لاهور (ويب ڊيسڪ)درياهه راوي، چناب ۽ جهلم ۾ وچولي کان وڏي ٻوڏ جو خطرو آهي.مختلف ضلعن ۾ برساتن ۽ ڀارت مان پاڻي جي مسلسل آمد سبب دريائن جي سطح ۾ واڌ ٿي رهي آهي.ان صورتحال جي حوالي سان پي ڊي ايم اي لاڳاپيل انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. چناب درياهه ۾ آيل ٻوڏ سبب جهنگ جا 50 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب وڏي ايراضيءَ ۾ تيار فصل متاثر ٿيا آهن، انهن متاثر علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. متاثرن کي آمد و رفت ۽ ضروري شيون حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. چناب درياهه ۾ هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي ۽ پاڻي جي سطح بلند ٿي رهي آهي. ٽنهي هيڊ ورڪس وٽان آمد 115527 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 105027 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. هيڊ سليمانڪي وٽ ستلج درياهه ۾ پاڻي جي سطح هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻي جو اخراج 26 هزار کان وڌي 46 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. ضلعي انتظاميا موجب هيڊ سليمانڪي وٽ پاڻي جي آمد 57196 ڪيوسڪ ۽ اخراج 46186 ڪيوسڪ آهي. انتظاميا ٻڌايو آهي ته بهاولنگر ضلعي جي حدن ۾ ستلج درياهه ۾ هيٺين سطح جي ٻوڏ جو خطرو آهي. ٻئي طرف فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. فلڊ ڪنٽرول روم ٻڌايو آهي ته ڪوٽ مٺن وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 30 هزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 2 لک 10 هزار ڪيوسڪ آهي. هوڏانهن رحيم يار خان شهر ۽ ڀرپاسي جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. برسات سبب رحيم يار خان جي اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.










