جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو فٽبال اسٽيڊيم گرائونڊ تي آل سنڌ ۽ بلوچستان جي 40 ٽيمن وچ ۾ هلندڙ مقابلن مان ڪوئيٽه جون ٻه ٽيمون هزارا اڪيڊمي فٽبال ٽيم ۽ اسٽار هزارا فٽبال ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ ٿيو ، جنهن ۾ 90 منٽن جي دلچسپ راند ۾ وڏي جدوجهد بعد ڪوئيٽه جي هزارا اڪيڊمي فٽبال ٽيم ٻه گول ڪري پنهنجي مخالف ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. اسٽار هزارا وڏي جاکوڙ بعد فقط هڪ گول ڪري سگهي.فٽبال جو فائنل ٽورنامينٽ ڏسڻ لاءِ گرائونڊ تي فٽبال جا ڪيترائي شوقين پهتا جن پاران شرطون لڳايون ويون ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي مهمان خاص مڪاني ادارن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نصر الله سرڪي، ٽورنامينٽ آرگنائيزر زاهد لاشاري، سيڪريٽري ٽورنامينٽ جمع خان زهري، ميمبرن اشفاق ڪلهوڙو، سردار خالد حسين جهلڻ، عبدالحئي سومرو ۽ منصب علي شيخ پاران ڪاميابي ماڻيندڙ ۽ رنر ٽيمن کي ٽرافيون ڏنيون ويون. جڏهن ته ونر ۽ رنر ٽيمن جي رانديگرن کي ڪمبل به انعام طور ڏنا ويا.
