سوشلزم ۽ اڄ جي دنيا

طفيل مگسي
جهڙي ريت تاريخي طور تي بگڙيل خيالن ۽ منصوبن جو راڄ رهيو آھي.بلڪل ساڳئي ريت معاشي ومعاشرتي بگاڙ کي ڏور ڪرڻ وارا منصوبا ۽ خيال به برابر وڌندا رهيا آھن.
اڻويهين صدي جي شروعات ۾ فرانس ۽ انگلينڊ ۾ معاشي ومعاشرتي سڌارن جا منصوبا پيش ڪيا ويا.جن کي پيش ڪندڙن منجهان رابرٽ اووين.چارلس فورلي.هينري ڊي سينٽ سائمن.ايٽاليني وغيره جا نانء ذڪر جي لائق آھن.جن هن عملي طور تي ڪجه اهڙيون ماڊل وسنديون ٺاھيون .جن جو بنياد گڏيل تعاون ۽ بنا مقابلي جي رکيو ويو.نتيجي جي طور تي ڇا ٿيو ته اهي منصوبا افسوس ته ڪامياب نه ٿي سگهيا.جنهن کي خيالي سوشلزم يا ( خيالي سوشلزم ) سڏيو وڃي ٿو.
خيالي سوشلزم کانپوء سائنسي سوشلزم جو دور اچي ٿو.جنهن جا اصول ۽ ضابطا مارڪس ۽ اينگلز مرتب ڪيا. جنهن جو تخليقي ڪندي لينن آڪٽومبر 1917ع ۾ پرولتاريا جي مدد سان انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.جيڪو 2 سيپٽمبر 1991ع تائين قائم رهيو.ان انقلاب بهترين اثر مرتب ڪيا.جنهن ۾ سوويت يونين جي وڏي پيماني تي تعمير.محڪوم قومن جي آزادي واري تحريڪ جي حمايت.فاشزم کان ڇوٽڪارو ۽ سڀ کان وڌي ڪري دنيا کي ٻن بلاڪس يعني سوشلسٽ ۽ ڪيپيلسٽ ۾ ورهايو ويو.
سوشلسٽ نظام بهرحال سرمائيداراڻي نظام جي هٿان وقتي تڪليف اختيار ڪري ورتي(جنهن جا ڪارڻ ھڪ الڳ بحث جا گهرجائو آھن)ڇا ان جو اهو مطلب آھي ته هڪ بهتر دنيا جي تعمير جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي يا ٻين لفظن ۾ ڇا سوشلزم هاڻي ڪمزور بڻجي چڪو آھي.؟يقينن ان جو جواب انڪار ۾ آھي.تاريخي غلطين کان سبق انسانن جي مجموعي فلاح وبهبود جو خواب هينر به ساڀيان ٿي سگهي ٿو.۽ انهيء کي نئون ويس پهرائي سگهجي ٿو.
سوويت يونين ۽ برلن جي ڀت ٽٽڻ تي سرمائيدار دنيا دهل وڄايا مگر سرمائيداري جي اڳوڻن بحرانن خاص طور تي 2008ع جي عالمي مالياتي بحران جنهن جي اثرن کان هينئر تائين دنيا ناهي نڪري سگهي.ثابت ڪري ڇڏيو ته سوشلزم جي اچڻ تائين سرمائيدار نظام معاشري کي ائين ئي بحرانن کان وقت به وقت پريشان ڪندو رهندو.
هن وقت عالمي معشيت نهايت سست رفتاري جي شڪار آھي.آئي ايم ايف جي انگن اکرن مطابق 2012ع جي 2.2 سيڪڙو جي واڌاري جي مقابلي ۾ هن سال يعني 2022ع ۾ عالمي معشيت جي 2.1سيڪڙو رهندي.
ورلڊٽريڊ آرگنائيزيشن جي اندازي جي مطابق هلندڙ سال عالمي معشيت جي شرح فقط 22سيڪڙو رهندي.ايتري گهٽ شرح کان عالمي معشيت تباهي ڏانهن وڃي سگهي ٿي.ترقي يافته معشيتن جي 2022ع جي2.7 شرح جي مقابلي ۾ هلندڙ سال صرف 1.2جي شرح پائيندي.
امريڪي فيڊرل ريزرو سروس جي شرح ۾ واڌاري جي بدولت ڊالر جو ويليو وڌي رهيو آھي.جڏھن ته باقي ڪرنسن جي قدر ۾ کوٽ ٿي رهي آھي.
اسٽيگفلنشين جي ان ڪيفيت جا اثر بهرحال ٻين ملڪن تي پئجي رهيا آھن.جنهن جو سبب کان عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاء وياج جي شرح کي وڌايو پيو وڃي.جنهن جا اثر مهانگائي.بيروزگاري.آمدني ۽ اجرت ۾ کوٽ جي شڪل ۾ پئجي رهيا آھن.اصل حقيقت اها آھي ته عالمي معاشي وسياسي منظرنامو هينئر سرمائيداري جي حق ۾ ناهي رهيو ۽ ھينئر لبرل ڊيموڪريسي جو چيمپين فوڪويامه (جنهن سوويت يونين ۽ برلت ڀت جي ٽٽڻ کي تاريخ جو خاتمو قرار ڏنو هو) به تسليم ڪري رهيو آھي ته سوشلزم کي اچڻ گهرجي يعني آمدني جي برابري جي بنياد تي نه ڪي پيداواري وسيلن جي اشتراڪيت جي بنياد تي.ٻين لفظن ۾ هو اهو پڻ تسليم ڪري رهيو آھي ته معاشري جي نئين سر معاشي وسماجي جوڙجڪ جي ضرورت آھي ته جيڪا سوشلزم جي بنا ممڪن ئي ناهي؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو