سنڌ جي وحدت تي وار خلاف اسمبلي مان ٺهراءُ منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ آئين جو آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ڪري سنڌ جِي وحدت تي امڪاني وار خلاف سنڌ اسيمبلي مان اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ منظور، ووٽنگ دوران ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن جي سخت مخالفت، هل هنگامي جي باوجود ٺهراءُ منظور ٿي ويو. ان کان اڳ اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ڪراچي ڪميٽي جي قيام کي غيرآئيني قرار ڏيندي قانون واري وفاقي وزير کان ڪراچي بابت بيان تي معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ڪميٽي ڇا آهي؟ اها آئين جي ڀڃڪڙي آهي، معاملو اتان شروع ٿيو، هي آئين سان مذاق آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گورنر چيو ته هي ڪميٽي 10 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي، قانون واري وفاقي وزير وري پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاقي سرڪار جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويندو، سندس اهڙي بيان خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو. وفاقي وزير پنهنجي بيان تي معافي وٺي. هن چيو ته قانون وارو وفاقي وزير جيستائين سنڌ جي عوام کان معافي نه وٺندو، ساڻس ڪڏهن به نه ملندس. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن ٺهراءُ جي حمايت نه ڪئي ته سنڌ جو عوام کين ڌڪاري ڇڏيندو. وڏي وزير چيو ته قانون تحت شهر جي صفائي ڊي ايم سي جي ذميواري آهي، سڀني کي خبر آهي ته ڪهڙي نموني شهر کي گندو ڪيو ويو. ڪراچي ڪميٽي ٺهڻ ئي غيرآئيني آهي. هن چيو ته آئون چئلينج ڪيان ٿو ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ شهيد بي نظيرڀٽو هڪ روپيو به نه رکيو هو. وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو سنڌو ديش ٺاهڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، بلاول چيو ته سنڌ کي نقصان پهتو ته وفاق به نه بچندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي، بلاول چيو هو ته جيڪڏهن پ پ جهڙي پارٽي بيٺي نه هوندي ته سڀاڻي سنڌو ديش به ٺهي سگهي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار کان حڪومت نه ٿي هلي، جي ڊي پي گروٿ گهٽجڻ سبب ملڪ معاشي طور تباهه ٿي رهيو آهي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي سنڌ ۾ آئين جو آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ڪري سنڌ جِي وحدت تي امڪاني وار خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.  پيپلزپارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر سهراب سرڪي سنڌ جي وحدت تي وار خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. پ پ ميمبر سهراب سرڪي پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته قانون واري وفاقي وزير آئين جي آرٽيڪل 149 (4) جي غلط تشريج ڪئي آهي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي کي ڪڏهن به ٻه ٽڪر ٿيڻ نه ڏيندو،جنهن جي سخت مخالفت ڪئي ويندي. پ پ جي ميمبر ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو ته قانون واري نازڪ ۽ نفيس وفاقي وزير آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري فيڊريش مٿان آپگهاتي حملو ڪيو آھي. هن چيو ته سنڌ جو  هر ماڻهو ڪٽجي مري ويندو پر سنڌ جي وحدت مٿان حملو برداشت نه ڪندو ۽ حملي ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو ته سنڌ ڪيڪ پيس ناهي جو ان جو ورهاڱو ڪيو وڃي. پ پ ميمبر سهراب سرڪي پاران پيش ڪيل ٺهراءُ تي ووٽنگ وقت مخالف ڌر جي ميمبرن سخت گوڙ ڪيو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سخت گوڙ باوجود ٺهراءُ تي ووٽنگ ڪرائي، جنهن دوران ايوان اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ تي ووٽنگ دوران ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن ٺهراءُ جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو