محمد اسماعيل لانگاھ
پاڪستان چين دوستي هيئنر پوري دنيا اندر لازوال دوستي جي مثال بڻجي وئي آهي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ائٽمي, اقتصادي, معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ ٿيندڙ ويجهڙائي جتي پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي اتي دنيا جي سپر پاور ملڪ آمريڪا جون به ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ طاقت کي ڏسندي آمريڪا, آمريڪا نيٺ پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۾ ڏار وجهڻ لاء بيان ڏيڻ کان رهي نه سگهيو آمريڪا جنهن هميشه پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي تنهن کي پاڪستان جي دوستي جو ايترو قدر هاڻي ڇو ياد آيو
گذريل ڇنڇر ڏينهن آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هلندڙ سي پيڪ منصوبي تي خدشا ظاهر ڪندي پاڪستان سان اظهار محبت جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو ته سي پيڪ معاهدو چين پاڪستان سان پنهنجي مفادن خاطر ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌندي نيچ ڪم تي چين پنهنجا ماڻھون لڳائيندو سي پيڪ کان وڌيڪ آمريڪا وٽ اهڙا منصوبا موجود آھن جنهن سان پاڪستان ۾ بيروزگاري ختم ۽ ترقي جي شرح ۾ واڌارو ٿيندو ڏکڻ ۽ وچ ايشيا واري لاء آمريڪي ايلچي ايلس ويلز جي اهڙي بيان بعد ٽنهي ملڪن اندر اعلي سطحي بيانن جي ڏي وٺ جاري ٿي وئي آهي آمريڪي بيان تي چيني عملدارن پنهنجي موئقف ۾ چيوته پاڪستان ۽ چين جي دوستي دنيا لاء پريشانين جو باعث بڻجي وئي خاص ڪري آمريڪا لاء ۽ پاڪستاني عملدارن پنهنجي بيان ڏئي چڪو آهي ته سي پيڪ امداد نه بلڪ سيڙپڪاري آهي پاڪستان جي پرڏيهي قرضن سبب معيشت ۽ معاشي ترقي سخت گهوٽالي جو شڪار هئي, واپاري خسارو خطرناڪ حد تائين وڌي وڃڻ مهل چين مشڪل وقت ۾ چين کان 18 ارب ڊالر ورتا، سي پيڪ تحت پاڪستان تي 4.9 ارب ڊالر قرض آهي، هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي ۾ فرق اچڻ جو تاثر غلط آهي پاڪستان ۽ چين جي دوستي ڪنهن جي خلاف ناهي پاڪستان آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ڪنهن ڇڪتاڻ جو حصو نه بڻجندو جولاء 2013 ع دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 61ارب 96 ڪروڙ ڊالر جي ڪٿيل رقم سان اقتصادي راهداري( سي پيڪ) نالي منصوبي تي دستخط بعد جڏهن کان ان تي عمل شروع ڪيو آهي تڏهن کان آمريڪي حُڪمرانن جي ننڊ حرام ٿي وئي آهي ان منصوبي تحت پاڪستان اندر 22 ترقياتي ۽15 توانائي جا منصوبا شامل ٿيل آهن, ان رٿا ۾ چين جا تقريبن ساڍا 9 هزار ماڻھو ڪم تي لڳايا ويا آهن جن ۾ انجنيئر, سرويئر, ماهر شامل آهن جنهن ۾ ريلوي,ٽرانسپورٽ بندرگاهن , اقتصادي ۽ معاشي جڳهن سميت ٻين هنڌن تي ڪم ڪيو ويندو ان منصوبي جيتڪميل ٿيڻ کانپوء چين ۽ پاڪستان ٻنهي کي اربين ڊالرن جو فائدو پهچندو جنهن ۾ اهم سبب آهي فضائي رستن بجاء زميني سفر ذريعي ملڪن جو رابطو بحال ٿي ويندو پر تازو آمريڪي عملدارن جي پاڪستان سان همدردي واري بيان کانپوء چين ۽ پاڪستان ٻنهي طرفان آمريڪي همدردي کي وقت جي تقاضائن جو بيان قرار ڏنو ويو آهي جڏهن پاڪستان بيرون ملڪ ۽ آء ايم ايف جي قرض واري ڄار ۾ ڦاٿل هو تڏهن آمريڪا کي همدردي ياد نه هئي 72 سالن کانپوء آمريڪي حڪمرانن پاڪستان جي بهتر اقتصادي, معاشي, ترقي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاء نئون ۽ نادر منصوبو تلاش ڪيو سو هن جي خواهش آهي ته پاڪستان سي پيڪ معاهدو ترڪ ڪري کين پاڪستان کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻ آمريڪا جو اولين فرض آهي, ڀلا ڏسجي ته پهرين پاڪستان سان ڪهڙيون دوستيون ملهائجي سگهيون آهن جو هاڻي کين پاڪستان جي ڪمزورين کي سگھ بخشي سگهبي عالمي مبصرن مطابق سي پيڪ اهو معاهدو آهي جنهن سان ٿوري وقت اندر پاڪستان لاء ترقي جون سڀ راهون هموار ٿي اينديون بس اهو تڏهن ٿيندو جڏهن هن منصوبي کي پايا تڪميل پهچائڻ جو ارادن کي اٽل ڪيو وڃي
هن وقت پاڪستان لاء مجموعي ملڪي قرض جو 6 سيڪڙو آهي ,پر اهو قرض بجاء قرض هئڻ کانپوء به ترقي جو سبب بڻجندو سي پيڪ ۾ وڌيڪ ماليت توانائي منصوبن جي آهي جيڪي آءِ پي پي موڊ تي آهن، انفراسٽرڪچر جي منصوبن جي ماليت 5.8 ارب ڊالر آهي جيڪي ڊگهي مدي وارا آهن ايلس ويز جي بيان هڪ طرف پاڪستان کي پريشان ڪيو ته ٻئي طرف چين کي به چيڙائي وڌو چيني سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي مفاد ۾ آهي چين سياسي مقصدن يا مخصوص حڪومتن کان مٿانهون ٿي هميشه پاڪستان جي مدد ڪئي آهي چين پاڪستان کي ڪڏهن به مشڪل گهڙي ۾ نه ڇڏيو آهي ۽ نه ڇڏيندو جيڪڏهن اسان پاڪستان کي قرض ڏنا آهن ته اهي مشڪل حالتن ۾ ريڪوري جو ڪوبه ارادو نه آهي جڏهن 2013ع ۾ پاڪستان ۾ توانائي جو سخت بحران هو ۽ چين ملڪ ۾ پاور پلانٽ لڳائي رهيو هو ته ان وقت آمريڪا ڪٿي هو، آمريڪي ڪمپنين ان وقت اتي پاور پلانٽ ڇو نه لڳايا آمريڪا پاڪستان کي امداد پنهنجي سياسي ترجيحن جي بنياد تي معطل ڇو ڪئي چين جي دنيا اندر ڦھلجندڙ خاموش ترقي آمريڪا کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي تڏهن آمريڪي اختيارين وڃي اکيون کوليون جڏهن کين سڀ ڪُجھ هٿان نڪرڻ شروع ٿيو آهي, پاڪستان اندر غربت,بک, بيروزگاري, بجلي بحران قرضن جا بار هميشه آمريڪي غلامي جي غلبي هيٺ رهيو جائز ناجائز ڪمن کي لبيڪ چوندو رهيو پراين جنگين ۾ ڦاسائيندو ۽ قرضدار بڻائيندو رهيو هيئنر چين جي پاڪستان سان ٿيندڙ ويجهڙائي سان جيترو نقصان آمريڪا کي پهچندو شايد ڪنهن ٻئي کي نه, هن جا جيڪا منصوبا هئا سڀ اڌورا رهجي ويندا, پهرين ته ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت آهن ۽ ٻئي طرف پاڪستان ۽ چين جا دشمن ملڪ آمريڪا جا گهاٽا دوست آھن آمريڪا هميشه کان وٺي انهن ڪوششن ۾ رُڌل رهيو آهيو ته چين ۽ پاڪستان جي ويجهڙائي کي ٽوڙيو وڃي ۽ھاڻي هو بلڪل اهڙن هٿڪنڊن ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي پيو تڏهن هن کي هاڻ همدرديون ۽ دوستيون ياد اچي رهيو آهن جيڪڏهن چين ۽ پاڪستان راهداري منصوبي کي مڪمل ڪري وٺن ٿا پوء پاڪستان کي آمريڪي غلامي مان هميشه آزادي ملي ويندي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿي پونداسين