حفصہ نظاماڻي
ھن ڌرتي تي انسان جي زندگي جو جياپو پاڻي کان سواء ناممڪن آھي ـ پاڻي کان سواء زندگي جيئڻ مشڪل نه پر ناممڪن آھي ـ نه صرف انسان پر جانور, پکي پکڻ ھر ساھواري شئيء لاء پاڻي زندگي جو بنيادي جزو آھي.
پاڻي زندگي آھي ڇاڪاڻ جو ھي سرسبز ٻنيون ٻارا باغ مختلف پوکون آباديون پاڻي تي ئي ٿين ٿيون ـ اسان سوچيون ته جيڪڏهن پاڻي نه ھجي ته ڇا اسان جو زنده رھڻ ممڪن آھي ؟ ـ
نه بلڪل به نه اسان کاڌي کانسواء ته ڪجهه وقت ڪڍي زندھ رھي سگھون ٿا, پر پاڻي کان سواء ٻ ٽي ڏينهن به زندھ نٿا رھي سگھون ـ
پر افسوس جو اڄ اھو پاڻي اھا زندگي سنڌ صوبي کان زوري کسجي رھي آھي , اھو پاڻي جنهن تي سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جون زمينون آباد ٿين ٿيون غير آباد ٻنيون سايون۽ سرسبز ٿين ٿيون, جنهن جي صورت ۽ انهن مسڪينن جي گهر جو چلھو ٻري ٿو ۽ پيٽ ڀري ماني کائڻ جو موقعو ملي ٿوـ اھو سنڌو ئي آھي جيڪو نه صرف پوري صوبي پر سڄي ملڪ کي آباد ڪري ٿو زندگي بخشي ٿو ۽ نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي ملڪ ۾ـسنڌو جو پاڻي وھي ٿو , بلچستان ,ڪي پي ڪي ,سنڌو جو پاڻي پاڪستان جي چئني صوب کي آباد ڪري ٿو ـ سنڌ صوبو ھيڏي درياهه بادشاهه جو مالڪ ھوندي به ھميشـ يتيمن وانگر لاوارث ئي رھيو آھي, ھيشـ سنڌ تي ڌارين قومن وانگر وفاق ۽ پنجاب صوبي ظلم ئي ڪيو آھي, پر شابس ھجي سنڌ جي اٻوجھ ۽ امن پسند ماروئڙن کي جو ھنن ڪڏهن به پنهنجي حق وٺڻ لاء اف به نه چيو آھي ـ ٻيون سڀ ناجائزيون ھڪ پاسي پر سنڌو جي پاڻي تي پنجاب جو ڌاڙو اسان کي ھرگز به قبول نه آھي ـ ھڪ نه ٻـ به نه يڪا سارا “ڇھ ڪئنال” سنڌو مان کوٽيا پيا وڃن جنهن جي پاڻي تي پنجاب ,چولستان جون غير آباد زمينون آباد ٿينديون ۽ سنڌ جو آباد زمينون غير آباد ٿينديون ـ
جي ھا سنڌو مان ڇھ ڪئنال نڪرندا ته سڀ کان وڏو ڌڪ سنڌ صوبي جي ڏکڻ واري حصي لاڙ, بدين کي لڳندو ـ جتي سنڌي ماڻهن جون لکين ايڪڙ زمينون آباد آھن ۽ انهن جي آبادي جو ذريعو صرف سنڌو جو پاڻي آھي ـ قانون مطابق ته پوڇڙ واري زمين پاڻي جي وڌيڪ حقدار ھوندي آھي , سنڌ صوبو به درياهه جي پوڇڙ تي آھي پاڻي جووڌيڪ حقدار… پر بدقسمتي سان اسان سنڌين جو پاڻي پنجاب صوبو” مارچ مھيني کان جون” تائين بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پنجابي تربيلا ڊئيم ڀريڻ جو بھانو ڪندا آھن, پوء سانوڻن ۾گھڻا مينهن پوندا آھن ته ڊيئم پھريان ڀريل ھجڻ جي صورت ۾ سنڌو ۾ پاڻي گھڻو ڇڏيندا آھن ۽ سنڌ کي ٻوڏ جو خطرو ٿي ويندو آھي ۽ ڪچي ۾ آباد گھر پاڻي ھيٺ اچي ويندا آھن ـ جڏهن سانوڻن سبب سنڌو ۾ اڳي ئي پاڻي جي گھڻائي ھوندي آھي , مٿان پنجابي ضرورت جو پاڻي بند ڪري ڊيئم ڀرندا ته پوء سانوڻن ۾ سنڌ ئي ٻڏيندي نه.
سوظلم ته اسان سان اھو آھي جو سنڌو درياهه جي پاڻي جو به گھڻو حصو, پھريان ئي مٿان مٿان پنجاب صوبو پيئو وڃي ٿو ۽ سنڌو ۾ پاڻي ڇڏن ئي تمام گھٽ ٿاـ سنڌو ۾ پاڻي تڏھن جھجو موڪلندا جڏهن پاڻ ٻڏندا مينهن گھڻا پوندا ته سنڌ ۾ پاڻي خاص کولندا جنهن سان ٻوڏ جو خطرو پڻ وڌي ويندو آھي ـ
مئي, جون جي ڏاڍي گرمي ۾ سنڌ جي ماڻهن جا فصل پيا سڪندا انبن کي پاڻي جي ضرورت پر پاڻي آھي ڪون مٿان ئي پنجابي بند ڪيو ويٺا آھن ـ
سنڌ حڪومت جي سنڌو مان ڪئنال کوٽڻ جي فيصلي کي رد ڪرڻ باوجود ۔ , سنڌي ماڻھن جي احتجاجن جي باوجود به سنڌو مان واھ کوٽيا پيا وڃن ـ
ڇا واقعي ۾ اسان لاوارث قوم آھيون جو, جيڏيمھل جيڪو چاھي ناجائزيون ڪندو اسان کي لتاڙندو ھليو وڃي ۽ اسين ھٿ ٻڌيو بيٺا ھجون ـ يار واقعي اسان جو نصيب ئي ايئين آھي ,بس جيڪا قسمت, نه ايئين نه ڪيو اٿو, ھن وڏي ظلم خلاف آواز اٿاريوـ ھي وقت آھي آواز ڪرڻ جو احتجاج ڪرڻ جو رستا بند ڪرڻ جو ,ياد رکو ظلم ننڍو ھجي چاھي وڏو پر ظلم ظلم ٿيندو آھي ,۽ اسان جو اخلاقي ۽ بنيادي فرض آھي ان ظلم خلاف آواز اٿاريون وڙھون ـ
سو اسان جو مطالبو آھي “سنڌو مان ڪئنال” واھ کوٽڻ بند ڪيو ظلم نه ڪيو غريبن جون ٻنيون غير آباد ڪري سندن آھون نه کڻو ـ
سنڌو درياهه جو پاڻي اڳي ئي پنجاب کنيو وڃي ٿو جيڪڏهن اڃان به واھ کوٽندا ته سنڌو ۾ واري ئي اڏامندي ـ بلڪ ھينئر به سنڌو جو ھيٺيون پاسو اچي ڏسي ڪير واري ئي اڏامي پئي ـڇاڪاڻ ته سنڌو ۾ گھڻو پاڻي پنجاب ڇڏي ئي نٿو ـ
اسان جو مطالبو وري به اھو آھي ته سنڌو مان واھ کوٽڻ بند ڪيا وڃن, سنڌو کي ھميشـ سنڌ صوبي ۾ ئي وھندو رھڻ ڏنو وڃي ـ سنڌو اسان جي ماء آھي, اھا ماء جيڪا ھميشـ پنهنجن ٻچڙن جو خيال رکندي آھي سو , سنڌو جو پاڻي اسان سنڌين لاء ماء جي ٿڃ وانگر آھي.
بحرال پنجاب واسيو,سنڌو تي ڪئنال ٺاھڻ بند ڪيو اھو اسان سان ظلم آھي. ڪيترن ئي ماڻهن جو زندگيون سنڌو سان جڙيل آھن سو انھن جو زندگيون تباهه ڪري , ٻنيون غير آباد ڪري توھين به ڪڏهن خوش ۽ آباد نٿا رھي سگھو ـ اسين بيوس ۽مجبور ھٿ ٻڌل سنڌي ٻيو آخر ڪري به ڇا ٿا سگھون سواء قلم ذريعي دل جو بار ھلڪو ڪرڻ لاءـ
“واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جوـ’
” سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ, ۽ پنجاب جو ڌاڙو نانمظور نامنظورـ
سنڌو اسان جي ماء آ
سنڌو اسان جو ساھ آ
سنڌو کي بچايو وڃي ـ
اھا اسان جي پڪار آـ










