راونتي ۾ هلندڙ ويڙھه، رياست ڪٿي گم آھي…؟؟

عبدالحئي ساوند
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ايتري ته خراب آھي جو هر امن پسند ماڻهون چاهي ٿو ته ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن کي چٿي ختم ڪيو وڃي، ۽ ان لاء سخت کان سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، سنڌ جا ماڻهون اهڙو مطالبو ڪندا رهيا آھن خاص طور تي گهوٽڪي ضلعي، ڪشمور – ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ۽ شڪارپور ۾ حالتون تمام گهڻي حد تائين خراب آھن جتي ڪيترائي علائقا نوگو ايريا بڻيل آھن، هڪ طرف وڏيرن جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاء آھي ته ٻئي طرف ڌاڙيلن جو راڄ آھي، ۽ پوليس به ماڻهن کي آزاريندي رهي ٿي، ان سڄي صورتحال ۾ جيڪو رانوتي ۾ واقعو پيش آيو آھي ان حوالي سان ماڻهن جي ڌار ڌار راء آھي، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آھي ته ڌاڙيلن خلاف ڪير به ڪاروائي ڪري ته ان کي روڪڻ نه گهرجي، ۽ ٻين ساڃاهه وندن جو چوڻ آھي ته خانگي هٿياربند جٿن کي اهڙي اجازت ڏئي نٿي سگهجي، ڇو ته ان جي نتيجي ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون!
پاڻ جڏهن سنڌ جي امن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته سنڌ وطن جو نقشو به اکين آڏو اچي وڃي ٿو، سِنڌ جي اُتر واري پاسي سنڌو دَرياهه جي ٻِنهي ڪَپَرَن وارن پاسن جا جيترا دلفريب ۽ من کي موهيندڙ منظر هوندا آھن اوترا شايد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ جا هجن، سنڌُو نديء جي مِٺِي جَل ڌارا جڏهن روجهاڻ کان ٿيندي سنڌ جي پهرين ڇيڙي گُڊو بيراج وٽان سنڌ جي سرزمين ۾ جڏهن سَموئبي آھي ته هڪ عجيب هُڳاءُ مَن کي موهت ڪري وجهندو آھي ۽ مٽيء مان هڪ عجيب مَهڪ اٿي روح کي معطر ڪري وجهندي آھي جيڪا سوز ۽ سرور سان ڀرپور به هوندي آھي ۽ ان مهڪ کي محسوس ڪندي کوڙ سارا سرڦريا لڪير جا فقير ان مهڪ مٿان موهت ٿيندا آھن، سنڌو ندي هزارين ميل سفر طئي ڪري نانگا پربت کان ٿيندي جڏھن پنهنجي سنڌ ۾ پهچي گڊوبيراج کان ڪراس ڪري پنهنجا پرڙا پکيڙي سنڌ جي کيڙين، ڀترن، ۽ واريء سان ڀرپور لٽ جي زمين کي جڏهن پنهنجو آبُ ارپيندي آھي ته اهو منظر به ڪنهن ڪيمرا ۾ فلمبند ڪرڻ جهڙو هوندو آھي، اڄ به سنڌو درياهه جا ڪپر پنهنجي ساوڪ، هريالي، زرخيزي، فصل جي طاقتور پيداوار ذريعي باقي جهان کان مختلف آھن، ۽ شام جي ويل جڏهن سج پنهنجي آخري پساهن ۾ هوندي اڌ هيٺ لهي ويندو آھي ۽ اڌ سنڌ کان اوجهل ٿيڻ جي تياري تي هوندو آھي ته اهو سون جهڙو منظر سنڌوء جي ڪپرن وٽان ايترو ته موهت ڪري وجهندڙ هوندو آھي جو هڪ ڀيرو ان کي ڏسڻ ۽ پنهنجي مَن ۾ سمائڻ بعد اوهانکي ڀلي سمنڊ تان سج جي لهڻ يا اڀرڻ جو منظر ڏسڻون پوي ته به اوهانکي سنڌوء جي ڪپر تان سج لهڻ واري منظر جي سِڪ زري برابر به ڪونه لهندي، ڇو ته سنڌ سڀني کان سهڻي ۽ من موهڻي آھي سنڌ جو چپو چپو ڀتر ۽ ڀينڊ به پنهنجو الڳ مقام رکي ٿو، سنڌ جي ان خوبصورتي سبب اڄ ڪلهه سنڌ مٿان قبضي جون ڪوششون ٿي رهيون آھن، آء نٿو چوان ته ڪو سنڌ مٿان دنيا جو ٻيو ملڪ قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، مگر ايترو ضرور چوندس ته سنڌ جي هن حسين ۽ جميل ڇيڙي مٿان مختلف ڌريون پنهنجي انڌوڪار طاقت ذريعي حاڪميت ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيون آھن تنهن ڪري ئي گذريل ڏهاڪو سالن کان وٺي اتر سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌ جي ٻنهي پاسن جي منڍ وارن ضلعن گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، ۽ سکر ضلعن ۾ بدامني، لاقانونيت، برادري جهيڙن جي باهه جا ڀنڀٽ مچيا پيا آھن، اهي ڌريون ڪير آھن، ڪيئن ٿيون ان راند کي رچائين اهو سڀ ڪو شعور وارو ماڻهون ڄاڻي ٿو ۽ کين سڀني کي سڃاڻي به اٿو، پهريان به هنن علائقن ۾ بدامني عروج تي هئي مگر ڪجهه سالن جي ٺاپر بعد گذريل پنجن سالن کان وٺي ان بدامني ۾ يقدم ايتري ته شدت ۽ تيزي اچي وئي آھي جو اڄ جي هن گلوبل وليج توڙي سوشل ميڊيا جي طاقتور دور ۾ به ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، گهوٽڪي ضلعي جو رونتي جو ڪچو، ڪشمور ضلعي جو گهوڙاگهٽ، شڪارپور ضلعي جو ڳڙھي تيغو، ۽ سکر ضلعي جو شاهه ٻيلو اڄ ڪلهه اغوا انڊسٽريز ۾ ڏيهان ڏيهه مشهور به آھن ۽ کوڙ سارا ڏيهه واسي به اتان چڪر لڳائي آيا هوندا،
گذريل پنجن سالن کان وٺي اهي علائقا ٻريا پيا آھن ۽ گذريل ٽن سالن کان وٺي ته ان ٻريل باهه مٿان پيٽرول هاري اهڙو ته مچايو ويو آھي جو ان جي لپيٽ ۾ کوڙ سارا ساوا ۽ سُڪا به سڙي ڀسم ٿي ويا آھن، هر آئي ڏينهن عورتاڻي آواز تي ماڻهن کي محبتن جي چڪر ۾ وهلور ڪري گهرائي اغوا ڪيو ويندو آھي، ته ڪڏهن وري واپار، ۽ ٻين طريقن ساڻ، ايتريقدر جو هاڻي ملڪ جي قومي شاهراهن، نيشنل هائي ويز، توڙي انڊس هائي ويز تان به روزي مسافرن، ڊرائيورن، مقامي ماڻهن توڙي پرديسين کي به کنڀي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي ڀُنگ جي رقم عيوض انهن مغوين کي عقوبت خانن جي اذيت ناڪ مرحلن مان گذاري انهن جون دل ڏاريندڙ ويڊيوز ڀري وارثن کي اماڻي ڀُنگ جي وڏي رقم وٺي کين ڇڏيو پيو وڃي، ۽ هي راند اڄ به بدستور جاري آھي ان سان گڏو گڏ ڪچي جي ٻنهي ڪپرن ڀرسان آباد قبيلن وچ ۾ معمولي ڳالهين تي برادري ۽ برادرين ۾ مختلف ڌرين جا جهيڙا به ٿيندا رهيا آھن نتيجي طور کوڙ سارا بيگناهه انهن خونخوار جهيڙن ۽ تڪرارن جي آڙ ۾ پکين وانگر شڪار ڪري موت جي ابدي ننڊ سمهاريا پيا وڃن، هن وقت به اتر سنڌ جي ڪچي مان شروع ٿيل نوي کان وڌيڪ ڌرين ۾ جهيڙا هلي رهيا آھن جنهن ۾ هزارين بيگناهه اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن، جنهن جو تفصيل لکنداسين ته معاملو ڪنهن ٻئي طرف هليو ويندو،
قصو ڪوتاهه ته سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري لٽ ڦر ۽ مار ڌاڙ اڄ به پنهنجي اوج تي آھي مگر هاڻي هن راند ۾ ڪجهه طاقتور ڌريون گهڙي پوڻ ڪري هي راند ڪنهن ٻئي رخ طرف وڃڻ جو انديشو ٿي پيو آھي، رونتي جي ڪچي مان شروع ٿيل اغوا انڊسٽري آهستي آهستي پنهنجا پر پکيڙيندي ڊرنگ ملوڪ والي، آندل سندراڻي، ڇهون بلاڪ، نانگ واهه، دمدمون، قادرپور، جانڻ واسو، ڪچو ٻنڊي کان ٿيندي مهيسرو ڪراس ڪري دودلي تائين وڃي پهتي آھي ۽ ڪيترائي نوان ڏوهاري گينگ پرگهٽ ٿي ڪاروائيون ڪرڻ ۾ لڳي پيا آھن جن جي عملن سان گهوٽڪي ضلعو ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو پوري سنڌ ۽ خاص ڪري پاڪستان ۾ چڱان خاصا مشهور ٿي ويا آھن ۽ ماڻهن هنن علائقن ۾ اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي، ايتريقدر جو مسافرن به رات جو هنن علائقن مان سفر ڪرڻ کان زاري ڪري ڇڏي آھي، ڇو ته ويجهڙ توڙي هينئر به حالات ئي اهڙا آھن جو ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش به اچي سگهي ٿو، سو ڪجهه مهينا پهرين سکر ملتان ايم فائيو موٽروي تي ڌاڙيلن ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جي نيت سان ڪاهه ڪئي ته گاڏي نه روڪڻ جي صورت ۾ هڪ ڪرولا ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ ڳڀرو نوجوان قتل ٿي ويو ۽ ان جا ڪجهه ساٿي پڻ زخمي ٿي پيا هن واقعي بعد جڏهن ان فوتي جوان جو مڙھ ضروري ڪاروائي لاء اسپتال جي سرد خاني ۾ آندو ويو ته سندي سڃاڻپ بلوچ قبيلي جي بگٽي زات جي ڪلپر پاڙي جي سردار جلال خان ڪلپر جي نوجوان پٽ عبدالرحمان ڪلپر بگٽي طور ٿي ۽ هي معاملو اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا تي وڏو هائي لائيٽ به ٿيو، ڪپلر بگٽي سردار جي پٽ جي قتل واري واقعي بعد بگٽي قبائل جي سوين ماڻهن تڏهوڪي ايس ايس پي انور کيتران سان ملاقات ڪري قاتلن جي نشاندهي ۽ انهن کي عبرتناڪ مقام تي پهچائڻ جي گهر ڪئي، تڏهوڪي ايس ايس پي انور کيتران جي دور ۾ هن واقعي جي شر گينگ جي ڌاڙيلن سميت ٻين ڏوهارين مٿان زميواري مڙهي ڪيس به داخل ڪيو ويو ۽ چند ڏينهن بعد ٽن ڄڻن کي پوليس مقابلي ۾ ماري بگٽي سردار جي مقتول پٽ جي قتل ۾ ملوث ڄاڻائي سرڪار کان ڦر ٿيل هٿيار هٿ اچڻ جي دعوى پڻ ڪئي وئي مگر گهوٽڪي پوليس جي اهڙي وڏي ڪاروائي باوجود به بگٽي برادري ڪٺ ڪوٺائي اهو فيصلو ڪيو ته شر گينگ جي ڏوهارين کان ان واقعي جو پلاند ورتو ويندو، ۽ هن ڪٺ بعد شرن جي سردار شهريار شر ۽ تيغاڻين جي سردار تيغو خان تيغاڻي کي به ڌمڪين جا ويڊيوز پڻ وائرل ٿيندا رهيا، تازو ڪجهه ڏينهن اڳ سردار شهريار خان شر، علائقي جي معززين کي ساڻ ڪري ڪري مقتول عبدالرحمان ڪلپر بگٽي جي والد جلال خان ڪلپر بگٽي ۽ بگٽي قبيلي جي ٻين معززين سان ڳالهيون ڪري راڄوڻي طور مِتِيُون ڏئي پنهنجي جان آجي ڪرائي آيو ڪوشش اخبار ۾ شايع ٿيل خبرموجب ته شهريار خان شر پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي ٻين فردن جي طرفان بگٽين کي خاطري ڪرائي ته آء ۽ منهنجي خاندان جا ٻيا فرد ڪنهن به طرح مقتول عبدالرحمان ڪلپر بگٽي جي قتل ۾ ملوث ناهيون ۽ اوهين سمجهو ٿا ته جيڪي چند شر ڌاڙيل ان واقعي ۾ ملوث آھن ته اوهان انهن خلاف ڀلي ڪاروائي ڪريو منهنجو انهن سان ڪو به تعلق نه رهندو، شهريار خان شر جي اهڙي صفائي ڏيڻ جي چند ڏينهن بعد رونتي جي ڪچي ۾ هي نئون ٽاڪوڙو مچي ويو آھي بگٽي برداري جي سوين هٿياربندن پوليس جي مدد سان رونتي جي ڪچي ۾ وڏي ڪاهه ڪري شرن سان ويڙھ شروع ڪري ڏني آھي چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته بگٽين سان گڏ پنجاب ۽ سنڌ پوليس به شرن سان وڙھي رهي آھي ۽ بگٽين ۽ شرن جي هن ويڙهه ۾ مبينه ڏوهاري ثناء الله عرف ثنو شر جو ڀاء عالم شر ۽ هڪ عالم دين پيرسن نظير احمد شر پڻ مارجي ويا آھن ۽ هن ويڙهه ۾ مبينه ڏوهاري ڪُرِي شر پڻ زخمي ٿي پيو آھي، بگٽين ۽ شرن جي ويڙهه ۾ ٻن ڄڻن جي مارجڻ بعد پنجاب ۽ گهوٽڪي پوليس پاران مقابلن جي دعوى پڻ ڪئي پئي وڃي ۽ ٻڌڻ پيو اچي ته بگٽي، شر ڌاڙيلن سان وڙھڻ لاء ڪيمپون قائم ڪري ويهي رهيا آھن، سوشل ميڊيا تي عجيب و غريب تبصرا ٿي رهيا ۽ مختلف ويڊيوز پڻ وائرل ٿي رهيا آھن، ۽ جيترا وات اوتريون ڳالهيون پڻ ٿي رهيون آهن، هڪ طرف بگٽين جي هلان جي حمايت ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف شر ڌاڙيلن مٿان بگٽين جي حملي کي سنڌ مٿان هلان تصور ڪيو پيو وڃي،
پاڻ لڪير جا فقير به ان معاملي تي فڪرمند آھيون ته آخر هي ڇا ٿي رهيو آھي ۽ ڇا ٿيڻ پيو وڃي، ڪٿي ائين ته ناهي جو ان واقعي ۾ ڪا اندروني سازش ته لڪيل ناهي، پاڻ کي پريشاني ان ويل وڪوڙيو جڏهن سوشل ميڊيا ذريعي پوليس جي اي پي سي چينن ۽ بڪتربند گاڏين ۾ بگٽي هٿياربندن کي ويٺل ڏٺوسين، بلوچ سردار جي پٽ جي نوجواني واري دردناڪ قتل جو پاڻ کي به تمام گهڻو ارمان آھي، مگر هن قتل بعد شرن جا به ٻه قتل ٿيا آھن، پاڻ کي الائي ڇو هڪ وڏي خونريزي نظر پئي اچي، ڇو ته عالم شر جي مارجڻ بعد مبينه ڌاڙيل ثناء الله عرف ثنو شر به ويڊيو بيان جاري ڪيو آھي جنهن ۾ هو چوي پيو ته جلال خان ڪلپر جي پٽ عبدالرحمان ڪلپر بگٽي جي پٽ ۾ آء ڪنهن به طرح ملوث ناهيان هن قتل جي جاچ ڪئي وڃي ۽ آء هن قتل بابت باهه جي چُرٻيلي ساک ڏيڻ لاء به تيار آھيان ته آء قتل ۾ ملوث ناهيا تنهن جي باوجود به پنجاب پوليس منهنجا 3 ماڻهون اڳ ۾ ماريا ۽ هاڻي بگٽين منهنجو ڀاء ماريو آھي، آء ڪٿي به نِيتِ ڏيڻ لاء تيار آھيان اگر مون مٿان ڪلپر سردار جي پٽ جو خون ثابت نه ٿيو ته پوء بگٽي به مونکان پري ناهن، هن سموري معاملي ۾ پاڻ کي رياست جي ناڪامي چئجي يا هٿ سان اختيار ڪيل خاموشي نظر اچي رهي آھي، توڙي جو رياست جي اها زميواري آھي ته رياست جي اندر گروهي طور تي رياست قائم ڪندڙ گروهن کي سختيء سان ڇٿيو وڃي مگر پاڻ وٽ ان جي ابتڙ، “جس ڪي لاٺي اس ڪي ڀينس” وارو ڪم هلي رهيو آھي، جتي رياست کي پنهجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي اتي رياستي ادارن جي خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي، سرڪار کي گهرجي ته هي هڪ سنگين معاملو آھي ۽ هن جي پس پردهه هن معاملي جي پويان وڏيون ۽ طاقتور ڌريون به شامل ٿي سگهن ٿيون، سو هينئر به وقت ناهي ويو، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي زميواري به اوهان مٿان آھي شر هڪ امن پسند برادري آھي سڀئي ڌاڙيل به ناهن بگٽي به محب وطن آھن رياست کي گهرجي ته انهن جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ چند ئي ڌاڙيلن خلاف بيرحم آپريشن ڪري امن جي ڌرتي سنڌ کي خونخوار هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ واسي ۽ ڪچي توڙي پڪي جا ماڻهون امن ۽ شانتي سان رهي سگهن، صاف ظاهر آھي ته جڏهن سنڌ ۾ يا سڄي ملڪ ۾ امن امان هوندو ته پوء اسانکي ترقي ۽ خوشحاليءَ کان ڪير به روڪي نه سگهي

پهنجو تبصرو موڪليو