رياض ۾ محفل ۽ موسيقي جي بحالي جو اعلان

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب گادي واري شهر رياض ۾ محفل ۽ موسيقي جي بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪورونا وائرس جي ڪري محفل موسيقي جو تي پابندي لڳل هئي، جنهن کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سعودي عملدارن جو چوڻ آهي ته موسيقي جي محفل ۾ 40 سيڪڙو حاضري جي اجازت هوندي، محفل ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ وارن فنڪارن جي ضروري آهي ته هنن ڪورونا ويڪسين لڳرائي هجي، جڏهن ته تقريب ۾ ايس او پيز جو خاص خيال رکڻ ضروري آهي، ٻئي طرف صحت کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ رياض ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 201 نوان ڪيس سامهون آيا ۽ 16 ماڻهو فوت ٿي ويا..

پهنجو تبصرو موڪليو