سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ تبديلي جو سوال

ليکڪ  اياز خاصخيلي

ڪجهه ڏينھن پھريان شھيد بينظيرآباد ضلعي جي شھر دولتپور ۾ سنڌ صوبي ستاويھن ۽ سابق وزير اعلي ارباب غلام رحيم کان جڏھن  اتان جي ھڪ صحافي سندس دور حڪومت اندر ڪراچي ۾ لساني تنظيم پاران ٿيل 12 مئي واري  واقعي تي سوال ڪيو جواب ۾ سابق وزيراعلي  پريشاني ۾ صحافي کان پڇندو رھيو ته اھو سوال پڇا ڪرڻ لاء ڪنھن ڏنو آھي؟ بھرحال بغير ڪنھن مطمئن ڪندڙ جواب جي پريس ڪانفرنس ختم ڪئي ويئي. ارباب غلام رحيم جي دولتپور ۾ انڙ ڀائرن سان ملاقات دراصل تازو سنڌ ۾ حڪومت خلاف گھڻ پارٽين جي اتحاد جي ڊي اي کي الوداع ڪري پاڪستان جي حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪندڙ پراڻي سياستدان ارباب غلام رحيم جو وزيراعظم عمران خان طرفان سنڌ ۾ پارٽي جي تنظيم سازي جي حوالي  سونپيل ٽاسڪ جي سلسلي ۾ مختلف شخصيتن سان ملاقاتن جي ڪڙين مان ھڪ ڪڙي ھئي جنھن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ وڏا وڏا نالا پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندا.

خبر ناھي ذميوار ۽ انجي ذميوارين جو حال ممتاز ڀٽو ( الله سائين سندس بخشش ڪري) ۽ لياقت جتوئي جھڙو ٿيندو يا نه، اھو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. چوڻي آھي ته محبت ۽ جنگ ۾ ھر شئي جائز آھي ان ۾ ھڪ اضافيل ڳالھ اھا به آھي تہ سياست ۽ سياستدان ۾ به ڪجھ به حرف آخر ناھي. گھڻو پري ڪونه ٿا وڃون ارباب غلام رحيم پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ کان ٻه کن ھفتا پھريان ڪلوئي ڀرسان قائم فارم ھائوس تي پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان کي ھڪ دفعو ٻيھر شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ته عمران خان ۽ انجي پارٽي بھتر حڪمراني ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي آھي، پارٽي منشور مطابق ڪرپشن کي ختم ڪرڻ ته ٺھيو پر پنھنجي حڪومت بچائڻ ۾ پوري آھي. ھن پنھنجي اتحاد جي ڊي اي کي به صلاح ڏني ته حڪومتي اتحاد مان ھٿ ڪڍجن. اھڙي ساڳي قسم جي ھڪ پريس ڪانفرنس سابق وزيراعلي جنوري 2021 ۾ ٿر جي تڪ پي ايس 52 تي پيپلزپارٽيءَ جي وفات ڪري ويل ايم پي اي سيد مردان علي شاه واري سيٽ تي سندس پٽ سيد امير علي شاه ھٿان ويھ ھزارن کان مٿي ووٽن جي  شڪست بعد  ڪئي ھئي ان ۾ عمران خان ۽ سندس پارٽي جي خلاف سخت لفظن جو استعمال ڪيو ھئائين ته عمران خان اسانکي اڳتي آڻي اسانجي سار نه لڌي، اڍائي سال گذرڻ باوجود ھن حڪومت ٻوٽو نه ٻاريو. جيڪڏھن عمران ۽ سندس حڪومت جو اھو رويو رھيو ته ھنن تي ڪير اعتبار ڪندو؟

ھاڻ سوال اھو آھي ته ارباب غلام رحيم جي آخري پريس ڪانفرنس ۽ شموليت جي وچ واري ٻن ھفتن ۾ اھڙو ڇا ٿيو جو جي ڊي اي جو اھم اڳواڻ پي ٽي آئي ۾ شموليت اختيار ڪري ٿو وٺي جڏھن ته جي ڊي اي اڳ ۾ ئي حڪومت جي اتحادي آھي.

ھڪ ڳالھ ته واضح آھي پاڪستان جي سنڌ کانسواءِ سڀني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آئي جي سڌي يا اڻ سڌي ريت حڪومت آھي، صرف سنڌ ئي واحد صوبو آھي جتي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي، ھن دفعي پيپلز پارٽيءَ اڪيلي سر حڪومت ۾ آھي ۽ پھريون دفعو ايم ڪيو ايم کانسواءِ ڪا حڪومت آھي. سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان ڪنھن به ڳالھ تي متفق ناھي ۽ ھر مسئلي تي موثر انداز سان آواز اٿاري پئي پوئي اھو اين ايف سي ايوارڊ ھجي، پاڻي جو مسئلو ھجي يا وسيلن جي ورڇ. ڪورونا فنڊز جا معاملا ھجن يا ويڪسين ورھاست جا! ھر فورم تي اٽڪيل آھن. سنڌ اسيمبلي ۾  پي ٽي آئي جي ايڪويھ ميمبرن سميت جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم سميت حزب اختلاف به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگھي آھي، حزب اختلاف جي ليڊر حليم عادل شيخ ۽ فردوس شميم نقوي جي حرڪتن سبب پارٽي جو اميج عام ماڻھو جي ليول تي بھتر بدران خراب ٿيو آھي جنھن سبب ايندڙ ڏينھن ۾ ٿيندڙ بلدياتي ۽ صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي کئنيل سيٽن تان به ھٿ کڻڻ جا امڪان آھن جنھن جو ھڪ مثال ويجھي ماضي ۾ فيصل واوڊا جي خالي ڪيل قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پیپلز پارتي جي اميدوار پروفيسر قادر خان مندوخيل جو ڪامياب ٿيڻ آھي.

انھي صورتحال ۾ عمران خان طرفان حاضر وقت ۾ گھٽ سياسي ساک رکندڙ سياستدان کي اسلام آباد گھرائي ، پارٽي ۾ شامل ڪري سنڌ ۾ پارٽي تنظيم سازي جو ٽاسڪ ڏيڻ شايد ايترو فائديمند ثابت نه ٿئي پر ايترو ضرور آھي حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي سان ٽيون ماڻھو گڏائي ڪري پيپلزپارٽي خلاف گوڙ گهمسان وڌيڪ موثر نموني پيدا ڪري سگھجي ٿو پر حقيقت ۾ اھو گوڙ گهمسان پارٽي کي سگھاري ڪرڻ بدران وڌيڪ اڪيلو ڪندو. ڇوته تحريڪ انصاف ڪڏھن به سنڌ جي حقيقي مسئلن تي سنڌ جي ماڻھن سان گڏجي ڪو آواز ڪونه اٿاريو آھي انھن صرف ۽ صرف پيپلزپارٽي جي ڪمن تي گوڙ ڪيو آھي جيڪا ڳالھ سنڌ جو ماڻھو ڀلي ڀت سمجھي ٿو. ٻي پاسي بحريه واري مسئلي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان گڏيل جدوجھد ۽ احتجاجن به ڪو خاص ٻوٽو ڪونه ٻاريو آھي حالانڪه بحريه معاملي تي سنڌ جي عوام بغير ڪنھن سياسي توڙي سماجي ورھاست جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ کي سڏ ڏيئي، رستن تي آيل رڪاوٽن کي ٽوڙي احتجاج لاءِ پھتيون پر ايڪشن ڪميٽي جي ليڊرن جيڪي گھڻو تڻو قوم پرست ھيا جي دور انديشي نه ھجڻ سبب بحريه وارين جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي ويا، ايڏي وڏي عوامي مينڊيٽ ھوندي به اڄ تائين ٿاڻن، ڪورٽن ۽ وڪيلن جي حوالي آھن. رھنمائن ته شروع جي ڏينھن ۾ پنھنجون ضمانتون ڪرائي آزاد ٿي ويا جڏھن ته گھڻي تعداد ۾ ڪارڪن اڃا تائين جيلن ۾ آھن. جڏھن اھڙن معاملن لا ڪنھن بہ جدوجھد کي شروع ڪرڻو ھوندو آھي ته ليڊر ھميشه دور انديشي کي ڏسندي ناڪاري ء ھاڪاري پاسن کي ڏسي ڪري ئي ڪا حڪمت عملي ترتيب ڏيندا آھن. ھاڻي لڳي ائين پيو ته بحريه خلاف عوامي تحريڪ ھلڻ کان پھريان ئي مسئلن جي ور چڙھي ويئي آھي ۽ شايد اھي نتيجا نه ڏيئي سگھي جيڪي گھربل آھن يا سوچيا ويا آھن.

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جيڪا وفاق ۾ حڪومتي اتحاد جو حصو آھي انھي به سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ھميشه چپ جو علم بلند ڪري رکيو آھي حالانڪه سنڌ اسيمبلي ۾ نصرت سحر عباسي ، وفاق ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر فھميدا مرزا سميت ٻين اڳواڻن پيپلز پارٽيءَ جي خامين خلاف ته وڏيون وڏيون تقريرون ڪندي رھي آھي پر بحريه ، پاڻي ، اين ايف سي ايوارڊ معاملن تہ چپ کي بھتر سمجھيو آھي، راز ڇا آھي اھو راڻا ۽ راڻيون ئي سمجھي سگھن ٿا.

ڪراچي جي سياست جا رنگ به ھن وقت نرالا آھن، مختلف سياسي نظريا رکندڙ پارٽيون متحدہ، جماعت اسلامي ۽ پاڪ سر زمين پارٽي ڪراچي تي حڪمراني لاءِ سرگرم آھن اوھان ڪراچي جا روڊ رستا گھمي ڏسو ٽنھي پارٽين جي ھڪ جھڙي حڪمت عملي ملندي چاھي اھي ڪراچي مسئلن تي بينر بازي ھجي، يا احتجاج ۽ ريليون ھجن. متحده پنھنجي حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنھنجي اصلي بيانيي کي جاري ۽ ساري رکيو اچي ته ڪراچي صوبو انھن جو حق آھي پر ھاڻ ڪراچي جي عوام وقت گذرڻ سان گڏ شايد سمجھڻ شروع ڪيو آھي ته انھي نعري ۾ کوکلوپڻ وڌيڪ آھي انھي جي لاءِ ايندڙ وقت اھو نعرو ايم ڪيو ايم پاڪستان کي دوکو ڏيئي سگھي ٿو. ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي به اڳ کان اڳري نظر اچي پئي ڪجھ ڏينھن پھريان وزيراعلي سنڌ جي معاون خصوصي مرتضي وھاب صديقي کي ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي لاءِ بيازي بازي ھٿ سان شروع ڪرائي ويئي آھي جئين مخالفن جو پاڻي ڏسي سگھجي جنھن جي نتيجي ۾ ٻين پارٽين اڻ سڌي طرح ٿوري گھڻي مخالفت ڪئي آھي پر گورنر سنڌ سميت پي ٽي آئي اڳواڻن کلي نموني انھي مقرري جي سخت مخالفت ڪندي نظر آيا آھن. آخري اطلاعن تائين سنڌ ڪابينه مرتضا وھاب صديقي کي ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري چڪي آھي. سنڌ ۾ اڪيلي پي پي جي حڪومت ھجڻ سبب قانون سازي اسان آھي انھي آساني جو فائدو وٺندي پيپلز پارٽيءَ ڪراچي ۾ پلاننگ سان انتظامي تبديليون ڪري رھي آھي جنھن جو مثال ڪياماڙي ضلعو آھي ۽ ٿي سگھي ٿو اڳتي ھلي ڪري پکيڙ جي حساب سان وڏي ضلعي ملير کي به توڙي ٻن ضلعن ۾ ورھايو وڃي جھڙي طرح سنڌ جي ٻين ضلعن کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاھڻ تي ڪم ھلي رھيو آھي. نتيجي ۾ ايندڙ اليڪشن چاھي اھي بلدياتي ھجن يا عام پيپلزپارٽي فائدو کڻي سگھي ٿي.

جئين ارباب غلام رحيم کي تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪري تنظيم سازي جون ذميواريون ڏنيون ويون آھن، جنھن سان سندس ئي پارٽي جا اڳواڻ خوش آھن يا ناخوش اھا ٻي ڳالھ آھي پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کان پوئي ڪجھ سياسي اڳواڻن تہ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ۾ ئي عافيت سمجھي جڏھن ته ڪجھ اڳواڻ سٺي وقت جو انتظار ڪرڻ لاء گھرن ۾ ويھي رھيا يا پنھنجي علائقي ۾ شادين ۾ شرڪت ۽ فاتحون ڪرڻ کي ترجيح ڏني جيئن پنھنجي علائقي جي ماڻھن ۾ ان رھجي. ٽن سالن کانپوئي جئين ئي ارباب کي ذميواري ملي آھي ۽ ڪجھ بلدياتي اليڪشن جي چرپر ٿي آھي انھن گھر ويٺي سٺي وقت جو انتظار ڪندڙ سياستدان عملي طور ٻاھر اچڻ جو عملي مظاھرو ڪيو آھي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ ھڪ سياسي جرڳي ۾ شرڪت ڪئي آھي. انھي شرڪت ڪندڙن جو انگ ميزبانن طرفان  ٻاونجاهه ٻڌايو ويو آھي انھن ٻاونجاھ ۾ ڪيترائي ماضي جا کلاڙي ۽ پارليامنٽرين آھن  جيڪي مختلف وقتن تي ۽ مختلف پارٽين سان منسلڪ رھي ڪري سياسي توڙي حڪومتي پاور ۾ رھيا آھن. پر حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته ڪالھ بحريه ۽ ٻين مسئلن تي ٺھندڙ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا قومپرست اڳواڻ به انھي ڪٺ جو حصو رھيا، پي ٽي آئي جو محمد ميان سومرو ته موجود ھيو پر ارباب محمد رحيم ڪونه ھيو. ظاھري طور تي اھا مستقبل جي بلدياتي يا عام اليڪشن جي  حڪمت عملي ھئي پر شامل ليڊرن جي لسٽ ء ضلعا ڏيکاري ڪري وفاقي حڪومت کي پڻ اھو پيغام ڏنو ويو آھي ته پوري سنڌ ھڪ ويٺي آھي ء پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف صف بندي مڪمل آھي صرف موقعو ڏيو. سڀني کان حيرت ۾ وجھندڙ ڳالھ انھي سڄي سياسي ڪٺ جنھن ۾ قومپرست سياستدان سميت تقريباً سنڌي سياستدانن  جي شرڪت ھئي اطلاعن مطابق ڪنھن ھڪ به سند جي ٻرندڙ مسئلن جھڙوڪ بحريه مسئلو تي چپ به نه چوريا پوئي آھي مليل ھدايت نامي جا اثر ھيا يا ھمراھن جي ھمت جواب ڏيئي ويئي اھو ايندڙ وقت ئي ثابت ڪندو.

سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪافي وقت کان حڪومت آھي ۽ سنڌ ۾ بھتر حڪمراني ڪئي آھي يا نه اھا ته سنڌ ۾ رھندڙ عوام ئي ٻڌائي سگھي ٿي. گھڻي ڀاڱي سنڌ جا مسئلا اڃا حل طلب آھن ۽ سند حڪومت جي توجه طلب آھن جھڙوڪ خراب ٿيندڙ امن امان جي صورتحال، بحريہ، پاڻي ورڇ، پيئڻ جي صاف پاڻي ، سيوريج، تعليمي سھوليتون، رشوت وغيره. اھا ھڪ کليل حقيقت آھي ته سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻ پوندو ۽ پنھنجا سڄڻ سڃاڻڻا پوندا جيڪي صرف سنڌ ء سنڌ جي مفادن لاءِ ڪم ڪن، روايتي سياست ۽ سياستدانن کي ذاتي مفادن واري دنگل مان ڌڪي ڪڍڻو پوندو. ايندڙ اليڪشن ۾ ھر سنڌ جو رھواسي ھر انھي ماڻھو کي ڏيئي جيڪو سنڌ ء سنڌ جي مفادن لاءِ سرعام وچن ڪري. اھڙن ماڻھن کي اسيمبلين ۾ پھچائڻ گھرجي جيڪي سنڌ واسين ۽ سند جي مفادن سلھاڙيل ھجن ء ھر فورم تي پنھنجو آواز موثر نموني اٿارين حالانڪه اھو انتھائي ڏکيو ڪم آھي پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي مفادن جي  بھتري لاءِ پھريون قدم ٿي سگھي ٿو. ayaz.khaskheli@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو