زمين تي بااثر جي قبضي خلاف هارين جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ مظفر علي بروهي) ٽنڊو محمد خان جي يوسي مويا ۾ هارين جي زرعي زمين تي بااثر شخص جي غيرقانوني قبضي خلاف هارين جو پيادل مارچ، احتجاج، ٽنڊو محمد خان کان سنڌ اسيمبلي تائين لانگ مارچ جو اعلان.ٽنڊو محمد خان جي يوسي مويا جي هارين ٽنڊو محمد خان روڊ تي بااثر شخص ۽ مويا پوليس جي ظلم زيادتين خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري مويا ٽنڊو محمد خان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.مظاهري ۾ شامل هارين، هارياڻين زرعي زمين تي قبضو ختم ڪريو، هارين سان ظلم بند ڪريو جا نعرا لڳايا. انهي موقعي تي متاثر هارين رجب رند، سعيد رند، علي رضا رند، مسمات جندو، مسمات بينا، مسمات مريم ۽ ٻين ٻڌايو ته مويا ۾ بااثر شخص پوليس جي مدد سان هر روز هارين جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪري رهي آهي ۽ هارين کي پنهنجي گهرن تان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هنن مطالبو ڪيو ته هارين سان ظلم ۽ زيادتين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هاري مجبور ٿي ٽنڊو محمد خان مان پيادل مارچ ڪري سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪندا.ٻئي طرف سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي ٽنڊو محمد خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هارين سان ظلم ۽ زيادتين جي انتها ٿي رهي آهي، مويا پوليس مڪمل ڌر ٿي ويئي آهي جنهن جي ڪري هارين جي گهرن تي هٿياربند پوليس جي مدد سان هر روز چڙهائي ڪري رهيا آهن هارين کي ڪو به جاني مالي نقصان رسيو ته پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويندو، هارين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو