سنڌ جي قومي تحريڪ سان عجيب تماشو آهي

تحرير ڊاڪٽر قادر مگسي

تحرير ڊاڪٽر قادر مگسي

6جون جي بحريا ٽائون اڳيان ڌرڻي ۾ جيڪا دهشتگردي رياستي ڇاڙتن ء غير ملڪي ايجنٽن سر انجام ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڌرڻي ۾ موجود لکين ماڻهن معصوم ٻار عورتون ءبزرگن جي زندگي داء تي لڳائي بحريه جي قبضيگيري ء زرداري جي وطن فروشي خلاف هلندڙ عوامي هلچل کي ڪمزور ڪري عوام ۾ مايوسي رياض ملڪ کي تحفظ ڏيارڻ لاء سرڪار سان ٻٽ ٿي اسانجي صفن ۾ موجود بگهڙن جيڪا غداري ڪئي اسانجي دانشور صاحبن کي ان حملي آوري جو سنجيده تجزيو ڪري زميني حقيقتن ء معروضي حالتن جي روشني ۾ جائزو وٺي بگهڙ صفت ايجنٽن کان عوام کي آگاهي ڏيئي کين ظاهر ڪرڻ گهرجي ها ء ايندڙ وقت لاء نئين صفبندي لاء تجويزون مشورا ڏيئي نئين حڪت عملي سان رياض ملڪ ء زرداري ٽولي خلاف جرئتن سان پيشقدمي ڪرڻ وارو ڪردار اداڪرڻ کپي ها يا ايڪشن ڪميٽي خلاف ڪوڙا جواز ء بهانا ٺاهي لشڪرڪشي ڪرڻ کپي؟ اهو سنجيده سوال آهي جنهن تي اهل علم ء اهل دانش کي ويچارڻ گهرجي پر 6 جون ڌرڻي جي اعلان کان وٺي فروعي قسم جا سوال اٿاريا ويا.ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۾ عورتون بلڪل ناهن ڇو؟مردن جي اجاره داري جا فيصلا قبول ناهي. سڀ اڳواڻ رياض ملڪ تي دٻاء وجهي پهنجا پلاٽ پڪا ڪرڻ لاء غريب ڪارڪنن کي استعمال ڪندو قومپرست انهن جا اتحادي آهن جن امرجليل ء عرفانه ملاح خلاف مهم هلائي .پ پ پ سنڌ جي عوامي جمهوري پارٽي آهي انکي ڪمزور ڪرڻ ء گورنر راڄ لڳرائڻ لاء وفاقي حڪومت ء اسٽبلشمينٽ جي ونگار پيا وهن .مٿين سمورن سوالن جا جواب6 جون جي ڌرڻي بلند بانگ ڏيئي ڇڏيا . لکين ماڻهن جي موجودگي شرڪت بلا تفريق رنگ مذهب جنس نسل ٻولي ء سياسي وابستگي جي انتهائي شاندار ء قومي ٻڌي جو مظهر اهو ڌرڻو هو جنهن ۾ نه رڳو سياسي جاعتون پهنجي ڪٽنبن سان گڏ شريڪ هئا پر عام شاعر اديب صحافي ء عام شهري پهنجي معصوم ٻارن ء عورتن سان شريڪ ٿيا مطالبو گورنر راڄ نه پر زرداري ٽولي ء پ پ سرڪار جي وطن فروشي خلاف للڪار ء سنڌمادر وطن جي حق حاڪميت سنڌين جي قائم رکڻ جا احساس ،پهنجي وطن ۾ اقليت بنجي بي وطن بنجڻ جي سازش کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو جوش هو .ڇا اها پيش قدمي ڪنهن جي ونگار هئي ڪازاتي پلاٽ ء فائل وٺڻ جي ڪوشش هئي؟ فائل وٺڻ بجاء دهشتگردي جون 22 ايف آرز کانپوء نئين سر ضرور ويچارجو .ٻيا اسانجا اڌ پڙهيل نام نهاد قومي دانشور مفرضن تي مبني تجزيا پيش ڪري رهيا آهن انهن سڀني ڳل تي سنڌ لاء ڪڏهن چماٽ کاڌي پٺي تي ڪوڙهي جو ڪو نشان ؟جواني ۾ جيل جي بند وارڊ ۾ ڪي چند ميهينا قيد ؟ ڪو ڀاء پٽ جو لاش کڻي دفنائڻ جو ڪو مثال اهڙي ڪنهن به ڪم سان پهنجو ڇا وڃي سرڪاري نوڪريون ڪري حڪومت پاڪستان جون پگهارون کائي هاڻ پينشن جا مزا ماڻڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته ٽارچر سيل ۾ ٿيندڙ تشدد ۾ جڏهن جسم مان رت ڦوهارا ڪري در ديوارن کي ڳاڙهو ڪندي جلادن جي منهن تي رت جا لڳندڙ ڇنڊا وحشين کي بگهڙ بنائي وجهندا آهن ءڌڪ هڻي هڻي ساڻا ٿيندا آهن ته پوء مائرن ڀينرن ء ونين کي آڻي ڪارڪنن کي بي ستو بنائڻ جو درد ڇا آهي؟ذهن نشين ڪريو ته 6 جون جو ميڙاڪو ايڪشن ڪميٽي جي اعلان جي نتيجي ۾ ٿيو هو نه ڪنهن پراڪسي ايجنٽ نه ئي ڪنهن مقامي ديسي دلال جي سڏ تي اهو سنڌي ماڻهن جي شعور ء حبالوطني جو اهڃاڻ به هو ته ايڪشن ڪميٽي تي اعتبار ء اعتمادپڻ .ڪامياب قومي اجتماع کي غليظ ء خسيس مفادن لاء استعمال ڪيو ويو اهي ئي ماڻهو ايڪشن ڪميٽي خلاف مسلسل منفي پروپيگنڊا ڪندا اچن پيا1.اڳواڻ ڊڄي ڀڄي ويا.صنعان خان جي پرگهور نٿا ڪن .اڳتي لاء ڪو منظم پلان ناهي وغيره وغيره هاڻ نتيجا ڏسون قومي ميڙ ۾ دهشگردي جو عمل ڪرڻ غداري آهي ڪنهن ڪيو ڪير استعمال ٿيو اهل دانش نتيجه اخذ ڪريو ء قوم کي آگاه ڪريو ديسي دلالن تي ڪک رکڻ غداري جي زمري ۾ شامل آهي .صنعان قريشي کي سياسي طرح جيترو فائدو گزريل ٥ ڏينهن ۾ ٿيو آهي انلاء اڳواڻن جا مٿا اڇا ٿي ويندا آهن ايڪشن ڪميٽي جي قيادت سنڌ جا وڪيل سنڌي سماج صنعان سان گڏ بيٺوآهي باقي خبر ناهي ڪهڙي مدد نه ٿي آهي شايد همراهن جو خيال آهي ته جلال شاه وزير اعلي کي فون ڪري صنعان کي آزاد ڪرائي جيڪو ناممڪن آهي ڇو ته سموري ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ساڳين ڪيسن ۾ ملوث ڪئي وئي آهي اڄ نه سڀاڻي جيل ڀيڙا ٿي وڃي جيل وسائيندا ڊيگه کان بچندي مان پڇڻ چاهيان ٿو ته جدوجهد پارٽي جي طئه شده پاليسي تحت هلندي يا 6 ڪروڙ انسانن جي زاتي داخلي خواهشن تحت؟ڌرڻي جو فيصلو ايڪشن ڪميٽي ڪيو اڳتي جدوجهد به عوام جي سهڪار سان ايڪشن ڪميٽي جاري رکنديمان دانشور صاحبان کي هندستان جي تحريڪ آزادي جو واقعو ياد ڏيارڻ گهرانٿو.1922 ۾ انگريزن خلاف جڏهن عدم سهڪار جي تحريڪ عروج تي هئي ڪجه ماڻهن اتر پرديش ۾ چورا چوري ٿاڻي کي باه ڏني 20 سپاهي سڙي مري ويا جوابي فائرنگ ۾ 4 شهري به مري ويا گانڌي عروج تي هلندڙ تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو واضح موقف رکيو ته ڪانگريس عدم تشدد ذريعي جدوجهد ڪندي تشدد ء وڳوڙي ڪاروائي اسانجي سياست جو حصو ناهي ان دور ۾ گهڻن گانڌي کي بزدل انگريزن جو ايجنٽ ء غدار قرار ڏنو تاريخ فيصلو ڏنو ته گانڌي درست هو ء آهي مهربانو فتوا ڀلي جاري ڪريو پر سياسي علم جو ادراڪ رکو پڙهي پوء ڪڙهو ء ڪڙهي پوءسنڌ جي نجات لاء اندر جي غيرت سان راء ڏيو ء پهنجي حصي جو مثبت ڪردار اد ڪريو انشاء الله سنڌ پهنجي ماڳ تي ضرور رسندي

پهنجو تبصرو موڪليو