سماجي براين کي روڪڻ لاءِ جميعت پاران احتجاج جو چتاءُ

روهڙي(ن سنڌيار)روهڙي پيارو واھ سماجي براين جو ڳڙھ بڻجي ويو پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ جوا, ڪرڪيٽ بڪي جي ڪري ڪيترن ئي نوجوانن جو مستقبل داء تي لڳل علائقي واسي پريشان سماجي براين کي روڪڻ لاءِ جميعت علماء اسلام جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحميد مهر جي سربراهي ۾ اجلاس احتجاج جو چتاءُ .روهڙي ڀرسان جهانگڙو ٿاڻي جي حد پيارو واھ جو علائقو سماجي براين جو ڳڙھ بڻجي ويو جهانگڙو پوليس جي سرپرستي ۾ جوا؛ ڪرڪيٽ مٿان سٽيبازي ۽ منشيات سرعام هلڻ جي ڪري منڊوديرو ماڙي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي نوجوانن جو جوا ۽ منشيات جي ڪري مستقبل داء تي لڳل نوجوانن جي والدين پاران ڳڻتي جو اظهار جڏهن ته پيارو واھ ۽ ڀرپاسي مان سماجي براين؛ جوا؛ڪرڪيٽ بڪيز؛ منشيات ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ جميعت علماء اسلام سکر جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالحمید مهر جي سربراهي ۾ پيارو واھ مدرسي ۾ اجلاس ڪيو ويو جنهن ۾ جميعت علماء اسلام جي مختلف عهديدارن شرڪت ڪئي ۽ پيارو واھ ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ جوا ۽ منشيات جي سرعام واهپي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي متفق راء سان فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ سماجي براين جي خاتمي لاءِ جهانگڙو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي سکر سان ملاقات ڪئي ويندي ان کانپوءِ به جيڪڏهن سماجي براين جوا؛ ۽ منشيات جي روڪٿام نه ٿي سگهي ته جميعت علماء اسلام سکر پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا اجلاس ۾ ڳالهائيندي جميعت علماء اسلام سکر جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالحمید مهر چيو ته پيارو واھ جي مختلف علائقن ۾ جوا جي وڌي وڃڻ سبب علائقي جا نوجوان ڪيترن ئي براين ۾ وڪوڙبا ٿا وڃن ۽ انهن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي جوا جي ڪري بدامني ۾ پڻ واڌ ٿي رهي آهي جڏهن ته پياري واھ جي مين اسٽاپ جي سڀني هوٽلن ۾ ڪرڪيٽ جون بڪي قائم ڪري ڪرڪيٽ تي لکين رپين جو جي سٽيبازي ڪئي ٿي وڃي جنهن جي ڪري نوجوان پڙهائي بدران جوا ڏانهن راغب ٿي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته ٻن ڏينهن اندر جيڪڏهن جوا ۽ منشيات تي ضابطو نه آندو ويو ته سخت رد عمل ظاهر ڪندي قومي شاهراهه تي ۽ ايس ايس پي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو