروري شيون سستيون ٿي ويون جڏهن ته 21 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو