سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان شهيد نظير عباسي جي سالگره ملهائي وئي

حيدرآباد( پ ر ) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان انقلابي ڪردار شهيد نظير عباسي جي سالگره جو ڪيڪ حيدر چوڪ تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي,سنيئر نائب صدر ڪامريڊ حڪم چند, آزاد عالم لاشاري ۽ ڪامريڊ وجود علي پاران ڪٽيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد نظير عباسي تاريخ جو امر ڪردار آهي اهڙا انسان تاريخ سان قوم جي دلين ۾ هميشه زنده رهندا آهن شهيد نظير عباسي سچو وطن دوست اڳواڻ هو جنهن جي ڪردار اڄ جي نوجوانن به اتساه وٺن ٿا اڄ سالگره جي موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سرخ سلام پيش ڪيون ٿا اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اڄ شهيد نظير عباسي جهڙي ارڏي ڪردار جي ضرورت آهي هنن چيو ته سنڌ اندر موجوده صورتحال کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ اندر سياسي ماحول کي ختم ڪيو پيو وڃي اڻ اعلانيه طور سياست کي ختم ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي جيڪڏهن اها روش رهي ته نتيجا خراب نڪرندا سياست سان ئي تبديليون اينديون آهي سنڌ جي وسيلن تي وفاق زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو وفاق سنڌ سان ٻه اکائي بند ڪري ماضي ۾ اهڙي روش جي ڪري اسان گهڻو نقصان ڪيو آهي ماضئ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي وفاق 91ع جي قرارداد تحت پاڻي نه پيو ڏئي جيڪو عمل مزمت جوڳو آهي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر زراعت کي تباه ڪيو ويو آهي هارين مزدورن پورهيتن کي حقوق ڏيڻ کانسواء تبديلي نه ايندي

پهنجو تبصرو موڪليو