روس۽ افغانستان جو نئون ميلاپ۔۔۔پاڪستان به پنهنجو ڪردار نڀائي!

روس۽ افغانستان جو نئون ميلاپ۔۔۔پاڪستان به پنهنجو ڪردار نڀائي!

طفيل مگسي
هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته بدنصيب افغانستان ڪيترين ئي ڏهائين کان عالمي طاقتن جي سازشن ۽ جنگين جو شڪار رهيو آهي۔ڪڏهن برطانيه۔ڪڏهن روس ۽ ويجهڙائي ۾ امريڪا و نيٽو هن ملڪ کي پنهنجن مقصدن جي لاء استعمال ڪيو۔ليڪن جيڪڏهن اسان ويجهر واري تاريخ تي نظر وجهون ته۔روس جو ڪردار وري به حقيقي پسنداڻو ۽ افغانستان جي لاء مثبت ڏيک ڏيئي ٿو۔جڏهن ماضي ۾ سوويت يونين افغانستان ۾ پنهنجي دفاع جي لاء قدم رکيو ته مغربي طاقتن ڪجھ مسلمان وڪاميل ماڻهن سان گڏجي هن کي”ڪفر و اسلام“ جي جنگ بڻائي ڪري پيش ڪيو ۽ افغانستان کي روس جي خلاف جنگ جو محاذ بڻائي چڏيو۔مگر جڏهن سوويت فوجيون  نڪري ويون ته انهن ئي مغربي طاقتن (جن روس جي وقت ڪفر واسلام جي جنگ وارو شوشو چڏيو هو) افغانستان کي بربادي ۽ گهرو ويڙھ جي حالت ۾ چڏي ڏنو۔بعد ۾ انهن ئي مغربي ملڪن پنهنجن مفادن جي تحت افغانستان تي بدترين حملو ڪيو۔۽ نيٺ پاڻ به بدترين شڪست کائي ميدان چڏي ڀڄي ويا۔اڄ جو روس ماضي جي سوويت پاليسين کان مختلف سوچ رکي ٿو۔هن طالبان حڪومت کي عملي طور تي تسليم ڪيو آهي۔جيڪا افغانستان جي لاء هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي۔روس افغانستان کي ان جي حال تي نه چڏيو بلڪ هن کي هڪ پاڙيسري ملڪ جي طور تي احترام ڏنو آهي۔طالبان حڪومت کي به گهرجي ته اها انهيء موقعي کان فائدو وٺندي هڪ تفصيلي دستاويز( وائيٽ پيپر) جاري ڪري جنهن ۾ مغربي طاقتن جي اصلي چهرن کي وائکو ڪري ۽ اهو ٻڌائي ته افغانستان کي ڪهڙي ريت بار بار عالمي سياست جو ميدان بڻايو ويو۔انهيء سان گڏوگڏ روس ۽ ٻين علائقائي ملڪن سان پرامن ۽ ترقياتي تعاون کي چٽو ڪيو وڃي۔هن وقت چين به خاموشيء سان طالبان حڪومت سان گڏ معاشي تعلقات اختيار ڪري چڪو آهي ۽ ستت ئي رسمي طور تي هن کي تسليم ڪري سگهي ٿو۔مقصد روس ۽ چين ۽ ٻيا ملڪ پڻ گڏجي ڪري افغانستان کي سامراجي طاقتن جي چنبي کان آزاد زکڻ ۾ مددڱار ثابت ٿي سگهن ٿا۔جيستائين پاڪستان جو تعلق آهي ته هن سدائين افغانستان جي مامري ۾ مونجهاري جو شڪار رهجي ڪري پنهنجي پوزيشن ڪمزور ڪئي آهي۔جيڪڏهن پاڪستان شروع کان افغانستان کي هڪ آزاد رياست جي طور تي برابري واري سطح تي تسليم ڪري ها ۽ سرحدي جهيڙا حل ڪري ها ته اڄ ٻنهيء ملڪن جا تعلقات بهتر هجن ها۔ليڪن اڃا به وقت ناهي ويو ته پاڪستان پنهنجين پاليسين تي سوچ ويچار ڪري افغانستان جي حڪومت سان سڌيون ڳالهيون ڪري ۽ اقتصادي ۽ تعليمي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ تعاون واڌارو ڏيئي۔اسلامي دنيا کي به ان موصعي تي افغانستان جي کليل دل سان حمايت ڪرڻ کپي ۽ مغرب جي نام نهاد نعرن”جهموريت“ ۽ ”انساني حقن“ واري حقيقت کي سمجهي ڪري پنهنجن مسلمان ڀائرن سان بهيڻ کپي۔چاڪاڻ ته هڪ ڳالھ چٽي آهي ته سامراجي طاقتون چاهي يورپ هجي۔امريڪا واسرائيل هجي۔اهي نام نهاد ڪوڙا جهموريت پسند ۽ انساني حقن جا علمبردار نه بلڪ ائين چئجي ته جمهوريت ۽ انساني حقن جا دشمن ڪڏهن به ڪنهن مسلمان ملڪ جا دوست نٿا ٿي سگهن۔چاڪاڻ ته انهن جرامي ڦرن کي سڀ کان وڌيڪ پنهنجا مفاد عزيز هوندا آهن۔ان ڪري اڃا به وقت ويو ناهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ يعني پاڪستان ۽ افغانستان گڏجي ڪري خطي ۾ هڪ مضبوط امن ۽ ترقي جو رستو ڪڍين ۽ روس۔چين جهڙن ملڪن سان گڏجي ڪري مغرب جي سامراجي مفادن وارن ارادن کي مٽيء ۾ ملائين ۔جيڪڏهن اڃا به اسان جي وطن پاڪستان لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ته پوء اچڻ وارا نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا۔

پهنجو تبصرو موڪليو