رڳو اسڪولن ڪاليجن تي ڇاپا ڇو ؟‎

فاروق احمد گھنڃو
سنڌ دنيا جو واحد خطو آهي جتي اسڪولن تي ڇاپا لڳندا آهن يونيورسٽين ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جون ننڍيون ننڍيون ڇانوڻيون موجود آھن الائي ڇو سنڌ جي تعليمي ادارن کي ھٿ سان برباد ڪيو پيو وڃي استادن کي پڻ حراسان ڪيو پيو وڃي پرائمري توڙي ھاء اسڪولن تي ڇاپا لڳن ٿا ڪڏھن عدالت جا ته ڪڏھن وري مئجسٽريٽ جا ته ڪڏھن بائيوميٽرڪ وارن جا داٻا بائيوميٽرڪ وارن به گوسڙو استادن کي ڇوٽ ڇڏيو آھي ڪجھ به نه ٿا ڪن روزانو جي بنياد تي اسڪول ايندڙ استاد ئي عذاب ۾ آھن وري ڪڏھن صحافي پھچي وڃن ٿا اسان کي پنھنجي تعليمي ادارن کي تباھ ٿيڻ کان بچائڻو پوندو ذميوار ۽ باشعور شھري جي حيثيت ۾ پنھنجي ڳوٺ جي اسڪولن ڪاليجن سميت يونيورسٽين جي مالڪي ڪرڻ جا حقدار آھيون اسان رڳو والدين جي ملڪيت جا وارث ناھيون پنھنجي تعليم جھڙي زيور جا به وارث آھيون .
سنڌ کي منظم طريقي سان تباھي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو پيو وڃي .
دنيا جا سڌريل ملڪ پنھنجي تعليمي ادارن کي مضبوط ڪندا آھن ۽ پنھنجي تعليمي ادارن کي حڪومت اڳتي آڻي ٿي واحد سنڌ صوبو آھي جنھن پنھنجي تعليم تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي روزانو اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي خبرون اچن ٿيون ته اڄ فلاڻي اسڪول تي جج جو ڇاپو اھي خبرون ٻڌي افسوس ٿيندو آھي
ڪاش عدالت سڳوري رڳو پنھنجا ڪيس جلدي اڪلائي ته اھو به ڪنھن غنيمت کان گھٽ ناھي عدالت امن تباھ ڪندڙن خلاف پوليس جي ڪارين رڍن ، منشيات ، فحاشي ۽ جوا جا اڏا ھلائيندڙن خلاف روزانو جي بنياد تي ايڪشن کڻي ته سنڌ سموري سون ٿي پوي سنڌ جي اھڙي حالت ھرگز نه ھجي ھا منشيات فحاشي ۽ جوا جا اڏا ته انتظاميا جي نگراني ۽ پناھ ۾ ھلندا آھن انھن خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جي ضرورت آھي نه ڪي استادن کي تنگ ڪجي
چوندا آھن ھڪ اسڪول جو در کلي ٿو ته ھڪ جيل جو در بند ٿئي ٿو .
دنيا ارٽيفشيل انٽيليجنس ڏانھن تيزي سان وکون کڻي رھي آھي اتي اسان جو نوجوان ارٽيفشيل انٽيليجنس کان واقف ئي ناھي 2017 ۾ batch جي اليڪٽريڪل انجنيئر دوست سرمد جوڻيجو ڳالھ ٻڌائي ته پروفيسر صاحب ھڪ ايپ ٺھرائي ته جيڪڏھن گھر ۾ پکو Fan ھلندڙ ڇڏي آيا آھيون ته اھو ڪيئن بند ڪجي ايپ تي ڪم شروع ڪيو جيڪا ڪامياب وئي جڏھن پروفيسر صاحب وائيس چانسلر ڏانھن وٺي ويو ۽ فنڊ جي ڳالھ ڪئي ته وائس چانسلر آپي کان ٻاھر نڪري ويو پروفيسر کي ايترو ته ذليل ڪيو ويو جو ھو نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ پروفيسر صاحب جرمني ڏانھن اڏام ڪري ويو اھا حالت آھي اسان جي تعليمي نظام جي هن جديد دور ۾ جتي سڌريل ملڪن جا ٻار جديد تعليم ۽ اعلي قسم جي ماحول سان گڏ A i جو استعمال ڪري پنهجي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ، جتي دنيا جي تعليم تيز انٽرنيٽ 5g ۽ 7g جي جديد سهولتن سان لاڳاپيل آهي
اتي اسان جي سنڌ بنيادي تعليمي سهولتن کان قاصر اھي ڪٿي اسڪول آهي ته فرنيچر ناهي جيڪڏهن فرنيچر آهي ته استاد ڪونهي، ڪٿي اسڪول آھن ته واش روم ناهي، پاڻي بجلي ناهي، چارديواري ناهي، انٽرنيٽ ۽ سائنسي ليبارٽري جو ته تصور ئي ناهي. ان ڪري اسان وٽ هن جديد دور ۾ به اهو پراڻو نصاب پڙهايو وڃي ٿو جيڪو ترقي يافتہ ملڪن ۾ ڪيترا ورھيہ اڳ پڙهايو ويندو هو .
ڳالھ ڪجي ڪاليجز يا يونيورسٽين جي تعليمي معيار جي ته سواء (Theory) جي ٻي ڪنهن به قسم جي ڪابه تعليمي ايڪٽوٽي نظر نٿي اچي.
يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ جڳاڙي ليبارٽريز ته آهن پر پريڪٽيڪل ڪرڻ لاءِ گھربل سامان ناهي جيڪڏهن ان سموري معاملي تي اگر ڪو شاگرد سوال ٿو ڪري ته انتظاميا طرفان ڌمڪايو ٿو وڃي انتظاميا طرفان سندس اڪيڊمڪ پريشرائيز ڪري خاموش ڪرايو ٿو وڃي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ آھن جيڪي مفت تعليم ڏيئي رھيا آھن
فن لينڊ دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو سڀني لاء مفت تعليم فراهم ڪري ٿو. ڪابه فيس نه آهي ۽ شاگردن کي ماني ۽ سکيا وارو مواد بغير قيمت جي ملي رھيو آھي ۽ ملي ٿو .
ان کان علاوه ناروي، آئس لينڊ، جرمني، سوئيڊن جهڙا ملڪ به شاگردن کي مفت تعليم پرائڻ جو موقعو ڏين ٿا.
جتي پوري دنيا مفت تعليم ۽ آعلي تعليم جي ترقي طرف تيزي سان وڌي رهي آهي اتي اسان جون يونيورسٽيون ڪاليج ۽ اسڪول هر سال فيسن ۾ اضافو ڪري غريب شاگردن کان تعليم جو حق کسي رهيون آهن. جڏهن ته اهل شاگردن لا ايندڙ اسڪالرشپ به من پسند ۽ نااهل شاگردن ۾ ورهائي غريب شاگرد جو حق کسيو ويندو آھي
هن جديد دور ۾ سنڌ جديد تعليمي نظام گهري ٿي.
نه ڪي تعليمي ادارن تي ڇاپا لڳڻ گھرجن ڇاپا ته ڌاڙيلن ، چورن ، ڪرپٽ آفيسرن تي لڳڻ گھرجن اسڪولن ڪاليجن تي ڇاپا ھڻي اسان شاگردن کي ڪھڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاھيون تعليمي درسگاھن کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري جديد تقاضائن موجب پڙھايو وڃي.
پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو