سنڌ بيراج جو منصوبو، فائديمند يا نقصانڪار؟ ميرمحمد پرهياڙ

شايد ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو ايئن ٿيو آهي ته هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ سنڌو درياءَ تي  اربن ڊالرن جي ماليت جي سنڌ بيراج جي اڏاوت جو نه صرف منصوبو ترتيب ڏنو ويو پر تڪڙ ۾ ان جي منظوري به ڏني وئي. واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جو  تيار ڪيل سنڌ بيراج منصوبو سنڌ جي سامونڊي  ضلعن ۾ پاڻي جي دائمي قلت ختم ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي طرفان منصوبي جي منظوري ۾ جلدبازي ۽ رازداري جو مظاهرو سمجهه کان ٻاهر آهي. جنهن جڳهه تي سنڌو درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڪرندو آهي اتان تقريبن 45 ڪلوميٽر پري 125 ارب رپين جي ماليت سان ٺهڻ واري  سنڌ بيراج جي حوالي سان واپڊا جي ويب سائيٽ تي مختصر تشهيري وڊيوز دستياب آهن، وڊيو ۾ چيئرمين واپڊا سنڌو درياءَ جي اڳيان موجوده منصوبي جي تعميراتي جڳهه تي بيٺل نظر اچي ٿو ، وڊيو ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌو درياءَ  تي سنڌ بيراج اڏڻ  جو مقصد سامونڊي چڙهاءَ تي قابو ڪرڻ ، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي 75 هزار ايڪڙ زمين کي پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ مينگروز ويٽ لينڊ جي بحالي آهي. هن وڊيو ۾ ان موجوده سنڌ بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج جي وچ ۾ 167 ڪلوميٽر ڊگهي دريائي پٽي کي آبي زخيرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ممڪنه پلان جو اشارو به ڏنو آهي جيڪو ايشيا جي ڊگهي ترين ڍنڍن مان هڪ ڍنڍ ٺهي سگهي ٿي. انهن مقصدن جي حصول جي لاءِ واپڊا 12 ميٽر بلند بيراج جي تعمير ۽ دريائي پٽي ۾ 7 ڪلوميٽر واڌارو  ڪرڻ سان گڏ سنڌو درياءَ جي ڪناري کي 9 ڪلوميٽر ڊگهو ڪرڻ جو ارادو  به رکي ٿو.  ان کان علاوه واپڊا موجوده بيراج جي سڄي ۽ کٻي طرف 2 ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو به ٻڌايو آهي. هن منصوبي جو تعميراتي ڪم ڊسمبر 2022 ۾ شروع ٿيندو ۽ ڊسمبر 2024 تائين هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي توقع ڪئي وڃي ٿي. زباني طور تي ته هي پلان تمام سٺو معلوم ٿي سگهي ٿو پر ان ۾ ڪيتريون خرابيون موجود آهن، سنڌ بيراج ڪيترو ڪارائتو ثابت ٿيندو ان جو دارو مدار جنهن بنيادي عنصرن تي آهي ان مان هڪ اهم عنصر ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي دستيابي آهي ، واپڊا سمجهي ٿي ته سامونڊي چڙهائين تي قابو ڪرڻ جي لاءِ هو ڪوٽڙي بيراج جا خارج ٿيندڙ (آئوٽ فلو) جي ريگيوليٽ ڪندي. 10 ايم اي ايف (ملين ايڪڙ فٽ) کان  ٿورو وڌيڪ پاڻي ڇڏي ان ضرورت کي پوري ڪري سگهي ٿي .

فائيل فوٽو

جڏهن ته ٻهه اهم ڳالهيون نظر انداز ڪيون ويون آهن؛ پهرين هي ته سالن کان ماهر چوندا پيا اچن ته عربي سمنڊ  جي پاڻي کي پوئتي ڌڪڻ ۽ دريائي نالن ۽ زرعي زمين کي تباهي کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪوٽڙي کان سنڌو ڊيلٽا جي طرف 10 ايم اي ايف جي مقدار ۾ ڇڏيو ويندڙ پاڻي ناڪافي آهي، ٻئي ڳالهه هي ته واپڊا جي پنهنجي انگن اکرن جي مطابق سامونڊي  چڙهائي جي باوجود تقريبن 9 هزار ڪلوميٽر ساحلي پٽي پهريون ئي متاثر ٿي چڪي آهي جنهن مان ثابت ٿيو ته  سالن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو ناڪافي رهيو آهي.

سنڌ حڪومت هن منصوبي جي منظوري ڏيڻ کان بعد ممڪنه خدشن  جو جائزو وٺڻ ئي گوارا نه سمجهيو، جڏهن ته هڪ دفعو تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت کي انهن سوين خاندانن کي ڪنهن ٻئي جڳهه آباد به ڪرڻو پوندو.  جيڪي تعميراتي جڳهه جي آسپاس ۾  رهائش پذير آهن،  جيڪڏهن ڪوٽڙي کان هيٺ دريائي پٽي کي ڍنڍ ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ٿيندو ته لڏ پلاڻ ڪرڻ وارن خاندانن جو تعداد اڃان به وڌيڪ ٿيندو ڇو ته ڪوٽڙي کان  سنڌو ڊيلٽا تائين ٺهڻ واري هيءَ ڍنڍ  ٺٽي،سجاول،ٽنڊو محمد خان ۽ ڄامشورو جي چند علائقن يعني گڏيل طور تي چار ضلعن کان گذرندي. هڪ دفعو بيراج جي تعمير مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ آبي ذخيري کان پاڻي زمين ۾ مسلسل جذب ٿيڻ سبب ڄاڻايل علائقن جي زرعي زمين سم ۽ ڪلر سبب تباهه ٿي ويندي ، ٻئي طرف دريائي پاڻي جي وهڪري جي مستقل بندش سان وڌيڪ سنگين قسم جا مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا، سڀ کان پهرين ڳالهه هي ته ان طرح ڪوٽڙي بيراج جو ڊائون اسٽريم ۽ حيدرآباد سميت ٻين آسپاس جي علائقن ۾ ٻوڏ جو هر وقت خدشو رهندو. ٻئي اهم ڳالهه هي آهي ته پاڻي جي ايتري وڏي مقدار سبب واري جا دڙا ٺهندا يعني   (سيڊيمينٽس) جي موجودگي سان درياءَ جي پاڻي جي وهڪرن ۾ رڪاوٽ پئدا ٿيندي. ان صورت ۾  پاڻي  پنهنجي وهڪري جي لاءِ ٻين متبادل رستن جي تلاش ڪندو، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف سنڌو درياءَ پنهنجو رخ تبديل ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج ڊائون اسٽريم جي علائقن ۾  جاگرافيائي ۽ ٽوپوگرافي جي اعتبار سان تبديليون ظاهر ٿي سگهن ٿيون.

جيتري تائين تعلق واپڊا جي طرف کان 75 هزار ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمين کي پاڻي پهچائڻ لاءِ  درياءَ جي ٻنهي طرفن کان ڪيئنال تعمير ڪرڻ جي منصوبن جو آهي ته منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن هي ادارو هن حوالي سان مناسب تحقيق ڪري ها ته ان کي هن ڳالهه جو اندازو ٿي وڃي ها ته سنڌ جي ساحلي پٽي جو ڪوئي هڪ به ايڪڙ ڪاشتڪاري جي لائق موجود نهري ڄار کان ٻاهر نه آهي .

سنڌو ڊيلٽا جي موت ۽ سامونڊي چڙهائي  جي سبب زرعي زمين جو نقصان ۽ ان مسئلي جي حل جي فائدي جو تعلق بنيادي طور تي دريائي پاڻي جي دستيابي سان آهي ، سالن کان جاري ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي جي زرعي زمين جي بيضابطه الاٽمينٽ ۽ موجوده واهن جي نظام کان پاڻي چوري ڪرڻ جي سبب  بدين،سجاول ۽ ٺٽي ۾ پاڻي جي سدائين کوٽ تمام شديد ٿي وئي آهي ، جنهن سبب  ان ضلعن کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوي ٿو. پاڪستان ۾ آبي وسيلن کي ان وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي نون منصوبن بدران موجوده نيٽ ورڪ کي بهتر انتظاميه جي ضرورت آهي، ناڪافي پاڻي سان گڏ درياءَ تي بيراج تعمير ڪرڻ سان سمنڊ جي چڙهائي وارو عمل بد کان بدتر ڪرڻ ۽ ڊيلٽا جي موت ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ کان علاوه شايد ئي ڪوئي مقصد پورو ٿئي.(بشڪريه ڊان، سنڌيڪار سليم ڪلهوڙو)   

پهنجو تبصرو موڪليو