سنڌ سنڌين جي آهي، هئي ۽ رهندي، محمد بخش خان مهر

خانپورمهر (رپوٽ حميد سيال) راندين، صنعتن ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي  صلاحڪار سردار محمد بخش خان مھر چيو آهي ته سنڌ ڪا فتح ڪيل سرزمين ڪونهي جنهن جي ورھاڱي جون ڳالهيون ڪري سياست چمڪائي پئي وڃي. سنڌ جي ورھاڱي جون ڳالهيون ڪندڙ سنڌ جي تاريخ پڙهن ۽ کين اھو سمجھڻو پوندو ته سنڌ سنڌين جي ھئي، آهي ۽ رهندي.اهڙو اظهار هن ايئرفائيو فائونڊيشن انٽرنيشنل ايئر ايمبولينس سروس جي وفد سان ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪيپٽن آصف، فيضان علي، مبشر ۽ ظفر تي مشتمل وفد ساڻس ملاقات ڪئي. محمد بخش خان چيو ته هو فائونڊيشن کي ھر طرح جون سھولتون مھيا ڪندو. وفد پاران صوبائي صلاحڪار کي  گھوٽڪي ضلعي اندر حادثن جو شڪار يا ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن کي ھنگامي بنيادن تي فري ايئر ايمبولينس سروس ڏيڻ جو يقين ڏياريو. وفد ڦائونڊيشن جي سرگرمين بابت کيس بريف ڪيو. ٻئي پاسي سردار محمد بخش خان مھر مالي هالتون ڪمزور هئڻ سبب انٽرنيشنل باڪسنگ ۾ حصو نه وٺندڙ نادر علي بلوچ سان ملاقات ڪري کيس مالي سھائتا جو يقين ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو