سنڌ اندر يوم دفاع، ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به يوم دفاع حب الوطني ۽ قومي جذبي سان ملهايو ويو. پاڪ فوج، سنڌ پوليس توڙي وطن جي لاءِ جان ڏيندڙ ٻين شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي وطن جي دفاع ۽ عظمت خاطر جان جو نذرانو پيش ڪرڻ جو وچن ورجائڻ سان گڏ شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري گلن جون چادريون چاڙهي قرآن خواني پڻ ڪئي وئي.

جڏهن ته يوم دفاع جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو پڻ ڀرپور مظاهرو ڪندي عالمي طاقتن ۽ گڏيل قومن کان ڪشميري ڀائرن تي ٿيندڙ ڀارتي رياستي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ميرو خان کان صفدر حسين تنيو مطابق گورنمينٽ ڪمپوزٽ ڊگري ڪاليج  ۾ 6 سيپٽمبر يومِ دفاع ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي حوالي سان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي . تقريب ۾ ڪاليج جي باني پرنسپال ۽ رٽائرڊ پروفيسر الاهي بخش گوپانگ ،پرنسيپال سجادالحق تنيو .پروفيسر عجب الدين ٻٻر ،پروفيسر خادم حسين گوپانگ ، سميت استادن ۽  شاگردن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.*** غوثپور مان عبدالنبي ملڪ مطابق  سول سوسائٽي ۽ گورنمينٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول جي سوين شاگردن اسڪول جي سينيئر استادن مولانا عبداللطيف چنه، سيد يوسف شاھ جيلاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪول کان پريس ڪلب تائين يوم دفاع جي حوالي سان شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن پاڪ فوج جي سڀني شھادت ماڻيندڙن کي سلام پيش ڪيو.*** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق سڄي ملڪ وانگر ضلعي مٽياري ۾ يوم دفاع حب الوطني ۽ قومي جذبي سان ملهايو ويو، پاڪ فوج، سنڌ پوليس توڙي وطن جي لاءِ جان ڏيندڙ ٻين شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي وطن جي دفاع ۽ عظمت خاطر جان جو نذرانو پيش ڪرڻ جو وچن ورجايو ويو.

يوم دفاع جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو پڻ ڀرپور مظاهرو ڪندي عالمي طاقتن ۽ گڏيل قومن کان ڪشميري ڀائرن تي ٿيندڙ ڀارتي رياستي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرائي آزادي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جڏهن يوم دفاع جي مک تقريب گورنمنٽ ايم ڊي ايم هاءِ اسڪول مٽياري ۾ ٿي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو، ايس ايس پي آصف احمد ٻگهيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن محمد صابر ڪاڪا، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو نعيم احمد سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر امام بخش ڪاڪا، مختيارڪار مٽياري غلام مصطفيٰ شر، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر عابد حسين رند، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر امتياز ڪاڪا سميت استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. *** ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ  ۾ به ضلعي انتظاميه، مختلف سياسي سماجي  تنظيمن، شهرين، استادن توڙي شاگردن پاران شهيدن کي سرخ سلام پيش  ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي  جي سربراهي هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان گهنٽا گهر  تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پنهجي هٿ ۾ پلي ڪارڊ کڻي پاڪ فوج ، پاڪستان زنده باد  ۽ ڪشمير ٿيندو پاڪستان جا نعرا  پڻ هڻندا رهي.*** پنوعاقل مان سنتوش ڪمار مطابق پاڪستان جي شھيدن کي سلام پيش ڪرڻ ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار پپو خان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ سڌوجا باءِ پاس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير سان محبت رکندڙ سون جي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي. *** نوشهروفيروز مان مشتاق مري مطابق ضلعي انتظاميه پاران يوم دفاع جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. ان کان علاوهه نوشهروفيروز جي فوجي فائونڊيشن اسڪول ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع ۽ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي وارو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو ويو جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي. *** سکر مان جيرام داس مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ضلعي پاران يوم دفاع ۽ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ جتوئي هائوس ملٽري روڊ کان پي ٽي آءِ اڳواڻ منور چوھاڻ، زبير سندراڻي، ڪاشف قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪن کي هٿن ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جا جنھڊا کنيل هئا. *** ماتلي مان عبدالرزاق پنهور مطابق يوم دفاع ۽ ڪشمرين سان يڪجهتي جي حوالي سان گورنمينٽ ها اسڪول ون مان ٽي اي او (هائير) مولابخش خاصخيلي، ٽي اي او (پرائمري) جاويد چانڊيو، هيڊ ماستر گل منير قمبراڻي  جي اڳواڻي ۾ استادن شاگردن پاران ڦلڪارا چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاندار ريلي ڪڍي ويئي  ريلي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب تي پهتي جتي استادن پڻ ريلي کي خطاب ڪيو. جڏهن ته استادن شاگردن باغ محله قبرستان تي وڃي 1965  واري جنگ ۾ شهيد سپاهي سليم راجپوت جي قبر تي دعا پڻ گهري. *** اسلام ڪوٽ مان پرڪاش ڪمار مطابق يوم دفاع جي موقعي تي اسلام ڪوٽ ۾ مختلف تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي ان سلسلي ۾ مٺي اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻاراچ وٽ 1971ع جنگ جي شهيدن جي يادگار تي اسلام ڪوٽ مٺي جي سياسي،سماجي ۽ واپارين گهنشامداس پارواڻي، ڪلديپ پارواڻي، ڊاڪٽر شنڪرلال، ڪستور چند،ماما وشن ٿري، تاج محمد بجير ۽ ٻين شهرين شاگردن وڏي انگ ۾ پهچي حاضري ڏيئي سلام پيش ڪيو جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر شنڪرلال، آرمي جي ميجر احسان خصوصي طور شرڪت ڪئي. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق يوم دفاع ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي طور مختلف سياسي سماجي تنظيمن پي ايف يو جي، هيومن رائيٽس، مورو ميونسپل، مورو پوليس, تحريڪ جوانان پاڪستان مورو پاران نادرا آفيس کان ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب پهتا جنهن جي اڳواڻي غلام دستگير ماڇي، اياز مورائي، ميونسپل چيئرمين نظير ميمڻ، ايس ايڇ او مورو قربان قمبراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. *** ڪشمور مان اصغر علي چانڊيو مطابق قومي امن ڪائونسل، سول سوسائٽي ۽ سرڪاري ادارن نيشنل بينڪ عملي پاران 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي ڏھاڙي جي موقعي تي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ ڪشمير پاڪستان جا پرچم ھٿن ۾ کڻي ريليون ڪڍيون ويون. **** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق پاڪستان سومرا اتحاد پاران مٽياري ۾ سومرا اتحاد ضلع مٽياري جي صدر لکاڏنو سومرو، نورالدين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي لاءِ اجرڪ ڪالوني کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ اجرڪ جي ڪاريگرن، مزدورن ۽ شهرين شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جنهن تي ڪشميرين ڀائرن جي حق ۾ نعره تحرير ٿيل هئا. *** چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح مطابق يوم دفاع ۽ ڪشمير سان اظهار يڪجهتي طور پاڪستان سني تحريڪ پاران هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ هندو برادري، اهل تشيع سميت شھرين ۽ واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، چوهڙ جمالي شھر ڪشمير بني گا پاڪستان، ڀارتي فوج مرده باد جي نعرن سان گونجي اٿيو. *** پکو مان عبدالوحيد ميئو مطابق پوري ملڪ جيان پکو ۾ به يوم دفاع پاڪستان جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ پروگرام منعقد شاگردن شهيدن جي ياد ۾ تقريرون ۽ ٽيبلوز ملي نغمه پيش ڪري ڪشميري مسلمانن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو.*** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو مطابق يوم دفاع جي موقعي تي گهوٽڪي جي مختلف اسڪولن ۾ تقريبون منعقد ڪري وطن جي دفاع جي لاءِ جانين جو نذرانو ڏيڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي ڀٽا پيش ڪري ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي طور ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو. گهوٽڪي جي تاريخي اين ڊي اي وي هاءِ اسڪول ۾ اسڪول جي شاگردن تقريرون، قومي گيت ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا.*** سڪرنڊ مان راج ڪمار اوڏ مطابق پوري ملڪ جيان سڪرنڊ ۾ پڻ يوم دفاع جون شاندار تقريبون ٿي گذريون. *** وڳڻ مان علي مصطفيٰ بروهي مطابق دانش پبلڪ اسڪول انتظاميه طرفان يوم دفاع جي حوالي سان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اسڪول جي انتظاميه ڊاريڪٽر سهڻو خان مغيري، پرنسيپال ايم پي بابر سومرو، وائس پرنسپال محمد فيصل پٺاڻ ۽ شاگردن ميڊيا سان ڳالهيندي  چيو ته اسان 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا. **** دادو مان ادل مهيسر مطابق يوم دفاع ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي طور آرمي پبلڪ اسڪول دادو ۾ تقريب ۽ ڊسٽرڪٽ پاران ريلي استاد بخاري ڊگري ڪاليج، قومي امن ڪاميٽي،برادرس رائيل ڪرڪيٽ ڪلب، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي نيشنل پريس ڪلب پهتا پاڪستان ۽ ڪشمير سان وچن ورجايا پاڪستان زنده باد ڪشمير زنده باد  هندستان مرده آباد مودي ڪتي تي لعنت جا اڀ ڏاريندڙ نعرن سان دادو شهر گوجندو رهيو. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق يوم دفاع ۽ ڪشميرين سان يڪجھتي طور ڏيپلو ۾  گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر نصر الله ساھڙ ،گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپل جليل جوڻيجو، آسنداس پبلڪ ھاء اسڪول جي پرنسپل ٿانورداس جي اڳواڻي ۾ استادن ۽ سوين شاگردن ريليون ڪڍي پريس ڪلب پهتا جتي ريلي ۾ شامل ماڻهن پاڪ آرمي ۽ شھيد نوجوانن جي حق ۾ نعره  ھنيا. *** دڙو مان امداد ميمڻ مطابق يومِ دفاع ۽ ڪشميرين سان يڪجھتي طور جماعت اھلسنت نقشبندي مجدديه ابراھيمي طرفان مولانا محمد حنيف عباسي، حافظ ڌڻي ڏنو جاکرو، مولانا سليمان نقشبندي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين ۽ ھر مڪتب فڪر ماڻھن طرفان مرڪزي جامع مسجد کان ھڪ وڏي ريلي ڪڊي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻھن پاڪ فوج زنده باد ڪشمير بنجندو پاڪستان ۽ مسلمانن جي قاتل مودي سرڪار خلاف اڀ ڏياريندڙ نعرا ھڻندا رھيا. *** سجاول مان سليم ملاح مطابق سرڪاري ۽ سماجي ڌرين پاران سجاول ۾ ڌار ڌار تقريبون ٿيونئپهرين تقريب ۾ ايس ايس پي سجاول امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ ٿي جنهن ۾ پوليس جوانن پاران گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ بعد شهر ۾ فليگ مارچ ۽ پبلڪ پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي۔ جڏهن ته ٽائون چيئرمين شير علي شاه بخاري جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ٽائون ملازمن شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** شڪارپور مان ڪاشف نواز ٻرڙو مطابق پريس ڪلب شڪارپور طرفان پريس ڪلب جي صدر رحيم بخش جمالي جي قيادت ۾  پريس ڪلب کان جماڻي هال چوڪ تائين يوم دفاع پاڪستان ۽ اظهار يڪجهتي ڪشمير ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پاڪ فوج جي شهيدن، پاڪ فوج کي سلام، پاڪستان زنده باد ، پاڪ فوج زنده باد ، ڪشمير بني گا پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ريلي ۾ شريڪ شرڪا پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي خراج تحسين پيش ڪيو. *** ڪنڊيارو مان اسد جعفري مطابق ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ پاڪ فوج جي شهيدن جوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي ڪاليج جي پرنسپال ارشاد عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو. هوڏانهن ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آل پارٽيزالائنس ۽ مذهبي جماعتن پاران آل پارٽيزالائنس ڪنڊيارو جي ڪنوينر انور سولنگي، ظفر کوسو، مولوي محمد حسن سڪندري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.*** نئون ڪوٽ مان پيار علي نهڙيو مطابق گورنمينٽ ھاءِ اسڪول رحمان آباد ۾ يوم دفاع جي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ استادن ۽ شاگردن جي اسڪول کان رحمان آباد مين چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ھيڊ ماستر محمد صديق نھڙي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ شھيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي جان پياري وطن تان قربان ڪئي. *** مديجي مان نويد احمد مطابق ڳوٺ آباد ۽ ڳوٺ ڪيھر جارھواسي پنھنجي ملڪ خاطر جان جو نظرانو پيش ڪندڙ  شهيد عبدالقدير چنو ۽ شهيد عبدالجبار ميراڻي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان محب وطن سوشل سروز ڪلب ڳڙهي ياسين جي آرگنائيزر اختيار احمد لاشاري، نصرالله اوڍاڻو، بخت علي مهر  جي اڳواڻي ۾ پاڪ آرمي زندآباد پاڪستان زندآباد جا نعرا هڻي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.*** قبو سعيد مان خادم حسين جاگيراڻي مطابق يوم دفاع ۽ ڪشميرين سان  يڪجهتي طور تي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ شاگردن ۾ تقريري مقابلا ڪرائي کين تقرير ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ پڻ انعام ورھايا ويا. تقريري پروگرام کانپوءِ پرنسپال عبدالعزيز کوسو جي  اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق يوم دفاع جي حوالي سان ٽائون ڪميٽي  مانجهند جي ملازمن پاران قومي جوش جذبي سان ٽائون آفيس کان  شاهي بازار تائين  ريلي ڪڍي.*** اوٻاوڙو مان ايم بچل گهنڃو مطابق اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  يوم دفاع جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو ملڪ خاطر پنھنجي جانن جا نذرانه ڏيندڙ شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ قومي امن ڪاميٽي يوٿ ونگ ۽ سوشل ورڪر ٽيم ريتي ريلي ڪڍي يوم دفاع تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته سيوائي فائونڊيشن ماڊل اسڪول جهنگل ملڪ ۽ آءِ بي اي اسڪول ۾ پروگرام  منعقد ڪيا ويا جنهن ۾ ملڪ خاطر شهيد ٿيندڙ جوانن تي ڳالهايو ويو.*** مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق ٿرپارڪر ضلعي ۾ يوم دفاع جو ڏهاڙو ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ڏهاڙي طور ملهايو ويو. يوم دفاع جي مُک ريلي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي احاطي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مختيار علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي . ريلي ۾ ڊسٽرڪٽ سيڪينڊري ايجوڪيشن آفيسر ٿرپارڪر دولت رام ، ڊسٽرڪٽ پرائمري ٿرپارڪر ڪيول رام، ٿرديپ ڳوٺاڻي ترقي تنظيم ، اسڪول اسڪائوٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو