راڄوڻي ڪوششن سبب ٻئي مغوي عورتون بازياب

سکر(رپورٽ امداد گل ڪلوڙ) پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتل ڇوڪري جي پلاند ۾ اغوا ڪيل ڪلهوڙا برادريءَ جون 2 عورتون بازياب ڪرايون ويون آهن. ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ٻنهي عورتن جي بازيابي جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهر برادري جي دعوا آهي ته سندن ڇوڪري ڪلهوڙن اغوا ڪئي آهي. جڏهن ته ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي مهرن جي ڇوڪري وسيم ڪلهوڙي نوجوان سان شادي لاءِ مرضي سان وئي آهي. اسين سي ڊي آر گهرائي آهي ٻنهي جي فون تي رابطي جو تفصيل ملي ويندو. هن چيو ته ٻنهي برادرين جا ڪچي ۾ڳوٺ هڪٻئي جي ڀرسان آهن. هن چيو ته لاپرواهي سبب سانگي ٿاڻي جي ايس ايڇ سميت سڀني اهلڪارن کي معطل ڪيو آهي. ذريعن موجب پوليس راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٻنهي عورتن ۽ ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرايو آهي، پوليس پاران عورتن ۽ ٻارڙيءَ جي بازيابيءَ لاءِ سردار علي گوهر مهر سان به رابطا ڪيا ويا هئا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مهر ڇوڪري جي گهرانب نڪرڻ بعد مهر برادري جا هٿيار بند موٽر سائيڪلن تي نڪري آيا هئا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو