ريڊ بال کان پري رهندڙ نواز، نعمان جو متبادل بڻجي ويو

پرٿ (ويب ڊيسڪ)سليڪشن ڪميٽي گذريل هڪ سال کان ريڊ بال ڪرڪيٽ نه کيڏندڙ محمد نواز کي کاٻي هٿ جي اسپنر نعمان علي جي جاءِ تي کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سليڪشن ڪميٽي پاران چونڊيل محمد نواز گذريل 3 سالن ۾ رڳو 4 ريڊ بال ميچ کيڏيا آهن.واضح رهي ته محمد نواز به جنوري ۾ نيوزيلينڊ خلاف شيڊول ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 17 رڪني قومي اسڪواڊ ۾ شامل آهي.آسٽريليا خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيل نعمان علي کي اپنڊڪس جي آپريشن کانپوءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي، هو جلد آسٽريليا کان وطن واپس ايندو.ٻئي طرف ليگ اسپنر ابرار احمد جي فٽنس به بهتر ٿي وئي آهي، هن بالنگ پريڪٽس به شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب 25 ڊسمبر تي فٽنس ٽيسٽ کانپوءِ ابرار احمد آسٽريليا ۾ رهندو يا نه فيصلو ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو