محمد خالد ميمڻ
آڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين ‘
آديسي اٿي ويا مڙھيون مون مارين ‘
جيڪي جيء کي جيارين ‘
سي لاھوتي لڏي ويا
گذريل ڏهاڙي 24 مئي اربع جي ڏينهن صبح جو 9 لڳي 42 منٽن تي ڦل شهر جي صحافي دوست انيس الرحمان ڦل فون ڪري جڏهن ٻڌايو ته فقير عبدالغفور ڦل گذاري ويو آهي ته سچ پچ ڄڻ ته پيرن هيٺان زمين کسڪي وئي ۽ مون کان رڙ نڪري وئي ۽ ذهن تقريبن 30 سال پوئتي هليو ويو جڏهن منهنجو ڦل شهر ۾ مهراڻ ميڊيڪل اسٽور جي نالي سان دوائن جو اسٽور هيو ۽ فقير عبدالغفور ڦل کي ڪريانه جو دڪان هيو ۽ اسان گڏجي سکر ته ڪڏهن حيدرآباد مان پنهنجي پنهنجي دڪانن جو سامان کڻڻ ويندا هياسين ۽ جيئن ته ٻئي گهمڻ ڦرڻ جا شوقين هياسين ته گڏ مختلف شهرن ڏانهن گهمڻ لاء وڃڻ ڄڻ ته معمول هيو ۽ کيس سان گڏ ڪيل اهي سفر هميشه يادگار سفر رهيا ۽ جڏهن به ملندا هياسين انهن تاريخي سفرن دوران ٿيل واقعن کي ضرور ياد ڪري خوش ٿيندا هياسين فقير عبدالغفور ڦل هڪ يارويس هردلعزيز شخصيت هجڻ سان گڏ سخي مرد انسان هيو سندس اوطاق تي هروقت ڪونه ڪو مهمان ضرور موجود هوندو هيو ۽ ڀلي ڪير رات جو ڪيڏي به دير سان سندس مهمان ٿي ايندو ته کيس گهر جي ماني ضرور ملندي هئي ڦل شهر ۾ هر سياسي توڙي سماجي ڪم ڪارن ۾ پاڻ ضرور حصو وٺندو هيو ۽ اليڪشنن وارن ڏينهن ۾ ته سڀني پارٽين جا اڳواڻ سندس وٽ ضرور ايندا هيا ۽ اهي فقير وٽان وڏي عزت مان وٺي ويندا هيا شهر ۽ آسپاس ڪو ڪوبه مسئلو هجي فقير ان کي حل ڪرائڻ لاء هميشه تيار هوندو هيو ۽ پنهنجو مثبت ڪردار ضرور ادا ڪندو هيو 2001 جي ناظمي اليڪشن ۾ مان نائب ناظمي جي سيٽ تي اليڪشن وڙهي ته فقير کي وري مخالف پينل اسان جي پينل خلاف ڪائونسلري تي بيهاري ڇڏيو اليڪشن ٿي گذري وئي سال گذري ويا پر فقير ڪڏهن به ڪٿي ملڻ دوران منهن نه گهنجايو ۽ اسان جي واسطيداري ائين ئي رهي جيئن شروع ۾ هئي ان مان اندزو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪڏهن به انتها پسند نه هيو بلڪه دوستي پسند هيو پاڻ شهر ۽ آسپاس جي ماڻھن جي تڪليفن کي حل ڪرائڻ لاء هروقت پيو تڙپندو هيو ۽ ان لاء سياستدانن پنهنجن آفيسر دوستن کي پيو چوندو هيو سندس ياري دوستي وارو حلقو تمام وڏو وسيع هوندو هيو ڇوته سندس يارويس طبعيت جي ڪري ساڻس جيڪو به هڪ دفعو ملندو هيو ته هميشه لاء سندس جو ٿي ويندو هيو گذريل عيدالفطر واري ڏينهن شام جو مان پنهنجي دوست استاد غلام مرتضي ڦل سان گڏجي سندس جي اوطاق تي وڃي کيس عيد مبارڪ ڏنيسين ته پاڻ هميشه وانگر ماني کانسواء نه ڇڏيائين ۽ اهائي ساڻس آخري ملاقات ٿي ۽ فقير عبدالغفور ڦل اوچتو اسان ڦل واسين کي ڏکارو ڇڏي ان منزل طرف روانو ٿي ويو جتان هن مهل تائين ڪوبه واپس ناهي آيو فقير صاحب هڪ ڪڏهن به نه وسرندڙ ڪردار ھيو ۽ جيستائين سسي ۾ ساه آهي پاڻ اسان کان ڪڏهن به نه وسرندو ۽ انشاء الله هڪ ڏينهن اسان به ساڻس گڏباسين فقير جي لاء ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ سندس پٽن سڪندر علي ڦل سراج ڦل ڀاڻيجن اصغر علي ڦل اسلم ڦل يوسي سيڪريٽري رحمت الله ڦل سميت ٻين پؤنئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي (آمين)#
