اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قائم پاڪستان جي سفارتخانن جا 4 مهينن کان روڪيل فنڊ ۽ ملازمن جو پگهارون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ملڪ ۾ مالياتي گهوٽالي ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ هئڻ ڪري ٽئين ڪوارٽر جا فنڊ ناڻي واري وزارت روڪيا هئا. پرڏيهي سفارتخانن ۾ ملازمن جي پگهار واري رقم 50 لک ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو ته پرڏيهي معاملن واري وزارت کي ٽئين ٽه ماهي تائين ڪيترن ئي پاڪستاني سفارتخانن ۽ پرڏيهي مشنز لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) به ان مقصد لاءِ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي فراهمي جي منظوري ڏني هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جرمني ۾ پاڪستاني مشن پرڏيهي معاملن واري وزارت کي خط لکيو آهي ته فنڊن جي کوٽ سبب ان جي باقاعده ڪم ۾ رڪاوٽ اچي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته آمريڪا، فرانس، جرمني، عمان، ويانا ۽ بيلجيم مشن ۾ ملازمن کي پگهارون نه مليون آهن. ايران، ترڪي ۽ افغانستان ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ملازمن جون پگهارون به روڪيل هيون.










