لنڊن (ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا جو حد کان وڌيڪ استعمال نوجوانن ۾ مايوسي ۽ ڊپريشن جهڙن مسئلن جو سبب بڻجي رهيو آهي. ورلڊ هيپينيس رپورٽ بابت تبصرو ڪندي يو ايس سرجن جنرل ڊاڪٽر ويويڪ مورٿي چيو ته ٻارن کي سوشل ميڊيا جي اجازت ڏيڻ ائين آهي جيئن کين غير محفوظ دوائن جو استعمال ڪرايو وڃي. هن چيو ته سموري دنيا جي حڪومتن طرفان سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ ۾ ناڪامي ناقابلِ يقين آهي. واضح رهي ته ورلڊ هيپينيس رپورٽ موجب، سموري دنيا ۾ 15 کان 24 سالن جي عمر وارن ماڻهن ۾ مايوسي جو احساس وڌي رهيو آهي. رپورٽ ۾ نوجوانن جي مايوسي ۽ ڊپريشن وڌڻ جي سبب تي روشني ته ناهي وڌي وئي پر يو ايس سجرن جو خيال آهي ته ان جو ڪارڻ نوجوانن جو حد کان وڌيڪ سوشل ميڊيا تي وقت گذارڻ آهي. هن هڪ تحقيق جو حوالو پڻ ڏنو جنهن موجب، آمريڪي نوجوان سراسري طور روز اٽڪل پنج ڪلاڪ تائين سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن ٿا. ڊاڪٽر ويويڪ مورٿي چيو ته هو اهڙي ڊيٽا جي اوسيئڙي ۾ آهي جنهن سان ثابت ٿئي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ محفوظ آهن. هن اهڙي قانونسازي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته جنهن سان نوجوانن کي سوشل ميڊيا سبب ٿيندڙ نقصان کان بچائي سگهجي . ياد رهي ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون ورهين کان تنقيد جي زد ۾ آهن ڇو ته انهن کي نوجوان نسل جي ذهني صحت وارن مسئلن جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي. 2021ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ فيسبوڪ جي اندروني دستاويزن جو حوالي سان ٻڌايو ويو ته انسٽاگرام استعمال ڪندڙ 32 سيڪڙو ناريون پنهنجي شخصيت جي ڀيٽڻ کانپوءِ احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿي وينديون آهن.آڪٽوبر 2023 ۾ ڪيئي آمريڪي رياستن ميٽا خلاف ڪيس داخل ڪندي الزام مڙهيو ويو ته ڪمپني جون سوشل ميڊيا ايپس نوجوانن جي ذهني صحت کي نقصان پبچائي رهيون آهن.
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب