رامجي ڪولهي جي پهرين ورسي تي ساٿين پاران خراج پيش

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) ھاري اڳواڻ ڪامريڊ رامجي ڪولھيءَ جي پھرين ورسيءَ تي عوامي تحريڪ طرفان پنگريو لڳ سندس آخري آرامگاھ تي گلن جي چادر چاڙھي جلسو ڪيو ويو . عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار خطاب ڪندي چيو ته رامجي سنڌ جي قومي طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھدن جو اڏول ڪردار ھو ۽ رسول بخش پليجي جي پورھيت انقلابي نظريي جو وفادار، سچو، کرو ۽ کاھوڙي اڳواڻ ھو. ڪامريڊ رامجي ڪولھي ساھ جي آخري پساھ تائين پارٽي سان گڏ رھيو ۽ سنڌ جي قومي طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھد ۾ سرگرمي سان حصو وٺندو رھيو. هنن چيو ته سنڌ جي عوام کي منصوبا بندي سان ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آھي. ڌاڙيل ديده دليري سان مسڪين ماڻھن کي اغوا ڪري پوءِ لکين روپيا ڀنگ وٺن ٿا. ڌاڙيلن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو آھي، صوبائي توڙي وفاقي حُڪومت ڌاڙيلن ۽ انھن جي سھولتڪارن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. هن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. سنڌ جي پوڇڙي وارن ضلعن ۾ پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي بيگم زئور جاکرو نوحاڻي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، اياز کوسو، ڇگن ڪولھي، مھراڻ درس، پرشوتم ھيرا لال ڪولھي ايڊووڪيٽ فاضل زئور ايڊووڪيٽ اميد علي رند ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنھور غلام مصطفيٰ رند سريش ڪمار ڪيلاش ڪمار اميربخش جروار, محبت ھاليپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو ۽ رامجي ڪولهي کي زبردست خراج پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو