راجن پور ۾ بس ڊرائيور جي ننڊ سمهڻ سبب 5 مسافر فوت

راجن پور (ويب ڊيسڪ)راجن پور جي علائقي فاضل پور ۾ تيز رفتار مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت به شامل آهي، حادثي ۾ ڪل 5 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.ڊسٽرڪٽ انچارج ريسڪيو ڊاڪٽر اسلم موجب حادثو فاضل پور ۾ ڊرائيور کي سمهڻ سبب پيش آيو.حادثي بعد ريسڪيو اهلڪارن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ضلعي ۽ تعلقي اسپتال فاضل پور منتقل ڪيو.ڊاڪٽر اسلم جو چوڻ آهي ته بس ۾ سوار مسافر سخي سرور کان جيڪب آباد وڃي رهيا هئا ته سندن بس کي حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو