نادر بڙدي
سانگهڙ ضلعو، جيڪو اڳي سنڌ جي زرخيز زمينن، علمي خدمتن ۽ سياسي سڃاڻپ لاءِ مشهور هو، اڄ هڪ اهڙي خاموش وبا جي ور چڙهيل آهي، جنهن جو نالو آهي: منشيات. سانگهڙ ۾ منشيات جي موجودگي هاڻي رڳو افواهون نه رهيون آهن، پر اها هڪ تلخ حقيقت بڻجي چڪي آهي، جيڪا نسلن جي تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي.
ڪافي وقت کان ضلعي سانگهڙ جي مختلف ٿاڻن جي حدن، گلي گهٽين، بس اسٽاپن توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ منشيات جهڙوڪ چرس، گٽڪو، آئيس، هيروئن، نشي آور سوپاريون، مين پڙي، گٽڪا، انڊين سفينا ۽ آداب آسانيءَ سان دستياب آهن. منشيات جي واپار پويان مقامي سطح تي منظم نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو نه رڳو نوجوانن کي نشي جي ور چڙهائي رهيو آهي، پر سماج کي به اندر ئي اندر ڳاري رهيو آهي.
تعليمي ادارا، جيڪي ڪنهن به سماج جي اميدن جو مرڪز هجن ٿا، اڄ نشي جي وڪڙ جي ويجهو اچي ويا آهن. شاگرد، جيڪي ڪتابن ۾ پنهنجو مستقبل ڳوليندا هئا، اڄ نشي جي لت ۾ مبتلا ٿي بي رستو بڻجي رهيا آهن. ڪيترن ئي اسڪولن جي ويجهو منشيات وڪرو ڪندڙ آسانيءَ سان رسائي رکن ٿا، جتي پوليس جو اهم ڪردار به نظر اچي ٿو.
هن وقت سانگهڙ ضلعي جي ڇهن تعلقن ــ کپرو، جام نواز علي، سنجهورو، شهداپور، ٽنڊو آدم ۽ ٻين علائقن ۾ ست کان وڌيڪ منشيات ڊيلر سرگرم آهن، جيڪي ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ زهريلو نشو وڪڻي رهيا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته منشيات جي هن ڪاروبار مان ماهوار چار ڪروڙ رپين تائين منٿلي مقرر هجڻ ڪري منشيات وڪڻندڙن کي کلي ڇوٽ حاصل آهي.
بلوچستان مان منشيات سان ڀريل گاڏيون آڻي ضلعي جي مختلف ويئر هائوسن ۾ محفوظ ڪري سيل ڪيون وڃن ٿيون. ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته هن ڪاروبار ۾ ننڍن ٻارن جو به استعمال ٿئي ٿو، جن کي روزاني اجرت تي گلي گهٽين، بس اسٽاپن ۽ دڪانن تي بيهاري نشو وڪرايو وڃي ٿو.
ڪيترا ڀيرا ضلعي سانگهڙ جي سڄاڻ ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا آهن، پر انتظاميا ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ڌريون خاموش تماشائي بڻيل آهن. پوليس ڪڏهن ڪڏهن منشيات خلاف ڪارروايون ڪندي نظر اچي ٿي، پر نتيجا گهڻو اثرائتا نه ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته منشيات وڪرو ڪندڙ ڪجهه ڏينهن بعد ٻيهر ساڳئي ڌنڌي ۾ سرگرم نظر اچن ٿا. ان مان لڳي ٿو ته نظام اندر ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڪمزوري يا ملي ڀڳت آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته منشيات خلاف جنگ رڳو حڪومت يا پوليس جي ذميواري ناهي، بلڪه اها سموري سماج جي گڏيل ذميواري آهي. تعليمي ادارن ۾ شعور، والدين جو اولاد سان ويجهو تعلق، مسجدن ۽ مدرسن جي راهنمائي، ۽ ميڊيا جي مثبت مداخلت سان ئي هن ناسور کي روڪي سگھجي ٿو.
منشيات هاڻي رڳو هڪ سماجي مسئلو نه رهي آهي، پر اها بقاءَ جو سوال بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن سماج اڃا به خاموش رهيو ته ايندڙ نسلن کي رڳو نشو نه، پر اونداهو مستقبل به ورثي ۾ ملندو. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته آواز اٿارجي، منشيات خلاف علم بلند ڪجي ۽ ان جو خاتمو آندجي، ته جيئن ايندڙ نسلن جي زندگيون تباه ٿيڻ کان بچي سگهن.










