سريلنڪا ڪرڪٽ سيريز ٽڪيٽن جو وڪرو شروع

ڪراچي(دريا خان شر) پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾  27 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ميچن جي ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي اسٽيڊيم ۾ ون ڊي ميچز ٿينديون جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي جون ٽئي ميچون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾  5، 7 ۽ 9 آڪٽوبر تي ٿينديون. ڪراچي اسٽيڊيم تي ٽيڪٽون وٺڻ لاءِ ڪرڪٽ جي مداحن جو قطارون لڳل آهن. اسٽيڊيم کانسواءِ ڪوريئر سروس جي مخصوص آفيسن ۾ به ٽڪيٽون وڪرو ٿي رهيون آهن. ڪراچي ۾ ون ڊي ميچز لاءِ انتهائي سخت سيڪورٽي جو پلان جوڙيو ويو آهي، پوليس ۽ رينجرز کانسواءِ فوج جا دستا به تعينات ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو