سنڌ جي گورنري نه ڇڏينداسين : مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر شپ متحده جو حق آهي، هو پوئتي نه هٽندا، ڪامران ٽيسوري جي گورنر طور ڪارڪردگي شاندار آهي، کيس اڳتي وڌڻ گهرجي.ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، هو سڄي ملڪ جي ٻين گورنرن کان وڌيڪ سرگرم آهي، هو سنڌ جي گورنر شپ واري معاملي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿو چاهي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ ڪراچي جو 80 سيڪڙو ۽ حيدرآباد جو 100 سيڪڙو مينڊيٽ آهي، تنهن ڪري گورنر شپ به ايم ڪيو ايم جو حق آهي.مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته بلدياتي ادارن کي خودمختيار ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ 3 آئيني ترميم جي حمايت حاصل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به مطالبي جي اصولي ڳالهه ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو