رحمت الله ٻرڙو
سنڌ ۾ زراعت جي بھتري،زراعت ۾ جدت پيدا ڪرڻ،زراعت کي مارڪيٽ تائين پھچ آسان ڪرڻ،جديد ٽيڪنالوجي کي وقت جي گھرجن موجب آڻي جدت پيدا ڪرڻ ۽ زرعي پوکائي ۽ اپت کي آسان ڪرڻ،زرعي صنعت ۽ مارڪيٽ کي بھتر ڪرڻ خاطر موجوده سنڌ جي وڏي وزير پڻ پنھنجو VISION رکي ھڪ ٽارگيٽ ڪيو آھي ته سنڌ م زراعت کي بھتر ھٿي ملي سگھي.ان سلسلي ھيٺ ڏنل اپاءَ وٺڻ لاء ھڪ روڊ ميپ ڏنو ويو آھي.جيئن زرعي پاليسي 2018 ٽو 2030 م پڻ ھيٺين مقصدن ۽ نقطن تي زور ڏنو ويو آھي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي جي معيشت ۾ زراعت جي اهميت تي زور ڏنو آهي ۽ سنڌ ۾ زراعت جي ترقي لاءِ ويزن جو خاڪو پيش ڪيو آهي.هن خواب جا اهم پهلو پڻ ھيٺ ڏجن ٿا.
1.زرعي پيداوار کي وڌائڻ،جديد زراعت جي ٽيڪنالاجي،اعلي معيار جي ٻج، ۽ موثر پاڻي جي انتظام ذريعي فصلن جي پيداوار ۽ پيداوار کي بهتر بڻائي.
2.آبپاشي جي بنيادي ڍانچي کي وڌائڻ،آبپاشي نظام کي وڌايو ۽ وڌايو، بشمول واهن، ڊيمن ۽ ٽيوب ويلن کي،بروقت ۽ مناسب پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاء.
3.مشيني فارمنگ کي فروغ ڏيڻ،ٽرئڪٽرن، هارويسٽرز ۽ ٻين مشينري جي استعمال کي همٿايو وڃي ته جيئن مزدورن جي خرچن کي گھٽايو وڃي ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ تي زور ڏيڻ کپي.
4.ننڍڙن هارين جي مدد ڪريو،ننڍڙن هارين کي تربيت،ڪريڊٽ ۽ مارڪيٽ جي رسائي فراهم ڪريو ته جيئن سندن معيشت کي وڌايو وڃي.
5.فصلن کي واڌ ڏيڻ،اعليٰ قيمتن جي فصلن جهڙوڪ ڪپهه، چانور ۽ ڪمند جي پوک کي همٿايو، گڏوگڏ ميوا ۽ ڀاڄيون پڻ وڌ کان وڌ موسم آھر ضروري آھن.
6.مارڪيٽ جي پهچ کي بهتر بنائڻ،هارين کي صارفين سان ڳنڍڻ لاءِ جديد مارڪيٽون ۽ اسٽوريج جون سهولتون قائم ڪرڻ ۽ فصل پوڻ کان پوءِ ٿيندڙ نقصانن کي گهٽائڻ.
7.تحقيق ۽ ترقي کي وڌايو،تحقيقي ادارن ۽ توسيع خدمتن کي مضبوط ڪرڻ لاء نئين ٽيڪنالاجي ۽ بهترين عملن کي ترقي ۽ ڦهلائڻ لاء.
8.آبهوا جي تبديلي جو پتو لڳايڻ،زراعت تي موسمي تبديلين جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ، جيئن خشڪي برداشت ڪندڙ فصل ۽ پاڻي جو تحفظ.
9.خانگي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ،زراعت ۽ لاڳاپيل صنعتن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ. 10.زرعي تعليم ۽ تربيت کي بهتر بنائڻ: هارين، ايڪسٽينشن ايجنٽن، ۽ محققن لاءِ ظرفيت وڌائڻ جا پروگرام بهتر بنائڻ لاءِ ماهر افرادي قوت کي يقيني بڻايو وڃي.سنڌ حڪومت ان ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبا ۽ پروگرام شروع ڪيا آهن،جن ۾ ھيٺيان پڻ شامل آهن.
سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ (SAGP)،
سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (SIDA)،
سنڌ زرعي يونيورسٽي (SAU)،
سنڌ زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (SARC)،
سنڌ فارمرز سپورٽ پروگرام (SFSP)،
انهن قدمن جو مقصد سنڌ جي زرعي شعبي کي هڪ جديد، پيداواري ۽ پائيدار صنعت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، جنهن سان صوبي جي معاشي ترقي ۽ خوراڪ جي تحفظ ۾ مدد ملندي.سنڌ صوبو جيڪو زرعي لحاظ کان بلڪل بہ مالا مال صوبو رھيو آھي جنھن جي لاء سال جون چار ئي موسمون زرعي فصلن،پوک ۽ مختلف زرعي جنسن جي پورائيءَ لاء پڻ ڪارآمد آھن.ان ڪري ھن وقت جڏھن دنيا جديد مشينري کي استعمال ڪندي زراعت ۾ بھتر جنسون متعارف ڪرائي زراعت واري شعبي کي ھٿي وٺرائي پئي اتي اسان جي صوبائي حڪومت ۽ خود زراعت کاتي کي ان پاسي توجھ ڏئي ڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت ٿي پيو آھي.سنڌ جي زراعت بابت سنڌ حڪومت جيڪا زرعي پاليسي سامھون رکي ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي سو پڻ ساراھ جوڳو عمل آھي.مٿي وڏي وزير جي ويزن يا سنڌ حڪومت جي زرعي پاليسي 2018 ٽو 2030 جي زرعي سڌارن يا مقصدن بابت ورتل اپائن تي وقت سر بهتر نموني جدت پسند اپاء ورتا ويا ته پوء چئي سگهجي ٿو ته زراعت ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.جيڪڏهن گذريل حڪومتن وانگر فقط اعلان پاليسيون ۽ بجيٽ ته رکجي پرانهن ج عمل ۽ اڪلاء وقت سر نه ٿي سگهيو ته پوء جن بهتر نتيجن جي ضرورت محسوس ڪجي ٿي سي پڻ نتيجا سامهون ڪونه ايندا.ان لاء موجوه سنڌ حڪومت جنهن جون واڳون هڪ وڏي وقت کان سيد مراد علي شاھ جي هٿ ۾ آھن ۽ هيء خود 2018 واري زرعي پاليسي اپريل 2018 ۾ سندس ماتحتيء ۾ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي هئي جنهن جا اهم نقطا مٿي ڏنل آھن سي پڻ وقت سر عمل ۽ توجھ جا گهرجائو آھن.ان کان علاوه هتي ضرورت محسوس ڪندي ڪجھ ڳالهيون پڻ سامهون رکون ٿا ته،سنڌ حڪومت ۾ زراعت واري وزارت،سنڌ ۾ زرعي شعبي سان وابسطا زراعت کاتي جا مختلف ونگز جن ۾ خود زرعي توسيع کاتو،انجنيئرنگ ونگ،واٽر مينيجمنٽ،ورڪشاپ،ريسرچ ونگ وغيره کان علاوه زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ خود زرعي ڪاليجز جي پروفيسرز کان ويندي زرعي ماهرن ۽ آبادگارن کان زراعت جي بهتريء لاء بهتر ڳالهيون مشورا ۽ عمل پڻ وٺڻ ضروري آھن.ڇو ته زراعت سان لاڳاپيل ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽ انهن تعليمي ادارن ۾ ويٺا آھن يا خود زراعت کاتي سنڌ ۾ پڻ.جديد دنيا جي ترقي يافته ملڪن يا خود ترقي پذير ملڪن جي پاليسي ميڪرز،پروگرام مينيجرز يا پروجيڪٽ پروڊيوسرز کي جڏهن مشاهدي هيٺ آڻيندا ته اتي انهن ملڪن جي حڪمران ڌرين يا خود ادارتي پاليسين ۽ اختيار ڌڻي پنهنجي ادارتي، ملڪي يا قومي ترقيء جي پروگرامن ۽ پاليسين کي ڪامياب ڪرڻ لاء ٻين ملڪن کان ٽيڪنوڪريٽ آڻڻا پون ته ان ۾ ڪو حرج ناهي اهي اچڻ کپن ۽ انهن کي سٺي معاوضي تي وقتي طور ترقيء جي راهموار ٿيڻ تائين هلائڻ کپي.هن وقت موسمياتي تبديلين سبب دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچن پيون جن کان اسان به بچي نٿا سگهون،ان لاء انهنيء موسمياتي تبديلين سبب زراعت ۽ زرعي فصلن تي پوندڙ خراب اثرن ج مقابلو ڪرڻ لاء جتي خاص توجھ ڏيڻي آھي اتي خصوصي سالياني بجيٽجي واڌاري سان گڏوگڏ خاص پروفرام ۽ نيون پاليسيون ٺاهيون وڃن جن سان انهن موسمياتي پوندڙ خراب اثرن جو مقابلو ڪري سگهجي.هن وقت ان اميد سان اها ڳالھ رکجي ٿي ته اپريل 2018 ۾ پاس ڪرايل زرعي پاليسي جي مقصدن جيڪو پڻ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو زراعت جي ترقيء بابت خواب آھي جنهن جو مقصد مٿي بيان ڪيو آھي کي پڻ ڪامياب ڪرڻ لاء وزير زراعت،سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو سندس ادارتي زميواران جو فرض ٿو ٿئي ته هو سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت جي ترقي ۽ زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي هم آهنگ ترقي پڻ ضروري آھي.ان لاء هن وقت جڏهن سنڌ جي زراعت جيڪي هنگامي ۽ تڪڙن بنيادن ٿي پالسيون اپلء ڪرڻ چاهي ٿي يا پڻ وقتي به ضروري به گهرجون آھن تن تي چيف منسٽر سنڌ،چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري زراعت سنڌ جو ڏينهن رات سرگرم ٿيڻ ضروري آھي.










