سياحتي ۽ ثقافتي ماڳ هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن عيد جي موڪلن دوران سياحتي ماڳن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پنجاب ۾ 8 کان 16 مئي تائين مري ۽ پنجاب جا سمورا سياحتي ماڳ بند رهندا. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار  شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو مري يا ٻين هنڌن جو رخ نه ڪن. هن چيو ته سياحتي ماڳن کي عوام جي زندگين جي تحفظ لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شهري ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪن. ان کان علاوه لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان سميت سموري پنجاب ۾ اٺ مئي کان مڪمل لاڪ ڊائون هوندو.صوبي ۾ هر قسم جي پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند رهندي. شهرن جي اچڻ وڃڻ وارن رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وينديون. جتي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوج جا جوان مقرر هوندا. هوڏانهن سنڌ حڪومت به  صوبي جا سمورا سياحتي ماڳ هڪ هفتي جي لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اٺ مئي کان پندرنهن مئي  تائين سياحتي ماڳ بند رهندا. ان حوالي سان وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سعيد عني، ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته عيد جي ڏينهن دوران هاڪس بي، سي ويو، ڪينجهر جهيل، مڪلي، گورک هل اسٽيشن ۽ موهن جو دڙو سميت صوبي جا سمورا ٻيا هنڌ هڪ هفتي جي لاءِ بند رهندا. جڏهن ته آچر کان عيد جي موڪلن تائين وڌيڪ سختيون ڪيون وينديون .

پهنجو تبصرو موڪليو