سپرهٽ پنجابي فلم “مولاجٽ” بابت قانوني جنگ

لاهور ( م ڊ ) ماضي جي سپرهٽ پنجابي فلم “مولاجٽ” هڪ دفعو ٻيهر خبرن جي زينت بڻي آهي پر هن دفعي مسئلو آهي فلم جي “انٽلڪچوئل رائٽس” يعني دانشورانه حقن جو. ٽيهه سال پراڻي فلم ساڳئي نالي ۽ اڪثر پراڻن ڊائلاگز سان نئين اندا۾ پيش ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. بلال لاشاري نئين ڪاسٽ سان فلم تيار ڪئي آهي. جنهن تي 1979 ۾ ٺاهيل فلم جي پروڊيوسر سرور ڀٽي جي فرزند متقي سرور اعتراض ڪندي لاهور هاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته نئين فلم جي نمائش روڪي وڃي. متقي سرور جو چوڻ آهي ته بلال لاشاري غير قانوني طور فلم ٺاهي آهي جيڪا نمائش لاء پيش نه ٿيڻ گهرجي. پراڻي فلم مولا جٽ جا مرڪزي ڪردار مرحوم سلطان راهي ۽ مصطفي قريشي هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو