سنڌ ۾ قلم ڪارن جو قتل عام جاري

سنڌ ۾ قلم ڪارن جو قتل عام جاري

خاصخيلي لطيف راولاڻي
تاريخ جي صفحن ٿي نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي انيڪ واقعا ملندا جن ۾ صحافت جي پيشي سان لاڳاپيل ليکڪن ۽ دانشورن کي ئي نشانو بڻائي کين سرعام قتل ڪيو ويو آھي انھن جو ڏوه صرف اھو ھوندو آھي جو اھي صحافي معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين ممظلم جبر ڏاڍ جي خلاف لکن ٿا ۽ صحافت کي سچو پيشو سمجھي حقيقت ۽ سچائي بيان ڪن ٿا جيڪا مخالف ڌر کي نه وڻندي ۽ ان جو ردعمل اھي ان صحافي کي رستي تان ھٽائي پوء سک جو ساه کڻن ٿا ۔تاريخ جي صفحن تي اھڙا ڪافي ڪونڌر ڪسجي ويا پر ھنن ڪڏھن به ڪنڌ نه جھڪايو ۽ نه ئي ڪڏھن پاڻ کي وڪري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ۔مشھور ليکڪ نسيم کرل جيڪو ليکڪ سان گڏ پنھنجي علائقي جو چڳو مڙس به ھو ۔سندس لکڻين تي ڪجھ ماڻھن کي اعتراض ھو ته ھو وڏيرن ۽ ملن جي خلاف لکي ٿو ان ڪري ان کي رستي تان ھٽائڻ ۾ اھي اڳواڻ سرگرم ٿي ويا۔ھي معاشرو اڃان انھي پراڻي مدي خارج ريتن رسمن پويان آھي ۔شان ڏھر کان وٺي موجوده قتل تائين سوين صحافي قتل ٿي چڪا آھن ۔جيڪا صحافت جي سچي تاريخ مرتب ٿي رھي آھي ۔صحافت ۾ ته سچ لکڻ وڏو ڏوه ٿي ويو آھي ۔ڪنھن جي ڪاري ڪرتوتن ۽ ڏوھن تي لکي ڪونه ٿو سگھجي ۔ڪرپشن به انھي کي اڏوھي وانگر کائي رھي آھي ۔اڪثر ڏٺو ويو آھي ته اسان جا ليکڪ نثر بدران شاعري ۾ انھي جبر ڏاڍ خلاف لکن ٿا جيڪا صرف ڪتابن ۾ رھجي ويندي آھي ۔انھي جو سدباب ان ڳالھ ۾ آھي جيستائين اھو طبقاتي اڻ برابري وارو سماج ختم ڪونه ٿو ٿئي تيستائين ائين ٿيندو رھندو ۔سماج کي تبديل ڪرڻ لاء نظام کي نئين سر اڏڻ جي ضرورت آھي ۔جيڪو وڏي رتوڇاڻ کان پوء ئي ٿيندو ۔تيستائين ان سماج ۾ ائين ئي ڪونڌر حق سچ جي راه تي ڪسجندا رھندا ۔۽ تاريخ جي صفحن تي امر ٿيندا رھندا۔ھڪ سچي ۽ کري صحافي لاء ھي سفر تمام اڻانگو آھي پرپوء به ڪافي صحافي انھي رستي تي ھلندا رھن ٿا ۔۽ سدائين غير يقيني واري ڪيفيت ۾ ھوندا آھن ته ڪڏھن نه ڪڏھن ڪات ھيٺان ڪنڌ اچڻو آھي ۔موجوده دور جنھن کي جديد دور ڪمپيوٽر جو دور چيو وڃي ٿو ۽ وڏي واڪي اعلان به ٿين ٿا ته اوھان ڳالھايو اوھان آزاد آھيو اوھان جي خيالن تي پھرا ڪونه آھن ۔پر حقيقت ان جي ابتڙ ٿي نظر اچي ٿي اوھان جو قلم اڃان تائين آزاد ڪونھي ۔اوھان کي حڪومتي انتظامي پاليسي تحت لکڻو پوي ٿو ۔قلم کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آھي ۔قبل مسيح کان رومن جي تاريخ آ ڪر موڙيو ۔وحشت دھشت قتل غاري اڃان به جاري آھيصحافي جان محمد مھر جي قتل جا پيرا ڪيڏانھن به وڃن ڀلي ان کي خانداني ۽ ذاتي دشمني ڏانھن رخ موڙيو وڃي ۔پر ھي ھڪ بيباڪ صحافي ھو جنھن معاشري ۾ ٿيندڙ نا انصافين بيواجبين کي وائکو ڪيو ھن قبائلي جاگيرداري سسٽم جي خلاف پنھنجو قلم استعمال ڪيو ۔ھن ڪي ٽي اين نيوز چئنل کي مختلف تحقيقي رپورٽون ٺاھي ڏنيون ۔ ڌاڙيل ڪلچر کي عوام آڏو پيش ڪري کين سندن ڪرتوتن کي ميڊيا جي اڳيان نمايان ڪيو ۔اھي سڀئي محرڪات سندس قتل جو سبب بڻيا ۔اڃان تحقيق جاري آھي ته سندس قتل ۾ سڌو سنئون ڪير ملوث آھن ۔رت رائيگان نه ويندو آھي ۔ھڪ نه ھڪ ڏينھن ظلم جي اھا ڪاري رات ختم ٿيندي نيٺ ته ٿيندو ..

پهنجو تبصرو موڪليو