سنڌ ۾ ڀرپور نموني ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو رستن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرا، ريليون، ڀارت خلاف نعرا هنيا ويا. اهو پهريون ڀيرو آهي ته سنڌ ۾ ضلعي انٽظاميا ۽ تعليم کاتي پاران صوبي جي ننڍن وڏن شهرن، اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ وڏي پئماني تي تقريبون منعقد ڪيون ويون. ڪشمير تي ڀارت جي ظلم جي خلاف ٿرپارڪر جي شھرن  مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڪلوئي، چيلھار ۾  ريليون ڪڍيون ويون .

* ڪشمير تي ڀارت جي ظلم خلاف ٿرپارڪر جي ننڊن وڏن شھرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون،  ڀارت جي ظلم جي مذمت،  ريلين ۾ شاگرد، استادن، سول سوسائٽي، واپارين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. * ماتلي ڪشميرين سان يڪجهتي طور جي  حوالي سان مختلف هائي،  مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جي استادن،  شاگرن ۽ شاگردياڻين پاران ريليون ڪڍيون ويون. ماتلي ڪشميرين سان يڪجهتي طور جي  حوالي سان مختلف هائي،  مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جي استادن،  شاگرن ۽ شاگردياڻين پاران ريليون ڪڍيون ويون، ريلين جي اڳواڻي  مولابخش خاصخيلي ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ماتلي جاويد احمد  چانڊيو، گل منير قمبراڻي، محمد صديق کٽي ۽ ٻين ڪئي، ريلين ۾ استاد، شاگرد ۽ سول سوسائٽي جا شهري شامل هئا،  ريلي کي علي محمد شاھ، سائين عبد عبدالعزيز نظاماڻي، محمد يوسف مڱڻهار ۽ ٻين خطاب ڪيو. 

شهداد ڪوٽ ۾ جلوس

سلطانپور  گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري جي پرنسپال استاد ۽ شاگردن طرفان ڪشميري عوام سان يڪجهتي لاءِ سلطانپور  هائير سيڪينڊري اسڪول انتظاميا طرفان يوم ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ استادن ۽ شاگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. * سني ايڪشن ڪميٽي تعلقي ميھڙ پاران ڪشميرين جي حمايت ۾ يڪجھتي ريلي حافظ منظور احمد چانڊيو،  حافظ حسين احمد سيال،  يحي مزاري،  نادر جانوري،  اشرف لاڙ،  قربان سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صديق اڪبر محلا ميھڙ کان ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ميھڙ پريس ڪلب پھتي مظاھرين جي ھٿ ۾ پلي ڪارڊ ھئا ھو ڪشميرين تي ظلم خلاف نعريبازي ڪري رھيا ھئا. * ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف ٽنڊو باگو ۾ ھائير سيڪنڊري اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ڪشمير سان يڪجهتي طور بلاول پارڪ کان ٽنڊو باگو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ٽنڊو باگو ھائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر شرڪت ڪئي ڪشمير جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي وئي. *ڪشمير سان اظهار يڪجهتي جي سلسلي ۾ چوهڙ جمالي ۾ هائي اسڪول چوهڙ جمالي،  بوائز پرائمري اسڪول سميت آسپاس جي علائقن جي  پرائمري اسڪول عبدالقادر شاھ پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي ڪشمير سان اظهار يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ويو.  *واره سنڌ گورنمنٽ ايجوڪيشن طرفان ڪشميري عوام سان يڪجهتي لاءِ واره هائير سيڪينڊري اسڪول انتظاميا طرفان ڪشمير يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي ،جنهن ۾ استادن ۽ شاگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي عبدالهادي چولياڻي، صلاح الدين، رفيق احمد وڳڻ، عبدالحفيظ ڪلهوڙو ۽ ٻين استادن ڪئي. * ڪمشير سان ٿيندڙ ظلم بربريت خلاف اظھار يڪجهتي لاءِ  گورنمنٽ پرائمري مين سنڌي اسڪول پڊعيدن ٽائون جي استادن شاگردن ۽ اي ڊي او نوشھروفيروز پاران يڪجھتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ممتاز ملڪ  استاد قاسم راڄپر،  صفدر راجپوت محمد بقا راشدي.غلام حسين جٽ ۽ ٻين ڪئي.   گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سيٺارجا جي  استادن  پرنسيپال ذاڪر حسين منگي،  استاد ظهور احمد جاگيراڻي،  محمد بخش سهتو،  صفدر جوکيو ۽ شاگردن قمر علي ڪٻر،  فيضان آرائين ۽ ٻين  پاران اسڪول کان شهر جي مختلف هنڌن کان ريلي  ٿيندي پريس ڪلب پهتي ريلي ۾ شريڪ شاگردن ڪشمير بني گا پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. *مورو ۾ ڪشمير سان ٿيندڙ ظلم بربريت خلاف ۽ اظھار يڪجھتي طور مورو جي گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو طرفان پرنسپال محمد سليمان سيال، پروفيسر شمشاد سومرو، پروفيسر محمد يوسف سومرو، زاھد حسين سيال، مير نواز سيال، عبدالغفار ڪيريو، ظھير ميمڻ، اعجاز علڀ ڦل، شاھ لانگاھ، جاويد جوکيو، غلام حسين ڦل، ڊاڪٽر عبدالعليم پنھور، اشرف جويو، محمد يونس اتيرو، شھزاد سميجو، ابرار علي ڪورائي جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن سان گڏ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي وئي. *ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ  گورنميٽ ها اسڪول ڪمال ديرو  ۽ لا  ڪاليج ڪنڊيارو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي اسڪول جي هيڊ ماستر محمد ابراهيم جوکيو محمد جعفر ڪليري،  عبدالرحيم گهانگهرو ارباب گهانگهرو حسام الدين مهر ۽ ٻين خطاب ڪيو. گورنمينٽ غلام رباني ڊگري ڪاليج پاران پرنسيپال ارشاد عباسي مطيع الله ڪونڌر سجاد ٽانوري پروفيسر ريحان ميمڻ،  پروفيسر شير محمد لاکو پروفيسر عبدالمجيد ابڙو،  محمد رحيم کوکر عاقب پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاليج کان ريلي ڪڍي وئي. ڪشمور ۾ ڪشميرين سان ايڪي ٻڌي ۽ يڪجھتي لاءِ شاگردن شھرين ۽ استادن جي وڏي تعداد ۾ عبدالعزيزڄامڙو جي اڳواڻي گورنمنٽ ھائرسيڪنڊري ڪشمور کان نادرا چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمن اسراراحمد کوسو مختيارڪار ڪشمور اعجاز ٻرڙو  مکي راڻو مل پ پ پ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن شرڪت به شرڪت ڪئي. ڀارت جو ڪشميرين تي ظلم بربرديت خلاف ۽ پاڪستان زنده باد پاڪ  آرمي زنده باد شھرين ڊرگھ بالا  مين چونڪ تي شھرين ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ايم اي بلوچ  وزير لنڊ،  رئيس ذوالفقارخان  شڪلاڻي ۽ ٻين ڪئي.

* بلڙي شاھ ڪريم ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالغفار شيخ جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي بلڙي شاھ ڪريم کان بلڙي شاھ ڪريم شھر جي شھيد بلو پنھور چوڪ تائين ھڪ تاريخي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن واپارين شھرين سرڪاري آفيسرن استادن ۽ سوين شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *گورنمينٽ پراوينشنل بوائز هاءِ  اسڪول شهدادڪوٽ جي هيڊماستر عبدالقيوم سومرو، سائينداد وڌو، محمود بروهي، سنديپ ڪمار، آڏو مل، ميان فيروز ميڪڻ ۽ ٻين استادن سوين شاگردن سان گڏجي  اسڪول کان ڪوٽو موٽو چوک تائين ريلي ڪڍي ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. *” ڪشمير بنيگا پاڪستان” تعليم کاتي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان  ڪشميري عوام سان يڪجهتي لاءِ لعلورائنڪ جي هاء اسڪول انتظاميا طرفان ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي لعلورائنڪ بوائز هاء اسڪول جي هيڊ ماستر الهرکيو چانڊيو، سينيئر استاد عبدالجبار تنيو، محمد ايوب جوڻيجو ۽ ٻين ڪئي.   فيض گنج  فيض گنج ۾ ڪشميرن سان انڊيا پاران ڪيل ظلم خلاف ۽حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گمشدگي خلاف سياسي سماجي تنظيمن شاگردن استادن پاران ريلي ڪڊي وئي ريلي جي اڳواڻي گسٽا سنڌجو صدر حاجي اشرف خاصخيلي امداد چانگ سيال حيات ۽ٻين ڪئي. ڍ *ٽنڊو غلام حيدر  ولاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم خلاف ڪشميرين سان يڪجهتي طور اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوغلام حيدر اخترعلي شيخ مختيارڪارعبدالڪريم خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن تعليم روينو کاتي صحت کاتي جي  ملازمن ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻانڌي بوائز ھاءِ اسڪول ۽ مين سنڌي پرائمري اسڪول، مين اردو پرائمري اسڪولن جي سوين شاگردن ۽ اسڪولن جي استادن طرفان الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون. ڄام صاحب ۾ فقير غلام رسول ھائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن پرنسپل مسعوداحمد سھتو جي اڳواڻي ۾ شاگردن سان گڏ ڪشميرين جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڀارتي حڪومت خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. پيرڳوٺ ۾ سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فريڊريشن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٺل ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو، هاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي. رتيديري ۾ ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي جارحيت خلاف ۽ ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جي اظهار لاءِ مختلف اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن طرفان ريليون ڪڍيون ويون. ڊکڻ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور مين پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن ريلي ڪڍي. قاضي احمد ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن طرفان ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. مختلف شهرن ۾ نڪتل ريلين کي استادن، شاگردن، شاگردياڻين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشميري عوام سان ظلم ڪري رهيو آهي، جيڪا ناانصافي آهي، ڪشميرن مٿان ظلم بند ڪيو وڃي ۽ کين آزاد زندگي گذارڻ ڏني وڃي. ڀارت بيگناھ ڪشميرين تي تشدد ۽ ظلم ڪري رياستي دهشتگردي تي لهي آئي آهي،شهرين تي ڪلسٽر بم سان حملا ڪري عالمي قانون کي ٽوڙيو ويو آهي. جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. گهٽيه سوچ رکندڙ مودي سرڪار معصوم ڪشميرين کي شھيد ڪري پنهنجا ڪريل مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشميرين سان گڏ آهي. پاڪ فوج ۽ پاڪستان جو عوام ڪشميرين جو ساٿ ڏيندو، ڪشمير جي آزادي تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين. ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي ظلمن خلاف ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ۽ ايس ايس پي آصف احمد ٻگهيو جي صدارت ۾ تعلقه اسپتال کان گورنمنٽ ايم ڊي ايم هائي اسڪول مٽياري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. هالاڻي ۾ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول طرفان ھندستان جي جارحيت جي خلاف ۽ ڪشميرين جي حق ۾  ريلي  ڪڍئي وئي . خيرپور ناٿن شاھ گورمينٽ هاءِ اسڪول جي استادن پاران ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شاگردن پلي ڪارڊ ۽ بينر هٿن ۾ کڻي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو استادن پاران ڪڍيل ريلي ۾ سوين شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.

دادو ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي فوج جي پر بريت خلاف ڪشميري عوام سان يڪجهتي لاءِ مختلف ادارن ۽ سول سوسائٽي پارن احتجاجي مظاهرا، شهر جو گشت دادو شهر ڀارت بني گا پاڪستان،ڪشمير بني گا پاڪستان ،مودي سرڪار تي لعنت جا اڀ ڏاريندڙ نعرن سان گوجندو رهيو. دادو نيشنل پريس ڪلب آڏو استاد بخاري ڊگري ڪاليج کان وڏي ريلي پرنسپال عرفان ڪلهوڙو  جي اڳواڻي ۾ پهتي جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن  هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اڀ ڏاريندڙ انڊيا خلاف نعري بازي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو