ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو ،اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر پنج پئسا واڌ بعد 227 رُپيا 88 پئسن جو ٿي ويوآهي.انکانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رُپيو مهانگو ٿيو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 228 رُپين جو آهي.
