راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.سيشن جج ڏکڻ ڪراچي ايس ايڇ او پريدي پوليس اسٽيشن ۽ ايس پي شڪايتي سيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سيشن جج ڏکڻ، ڌرين کي 30 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته 25 مارچ تي راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ جي باني کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو