رياست هڪ ئي مريض جا اڃان ڪيترا آپريشن ڪندي؟

وسعت الله خان
آمريڪا نائين اليون کانپوءِ دهشتگردي کي چٿڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين کي ‘هوم لينڊ سيڪيورٽي’ نالي سپر اداري جي ڇٽي فراهم ڪئي.ان تصور جو نقل ڪندي پاڪستان ۾ بھ 2013 جي ايڪٽ تحت نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) قائم ٿي،ته جيئن بروقت انٽيليجنس شيئرنگ ۽ منظم رابطي ڪاري جي ذريعي نيڪٽا جي دائري اندر دھشتگردي ۽ انتھاپسندي کي ھڪ ئي انداز ۾ منھن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ھڪ سگھاري شڪل ڏئي سگھجي.
16 ڊسمبر 2014ع تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي قتل عام کانپوءِ گهرو وزارت ۽ نيڪٽا جي سھڪار سان سمورين سرگرم سياسي جماعتن دھشتگردي ۽ انتھاپسندي کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ جي لاءِ 20 نڪاتي نيشنل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو.پر گذريل ھڪ ڏهاڪي ۾ اسان اعليٰ فوجي ۽ سويلين عملدارن تي ٻڌل وفاقي ۽ صوبائي بااختيار اپيڪس ڪميٽين، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي ۽ پوليس جي ڪاؤنٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جو نالو تھ باربار ٻڌو،پر نيڪٽا جو نالو عام پاڪستاني جي يادگيري جو حصو نه بڻجي سگھيو.
جنوري 2017 ۾ خبر آئي تھ ”گيم چينجر“ سي پيڪ جي رٿا ۽ ان تي ڪم ڪندڙ چيني ڪارڪنن جي تحفظ جي لاءِ آرمي جون 9 بٽالينز ۽ ڇهه سول ونگن کي گڏ ڪري لڳ ڀڳ 14 ھزار نفري تي ٻڌل ھڪ اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن جوڙي وئي آھي.(تڏھن کان ھن وقت تائين درجن جي حساب سان چيني ڪارڪن ماريا ويا ۽زخمي ٿي چڪا آھن)
سيپٽمبر 2011ع ۾ خبر آئي تھ نيڪٽا جي بندوبست کي ناڪافي سمجھندي گهرو وزارت ۾ ھڪ برگيڊيئر جي سربراھي ۾ٻيھر نيشنل ڪرائسز مينيجمينٽ سيل زندھ ڪيو ويو آھي.جنھن کي مشرف دور کان پوءِ نيڪٽا ۾ ضم ڪيو ويو هو. آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي تي ٻڌل ھڪ نيشنل انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي الڳ موجود آھي. جڏهن ته هڪ اعليٰ سطحي نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي بھ موجود آهي،پر ان ۾ پوليس، آءِ بي، ايف آءِ اي يا ايتري تائين جو نيڪٽا جي الڳ سان نمائندگي ناهي.
مئي 2022 ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته نيڪٽا جو گذريل 4 سالن ۾ ڪو به اجلاس ناهي ٿيو.حڪومت هاڻي ان کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن وڌندڙ دهشتگرديءَ کي موثر نموني سان منهن ڏئي سگهجي.پوءِ وري اطلاع اچڻ شروع ٿيا تھ عسڪري اسٽيبلشمينٽ ”سٺن پاڪستاني طالبان“ کي ”سٺي ڪردار“ جي يقين ڏيارن جي شرط تي اباڻن علائقن ۾ واپسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اهڙن اطلاعن کانپوءِ وزيرستان ۽ سوات ۾ مقامي ماڻهن وڏي پئماني تي احتجاج ڪيو. تنهن ڪري ان ڪوشش کي ڇڏي ڏنو ويو.
اڄ تائين ڪنهن به طرف کان وضاحت نه آئي ته اھو منصوبو ڪنهن جي دماغي پيداوار هو ۽ ڪنهن ان جي منظوري ڏني.جڏهن ته اڳوڻي پارليامينٽ ھڪ ٺهراءُ بھ منظور ڪري چڪي ھئي تھ مستقبل ۾دهشتگردن سان ڪا بھ ڳالهه ٻولهه پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا نھ ٿيندي.
جيتريقدر 10 سال اڳ منظور ٿيل نيشنل ايڪشن پلان جو معاملو آهي ته ان تي پورو تھ ڇڏيو پر ان جي چوٿي جو بھ عمل نه ٿي سگهيو. حلانڪھ ان کي ٻه سال اڳ اپڊيٽ پڻ ڪيو ويو ھو. نيشنل ايڪشن پلان جي عملي اهميت رڳو ايتري ئي رھجي وئي آھي جيترو قائد اعظم جي حڪمن جو عملي احترام . ان سڄي عرصي ۾ گھڻو ڌيان مبينا دھشتگردن کي مارڻ پڪڙڻ يا سرحد پار ڌڪي ڇڏيڻ تي رھيو آهي.خود ملڪ جي اندر جن لائوڊ اسپيڪرن، جلسن، لٽريچر ۽ تقريرن ذريعي انتهاپسندي جو زهر پکيڙيو پيو وڃي، ان جا ذميوار اڄ به اوترا ئي دلير آهن، جيترا نيشنل ايڪشن پلان کان اڳ ۾هئا.
نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ اهم ڪم متبادل بيانيئي جي شڪل جوڙڻ جي لاءِ تعليمي نصاب مان انتھاپسنديءَ جو زھر ڪوري ڪڍي امن ۽ ڀائيچاري جي عالمي قدرن کي ٻارڙن جي ذھن ۾ ويھارڻ ھو. ان لاءِ ضروري ھو تھ استادن جي بھ ڇانٽي ٿئي جيڪي نصاب کي ھڪ طرف رکي ڪري ٻارڙن جي رڳن ۾ تنگ نظري ۽ انتهاپسندي جو زهر ڀري رهيا آهن.
گذريل سال ھي خبر آئي ھئي ته وفاقي اسڪول سطح تي پهرئين کان پنجين جماعت جي غير مسلم ٻارن کي انھن جا مذهبي قدر پڙھائڻ جي نصاب جي منظوري ڏني وئي آهي. پر اهي سڀ اطلاع صرف خبرون تائين ئي محدود ٿي رھجي ويا.جن تنظيمن کي مشرف دور کان ڪالعدم فھرست ۾ وڌو ويندو ھو انھن مان اڪثرڪيترائي نالا بدلائي اڄ به فعال آهن.
ڪي تھ قومي ۽ علائقائي سياسي ڌارا جو به حصو آهن. انهن مان ڪيتريون ئي تنظيمون ’موب جسٽس‘(ھجومي انصاف ) جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اڳيان اڳيان آهن. جيئن ته اهي سڀئي تنظيمون ڪنهن نه ڪنهن لاءِ ڪم جون آهن، ان ڪري انهن جي مڪمل پاڙ پٽڻ وسيع تر قومي مفاد ۾ شايد ئي ھجي تھ ھجي پر پاڙ پٽڻ جي ذميدارن جي مفاد ۾ بلڪل به ناھي.
جن رياستي ادارن جي طاقت ڪُل وقتي، طور تي اندرين ۽ ٻاھرين دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جي پٺيان پوڻ ۾ لڳڻي ھئي.انھن مان اڌ طاقت ملڪ جي اندر سياسي مينيجمينٽ ۾ لڳائي وئي.
توهان کي شايد ياد هجي ته جون 2007ع ۾ اسلام آباد جي لال مسجد سان لڳ جامعه حفصه جي ڏنڊا بردار برگيڊ، ايف 8 سيڪٽر جي هڪ مساج پارلر مان ڇھن عورتن سميت 9 چيني شهرين کي اغوا ڪري ورتو ھو ۽ انهن جي آزاديءَ جي لاءِ ان وقت جي چيني سفير لئيو زائو ھوئي،کي لال مسجد جي نائب خطيب عبدالرشيد غازي سان فون تي سڌي ريت ڳالھائڻو پيو ڇاڪاڻ جو لال مسجد جي انتظاميھ ڪنهن به سرڪاري عملدار کي نھ پئي کنگھيو.هي پهريون ڀيرو هو جڏھن پاڪ چين لاڳاپن کي نان اسٽيٽ ايڪٽرز يرغمال بڻائڻ جي لاءِ کليل ڪوشش ڪئي ھئي.تڏهن ته سي پيڪ جو نالو به ڪنهن نه ٻڌو هو.
جيتوڻيڪ ان کان اڳ لال مسجد برگيڊ ڪيترن ئي شهرين ۽ پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪيو يا مارڪٽ ڪئي هئي. پر چيني شهرين جو اغوا اھو آخري ڪک ھو جنھن جي بار برداشت جي اُٺ جي چيلھھ ڀڃي ڇڏي. ان واقعي جي ٻن ھفتن بعد لال مسجد آپريشن ٿيو. ان کان پوءِ پاڪستان دهشتگرديءَ۽ انتهاپسندي جي ڌٻڻ ۾ اڃان وڌيڪ اونھو ڦاسي ويو.
ان واقعي جي 17 سالن کانپوءِ گذريل ھفتي اسلام آباد ۾ سي پيڪ بابت اھم جائزي جو اجلاس ٿيو،جنھن ۾ شريڪ چيني وزير ليو زيان چائو،سياسي ۽ فوجي قيادت جي موجودگيءَ ۾ کليل نموني چيو ته اعتماد سون کان وڌيڪ قيمتي شيءَ آهي ۽ اسان جا سيڙپڪار سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ سيڙپ ڪرڻ کان انڪري گھبرائي رھيا آهن جو کين پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ يقين دھانين تي اعتبار ناهي.
اجلاس بعد چيني وزير آرمي چيف سان الڳ ملاقات ڪئي.چيني عام طور تي کليل طور دوستن سان شڪايت ناھن ڪندا . تنهن ڪري، چيني وزير جو ايئن کُلي ڪري سيڪيورٽي جي معاملن تي عدم اعتماد ظاھر ڪري ٿو تھ اندروني سطح جي تپش محسوس ٿي رھي ھوندي.ان تپش سان آپريشن عزم استحڪام جو تصوير پيدا ٿيو. جنهن جي باري ۾ عام ماڻهو ۽ پارليامينٽ تھ رھيا هڪ طرف، خود اهڙن آپريشنن جا سرجن بھ نٿا ڄاڻن ته ان جي شڪل ڪهڙي هوندي ۽ ڪهڙو ھدف ڪيتري قدر ۽ ڪيتري مدي ۾حاصل ٿيندو.
ماضيءَ ۾ اهڙيون جيترون بھ ڦڙتيون ڏيکاريون ويون آھن ان جو نتيجو ٿڪ جي صورت ۾ ئي نڪتو آھي،جيترا بھ آپريشنز ٿيا انھن جي مقصدن جو ڪو آڊٽ نھ ٿي سگھي. شايد مسئلو آپريشن کان وڌيڪ مريض جي ‘پوسٽ آپريٽو’سار سنڀال جو آھي.ڇا هن ڀيري ’سيڪنڊ اوپينين‘ وٺڻ جي ضروري سمجهيي ويندي؟ سرجن جي سامهون سڀ ضروري رپورٽون آهن؟ ڇا جراحي جا اوزار وائرس کان پاڪ آهن؟ ڇا سرجن کي پڪ آهي ته هن ڀيري ڪهڙو گڙدو ڪڍڻو آهي؟آخري ڳالهه: ڇا هي ڀيري واقعي ڪارراوئي ڪرڻي آھي يا اردو جي محاوري وانگر ڪارروائي ڊالني ھئي ؟

پهنجو تبصرو موڪليو