رنوير سنگهه ۽ دپيڪا ڪرڪٽ ٽيم خريدڻ جو فيصلو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪامياب جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنويرسنگهه به آءِ پي ايل ۾ ٽيم خريدڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي ڪامياب جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ سندس مڙس رنوير سگهه نئين سيڙپڪاري لاءِ ڪرڪيٽ جي چونڊ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ هو ڀارتي بورڊ سان رابطي ۾ آهن. جوڙو آءِ پي ايل ۾ شاهه رخ خان، جوهي چاولا، شلپا شيٺي ۽ پريٽي زنٽا بعد ڪرڪيٽ ٽيم خريدڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 2022 ۾ آءِ پي ايل ۾ ٽيمون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ امڪان آهي ته دپيڪا ۽ رنوير سنگهه پنجاب جي ڪنهن شهر جي نالي سان ٽيم خريد ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو